شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

اڱارو - 17 - سيپٽمبر - 2019ع

ناول مري جِي ڏٺوسين تي ھڪ نظر


صبح 01 لڳي 49 منٽ -جمعو 29 مارچ 2019  397 
image-1

حشو ڪيولراماڻي انسانن جي عزت، آجپي، خوشحالي، آزاد هوا ۾ ساهه کڻڻ ۽ سکي، ستابي، سرسبز سنڌ ڌرتيءَ جي تحريڪ جو هڪ اهم ڪردار رهيو آهي. سندس ذهانت مخصوص عرصي ۾ کيس سج جيئن چمڪائي ڇڏيو.

پر ڌرتيءَ سان اهڙو عشق ۽ کاٻي ڌر جو متحرڪ ڪارڪن هجڻ سندس وڏو ڏوهه بڻجي ويو، هڪ خوف، خطري ۽ ڀيانڪ دور انديشي سبب کيس جلاوطن ڪيو ويو. اهڙن ئي سياسي، انقلابي جلاوطننِ جي لاءِ فيض احمد فيض لکيو آهي ته؛

آخر شب کے ہمسفر فیض نہ جانے کیا ہوئے رھ گئی

کس جگہ صبا صبح کدھر نکل گئے

اهو خواب تعبير تائين ڇو ڪونه پڳو، ان جي تعبير طرف ڊوڙندڙ هڪ ديواني سان ڇا ٿيو ان جي پسمنظر ۾ محترم ايوب کوسي ناول ’’ مري جِي ڏٺوسين ‘‘ لکيو آهي، ايوب کوسو بنيادي طور شاعر آهي، مزاحمتي شاعري ۾ سندس هڪ الڳ سڃاڻپ آهي. هن کان اڳ سندس هڪ ناول ’’ وڃايل وارث ‘‘ ڇپيل آهي.

سنڌ جي ورهاڱي حشوءَ کي حواس باخته ڪري ڇڏيو هو. ادارن جي جبر، ظلم، ذهني ۽ جسماني تشدد جتي کيس اڌ مئو ڪري ڇڏيو هو، اتي دوستن ۽ مٽن جي روين کيس مڪمل مايوس ڪري ويرانين جي کنڊرن ۾ اڇلائي ڇڏيو هو. جڏهن رات ٿيندي هئي ته انڊيا جي شمشان گهاٽن ۾ هڪ انقلابي، آدرشي انسان پنهنجي اندر پڄرندي تارن سان ڳالهيون ڪندي پوئين پهر ۾ ننڊ جي حوالي ٿيندو هو، ۽ ڏينهن جو بک سان جنگ وڙهندي دوستن جي رحم ڪرم سان زندگي جا المانڪ ڏينهن گهاريندو هو.

هڪ شاعر طرفان ناول جي صنف ۾ هي خوبصورت واڌارو آهي. سوانحي ناول pre-planned هوندو آهي، سو ان ناول جي پنهنجي هڪ الڳ رس – چس ۽ خوشبو هوندي آهي. ايوب کوسي هي ناول لکي هڪ تاريخي ڪم سرانجام ڏنو آهي. مسلسل 18 بابن تائين روپ ڪامناڻي ( حشوءَ جو رول) ناول جو مکيه ڪردار رهيو آهي، جيڪو ڪڇ رڻ مان سنڌ طرف پيادل نڪري ٿو. ۽ پوءِ رستي ۾ مري وڃڻ جي خبر ڦهلجي وڃي ٿي.

اُهو ساڳيو حشو سنڌ ۾ معجزاتي طور مختلف جڳهين تي سياسي، ادبي ۽ صحافي دوستن کي نظر اچي ٿو. مون هي ناول ايئن پڙهيو آهي، جيئن مخالف هوائن جو زور هجي ۽ ٻيڙي هلائي درياءُ پار ڪرڻو هجي.

هي ناول هڪ خشڪ ناول محسوس ٿيو اٿم، شايد پنهنجي موضوع جي انفراديت جي ڪري ايئن آهي. حشو جي دردناڪ زندگيءَ جي ڪهاڻي سان ٻئي ڪهاڻي کي به ناول جو حصو ڪيو ويو آهي. ۽ 19 باب کان ضمير ( ٻيو مک ڪردار) کي گهڻي اهميت ڏئي ليکڪ ناول جي روح کي ڇيهو رسايو آهي. اگر هي ناول صرف حشوءِ جي الميي تائين محدود رکيو وڃي ها ته هڪ ڀرپور ناول ثابت ٿئي ها. ليکڪ جيڪا غير سنڌي عورتن جي فحش هجڻ جي تصوير پينٽ ڪئي آهي، اها پڻ ناول جي سونهن وڌائي نه سگهي آهي.

اگر، ضمير ۽ ٻن غير سنڌي عورتن واري حصي کي الڳ لکجي ها ته هڪ ٻيو سٺو ناول ٿي پئي سگهيو. الاءِ ڇو ’’ مري جي ڏٺوسين‘‘ ناول ۾ اداسيءَ جون موسمون ناهن، حشو جنهن جو روح ويران – سنسان هو. هُو ڪنهن بيابان ۾ لٽڪندڙ اڪيلو اداس روح هو. ٻن ڪردارن جو حادثاتي موت به ناول کي اداسي جي رنگ ۾ ناهي رنگي سگهيو پر، ٻن خودڪشين ناول جي ڪلائمڪس کي سوڳوار ضرور ڪيو آهي. حشوءَ جي زندگي جي دردن، اهنجن، ڏکن ۽ ڏولاون سچين ساٿين ۽ ادب دوستن جي هانءَ ۾ هٿ وڌو آهي. حشو، جيڪو پنهنجي اندر جي ويرانين ۾ ڀٽڪندي ڏيکاريو ويو آهي، الاءِ ڇو اهڙي ڀٽڪڻ جو بيان جيءُ جهوري نه سگهيو آهي. آخر ۾ حشوءَ جي قبر جو قطبو، جيڪو هُن سنڌ جي ڏاهي علامه آءِ آءِ قاضي کي خط ۾ لکيو هو: ’’ هتي اهو ماڻهو رکيل آهي، جن کيس گهڻو پيار ڪيو ٿي، انهن کان ڀڄي ويو، ان ڳالهه جي ڳولا لاءِ ، جنهن جو کيس پاڻ پتو نه هو‘‘.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment