شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

اربع - 19 - جون - 2019ع

ضراب حيدر جي ڪھاڻين تي ھڪ نظر


شام 12 لڳي 17 منٽ -اڱارو 19 مارچ 2019  226 
image-1

ڪتاب: حيدرآباد

ليکڪ: ضراب حيدر

صنف: ڪھاڻيون

صفحا: 225

ڇپائيندڙ: سچائي اشاعت گھر، دڙو

سال: 2018

”حق تي دنيا توھان تي ملامت ڪندي آھي ۽ توھان کي ٿڪون ھڻندي آھي، توھان کدڙا ھوندا ئي بي شرم آھيو، نھ ڪنھن جي عزت جو خيال ھوندو اٿوء ۽ نھ وري ڪنھن جي لڄ جو احساس.“

اھو آھي ضراب حيدر جي لفظن جو جادو جيڪو پڙھندڙ کي ڪيتري ئي وقت تائين جڪڙي رکي ٿو. اھڙي ريت ان ساڳي ڪھاڻي ”نِماشام جسم“ جو ھي جملو بھ ڪمال آھي: ”ھاءِ ھاءِ! گھر جو چشم و چراغ! شڪر آھي ڪنھن تھ اسان کدڙن کي گھر جو چشم و چراغ سمجھيو.“

يا وري: ”تون عورت آھين ۽ مان کدڙو. توکي ھيٺان سمھاريندڙ ۽ مون کي اونڌو ڪندڙ مرد ساڳيو ئي آھي.“

ڪجھ وقت اڳ ڪينجھر رسالي جي ڪنھن شماري ۾ مون سنڌي ٻوليءَ جي خوبصورت ڪھاڻيڪار ضراب حيدر جي ڪھاڻي ”حيدرآباد“ پڙھي ھئي ۽ پڙھڻ سان ئي ھڪ الڳ دنيا ۾ ھليو ويو ھوس. اھا ڪھاڻي سنڌ جي سھڻي شھر حيدرآباد جي تاريخ تي لکيل آھي جنھن ۾ پڪي قلعي جي اھميت کي نروار ڪيو ويو آھي. سوشل ميڊيا تي ان ڪھاڻيءَ جي حوالي سان مون راءِ ڏيندي لکيو ھو تھ ضراب حيدر جي ڪھاڻي حيدرآباد منھنجي نظر ۾ سنڌي ٻوليءِ جي ڪلاسڪ ڪھاڻي آھي ۽ ان کي ضرور بھ ٻين ٻولين ۾ ترجمو ٿيڻ گھرجي.

ڪجھ وقت اڳ اھو ڄاڻي خوشي ٿي تھ محترم ضراب حيدر جي ڪھاڻين جو نئون ڪتاب ڇپجي پڌرو ٿيو آھي ۽ ان جو نالو ”حيدرآباد“ آھي. ھن ڪتاب ۾ مختلف موضوعن تي ضراب حيدر جون 15 ڪھاڻيون: ڇوڪري شينھن ٿي نھ سگھي...!! نِما شام جسم، بِڪاز ماءِ ھارٽ از بروڪن، منڇر، حيدرآباد، رھجي ويل ٽائٽينڪ لمحو، عاقبت جو ترشو، طالبان، گڊ لڪ، ميٽني شو، ھڪ غريب دور جي امير ڪھاڻي، ھوائن جي ايوان ۾ وڃائجي ويل ڪھاڻي، اچيومنٽ، دل چريءَ جو فيصلو ۽ ھڪ سراب جو الميو شامل آھن.

ھن ڪتاب جي پھرين ڪھاڻي ڇوڪري شينھن نھ ٿي سگھي تي مان آخر ۾ راءِ ڏيندس، جڏھن تھ نِما شام جسم اھڙي ڪھاڻي آھي جنھن جو ذڪر مان وري وري بھ ڪريان تھ بھ گھٽ ھوندو. سنڌي سماج ۾ جيڪا ڄٽڪي ۽ فرسودا سوچ ڪنھن آمر جيان بنا ڪنھن جواز جي راڄ ڪري رھي آھي، ان کي وائکو ڪرڻ لاءِ ضراب حيدر جي ھي ھڪڙي ڪھاڻي ئي کوڙ آھي. ڪھاڻي جي منڍ کان وٺي پڄاڻي تائين اسان جي معاشري ۾ عورت جي بي وسي ڏسي روح ئي ڏڪي وڃي ٿو، پوءِ ڀلي اھا عورت ھڪ کدڙي جي ماءُ ھجي يا وري صابو جھڙي وحشي مرد جي زال ھجي.... عورت جو درد ساڳيو ئي آھي. ھي ڪھاڻي سنڌي سماج جي ڪجھ اھم مسئلن جھڙوڪر: ڇوري بازي، کدڙن سان عاشقي ۽ عورت کي ڪاري ڪري مارڻ تي اشد آڱر کنيو بيٺل نظر اچي ٿي ۽ ڪھاڻي جا پڄاڻي وارا منظر تھ صفا دل کي ڏکائي ڇڏين ٿا.

ڪھاڻي ”منڇر“ بھ ڀلوڙ ڪھاڻي آھي، منڇر جي تباھي کان ويندي نوريءَ جي جسم فروشيءَ تائين ھي ڪھاڻي نرالي انداز ۾ لکيل آھي، جيڪا بڊي جبل جي ذڪر کان شروع ٿي منڇر تي اچي دنگ ڪري ٿي. ھي ڪھاڻي احساسن جي ڪھاڻي سان گڏ مھاڻن جي منڇر سان عشق جي شاھدي بھ ڏئي ٿي.

حيدرآباد ڪھاڻي جو ذڪر مان اڳ ئي ڪري آيو آھيان، اھا ھڪ ڪلاسڪ ڪھاڻي آھي، خاص ڪري نصابي ڪتابن ۾ سنڌ جي مسخ ٿيل تاريخ پڙھائڻ وارو منظر تي اکيون ڳوڙھن سان ڀرجي ويون.

بِڪاز ماءِ ھارٽ از بروڪن: ھي يونيورسٽي جي پسمنظر ۾ لکيل سھڻي رمانوي ڪھاڻي آھي، جنھن ۾ ھڪ ڦٽيل عاشق سان زوبيا نالي ڇوڪري ملي ٿي ۽ ان ھمراھ جنھن پاڻ سان وري ڪڏھن بھ عشق نھ ڪرڻ جو وچن ڪيو ھڪ ڀيرو ٻيھر عشق جي واديءَ جو راھي بڻجي ٿو. پر محبت جي ديوي ھر ڀيري جيان ھن ڀيري بھ ھُن کان روٺھل ئي رھي ٿي. ھڪ روڊ حادثي ۾ زوبيا جون ٽنگون ڪٽجي وڃن ٿيون ۽ ھوءَ خودڪشي ڪري پنھنجو انت آڻي ٿي، ھي ڪھاڻي احساسن ۽ جذبن سان ڀريل ڪھاڻي آھي.

اھڙي ريت رھجي ويل ھڪ ٽائٽينڪ لمحو بھ يونيورسٽيءَ جي پسمنظر ۾ لکيل اڻپوري چاھتن جي ڪھاڻي آھي. ان ۾ سنگيت ۽ سندس پيءَ جا احساس پڙھي اکين مان ڳوڙھا وھڻ لڳن ٿا. ھي ڪھاڻي پڙھي اھو بھ احساس ٿئي ٿو تھ ھڪ نسل کان ٻي نسل تائين محبت ۾ وڇوڙي جو درد ساڳيو ئي آھي، پوءِ ڀلي اھا محبت ڪينٽين واري نواب چانڊئي جي ڇو نھ ھجي.

ھڪ ٻي ڪھاڻي جنھن منھنجو ڌيان پاڻ ڏانھن ڇڪايو اھا ھئي عاقبت جو توشو، ھي ٻھراڙيءَ جي پسمنظر ۾ لکيل ھڪ دلڪش ڪھاڻي آھي جيڪا انسان جي جنسي انڀڻت تان پردو کڻي ٿي. رئيس خميسو خان جڏھن سونڻ وٽان پنھنجي جنسي تسڪين پوري ڪري گھر ڏانھن وري ٿو تھ پنھنجي زال کي ٻنيءَ مان نڪرندو ڏسي ٿو، ھن جي پٺيان دوسو ڪڙمي بھ نظر اچيس ٿو. جنھن تي سندس غيرت جاڳي ٿي پئي ۽ دوسو کي ڪارو ڪري ماري ٿو ڇڏي. تان جو ھن ڪھاڻي جو موضوع نئون نھ آھي، پر ڪھاڻي جي ٽريٽمنٽ شاندار رکي وئي آھي جيڪا ھن ڪھاڻي جي ڪاميابي آھي.

مون جنھن مھل ڪھاڻي طالبان پڙھڻ شروع ڪئي تھ ائين لڳم ڄڻ ڪنھن بين الاقوامي ادب جي ڪا ڪھاڻي پڙھي رھيو ھجان ۽ دل ان ڳالھ تي خوش ٿيڻ لڳي تھ سنڌي ادب ۾ بھ بين الاقوامي معيار جون ڪھاڻيون لکجن پيون. ھي ڪھاڻي گلنار نالي عورت جي دردن جي ڪٿا آھي، جنھن جي شادي ھڪ طالبان سان ٿيل آھي.

ھن ڪتاب جي پھرين ڪھاڻي ڇوڪري شينھن ٿي نھ سگھي....!! منھنجي نظر ۾ ٻين ڪھاڻين جي ڀيٽ ۾ ڪمزور ڪھاڻي آھي، تان جو ھي ڪھاڻي حيدرآباد ۾ رھندڙ اردو ڳالھائيندڙن جي مسئلن جي عڪاسي ڪري ٿي پر ھي ڪھاڻي اھو اثر نٿي ڇڏي جيڪو ڪجھ ٻيون ڪھاڻيون ڇڏين ٿيون.

منھنجي نظر ۾ ضراب صاحب جون ڪھاڻيون طالبان، حيدرآباد، نِما شام جسم ۽ منڇر ضرور بھ ٻين ٻولين ۾ ترجمو ٿيڻ گھرجن. اھي ڪھاڻيون منھنجي حساب سان موجودا دور جي سنڌي ادب جي نمائندگي ڪندڙ ڪجھ ڪھاڻين مان آھن. ھن ڪتاب ۾ ڏنل ڪھاڻيون سنڌو جي وھڪري جيان آھن جن جي سحر ۾ پرھندڙ پاڻ مرادو ترندو ٿو وڃي.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment