شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

ڇنڇر - 25 - مئي - 2019ع

زينب ڀيو ڪيس ۾ ٽن ڄڻن کي ڦاهي ۽ هڪ کي جنم ٽيپ جي سزا ٻڌائي وئي

تازھ ترين

سنڌي ادب جا ڪجهه وڻندڙ ناول


صبح 02 لڳي 42 منٽ -اربع 13 مارچ 2019  454 
image-1


 

ادب ۾ ناول افسانوي لکڻي جي هڪ بهترين صنف آهي. اڄ جڏهن سموري دنيا جي ادب ۾ ناول ڇانيل آهي ته اهو عمل رات پيٽ ۾ نه ٿيو آهي پر ناول پنهنجو اهو سفر مختلف مرحلن ۾طئي ڪيو آهي. ناول جي جيڪا هن وقت شڪل صورت اسان کي نظر اچي رهي آهي، اها مختلف مرحلن ۽ تجربن مان ٿيندي پوءِ اسان تائين پهچي آهي.

نفسياتي، سماجي، انقلابي، پرچارڪ ۽ رومانوي ناولن ادب ۾ پنهنجو پاڻ مڃايو آهي ۽ اڄ به جيڪڏهن نوبيل پرائيز يا بوڪر پرائيز ڪنهن صنف وڌ کان وڌ ماڻيو آهي ته اهو ناول ئي آهي. پر ناول لکڻ جيئن ته اڪ جي ماکي ناهي تنهنڪري ان کي لکڻ لاءِ ضروري آهي ته انهن سمورين گهرجن کي ذهن ۾ رکيو وڃي، جيڪي هڪ ناول کي ناول طور سرجڻ ۾ مددگار ثابت ٿين ٿيون.

دنيا جي هر اها ٻولي جيڪا لکت ۾موجود آهي، ان ۾ اسان کي ناول ضرور پڙهڻ لاءِ ملي ٿو. پر هي هڪ اهڙي صنف آهي، جنهن ۾ ان جو انگ ڀلي ڪيترو به گهڻو ڇو نه هجي پر سدائين ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ناول ئي ذڪر ۾ ايندا آهن. جڏهن سوويت يونين وارو زمانو هو ته روسي ادب ۾ ناول جو راڄ هوندو هو، اهو کاٻي ڌر جو نظرياتي ادب هو پر ان ناول ۾ جيئن ته رڳو نظريو نه هو پر ڪهاڻي به هئي تنهنڪري ان زماني جو ناول اڄ به پڙهڻ ۾ هڪ پڙهندڙ کي مزو ڏئي ٿو. پر جيڪڏهن ڪنهن به ناول ۾ ڪهاڻيءَ کي بيان ئي نه ڪيو ويندو ته اهو نثر جي بي معنيٰ لکڻي ٿي ويندو آهي.

سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان اهو جملو گهڻو ڪري لکيو ويندو آهي ته اسان وٽ ناول گهٽ لکيو ويو آهي پر آئون سمجهان ٿو ته اسان وٽ سٺو ناول بنهه گهٽ لکيو آهي. ان جا بنيادي ٻه سبب آهن، هڪ ناول محنت طلب ڪم آهي ۽ ٻيو ناول لکڻ جهڙو پورهيو ڪرڻ تي ڪنهن به قسم جو اجورو نه ملندو آهي.

دنيا جي ٻين ٻولين وانگر سنڌيءَ ۾ به ناولن جا مختلف دور رهيا آهن ۽ ان کانسواءِ ناول نگار تجربا به ڪندا رهيا آهن. پر هڪ دور سنڌي ادب ۾اهڙو به رهيو آهي، جو ناول بنهه غائب ٿي ويو هو. پر هاڻ هڪ ڀيرو وري ناول نگاريءَ ڏانهن ڪن ليکڪن موٽ کاڌي آهي ۽ اهي ناول لکڻ جو ڪم جاري رکندا اچن. پر هن بلاگ ۾ آئون ڪجهه سنڌي ٻوليءَ جي انهن ناولن جو ذڪر ڪرڻ گهران ٿو، جيڪي ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان سٺا ناول رهيا آهن، اهي پنهنجي موضوع، پلاٽ ۽ ڪهاڻي ۾ بهتر سمجهيا وڃن ٿا، هي بلاگ جو پهريون حصو آهي، جنهن ۾ ڪجهه ناول شامل ڪيا ويندا، جڏهن ته ٻيا ناول پوءِ شامل ڪيا ويندا، ان کانسواءِ سنڌيءَ جي اڻوڻندڙ ناولن جو به ڪنهن ايندڙ بلاگ ۾ ذڪر ڪيو ويندو.


 

اوڙاهه- حليم بروهي

 

هي ناول نفسياتي موضوع تي لکيل هڪ اهڙي ماڻهوءَ جي ڪهاڻي آهي، جنهن کي لڳي ٿو ته هو چريو ٿيڻ وارو آهي. سندس جنسي لاڳاپا مختلف وقتن ۾ عورتن سان رهيا آهن، جن جو ذڪر هو ڪندو رهي ٿو، ايستائين جو هن پهريون ڀيرو جنهن عورت سان ننڍي ڄمار ۾ جنسي عمل ڪيو هو، ان جي يادگيري به کيس چڱي ريت آهي. هڪ ئي سيٽ تي بيان ڪيل ناول ۾ ڪردار ئي پنهنجي ڪهاڻي ٻڌائيندو رهي ٿو. پر جيئن ته هو اڪيلائي جو شڪار ٿي ويو آهي، تنهنڪري هو نفسياتي طور پاڻ کي ڪمزور به محسوس ڪري ٿو. سنڌي ۾ اهڙي ٽيڪنيڪ تي شايد ئي اهڙا ناول لکيل هجن. سموري ڪهاڻي فليش بيڪ ۾ هلي ٿي. هو جن جن عورتن سان جنسي لاڳاپا رکي ٿو، انهن سمورين جا قصا بيان ڪيا آهن. هن ناول جي سيٽنگ گهڻي ڀاڱي هڪ ئي جاءِ تي ويٺل مرڪزي ڪردار تي آڌاريل آهي. ناول ۾ نه فقط جنسياتي نه پر نفسياتي پاسن کي به چڱي ريت بيان ڪيو ويو آهي. اوڙاهه ناول سنڌي جو هڪ بهترين ناول آهي. آخر ۾ ڪردار نيٺ انهي پاڳل خاني ڏانهن هليو ٿو وڃي، جنهن جي حوالي سان هو ناول ۾ ذڪر ڪندو رهندو آهي. هي ناول انسان جي جنسياتي نفسيات کي تمام بهتر انداز ۾ بيان ڪري ٿو ۽ ناول آخر تائين پڙهڻ ۾ مزو ڏئي ٿو ۽ حليم بروهي جيئن ته هڪ تخليقي ذهن ۽ جينيئس ماڻهو هو تنهنڪري هن کي اها به ڄاڻ هئي ته اهڙي قسم جو ناول ڪيئن لکي سگهجي ٿو. جڏهن ته سنڌي ۾ ساڳي نالي سان غلام نبي مغل جو به ناول لکيل آهي، پر ان جو موضوع سنڌ جي تاريخ جو سياسي ۽ سماجي پسمنظر آهي.

 

ساهه مٺ ۾- ماڻڪ

 

سنڌ جي سياسي صورتحال ۽ قومي سوال تي جيڪي ناول سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيا ويا آهن، انهن مان ماڻڪ جو ”ساهه مٺ ۾“ تمام بهترين ناول آهي. هي هڪ اهڙي ڪاليج جي استاد جي ڪهاڻي آهي، جيڪو سياسي ۽ قومي شعور کان واقف آهي پر هو لاڳيتو نفسياتي مونجهارن جو شڪار رهي ٿو. رياستي سطح تي جيڪا ڳجهي نموني ماڻهن جي جاچ ڪئي وڃي ٿي، انهي ڪري هو ايترو ته خوف ۾ ورتل نظر اچي ٿو جو کيس پنهنجي پاڇي کان به ڊپ ٿيندو آهي. هن کي هر وقت اهو ئي محسوس ٿيندو آهي ته ڪو سندس پيڇو ڪري رهيو آهي ۽ ”ڀتين کي به ڪن ٿيندا آهن“ جهڙو جملو بار بار ورجائي ٿو ڇو ته کيس خوف هوندو آهي ته ڪو سندس ڳالهيون ٻڌي رهيو آهي. پنهنجي زال جي ڀاڪر ۾ سمهڻ وقت به کيس ايئن لڳندو آهي ته هن جي جاسوسي ٿي رهي آهي. جڏهن کيس اوٿارا اچن ٿا ته هن جي ڪيفيت اڃا به خراب ٿي وڃي ٿي. هڪ جاءِ تي لکي ٿو ”ڪئا قطارن ۾، ڪوئن جو رنگ خاڪي، خاڪي ورديءَ ۾ پريڊ، قطارن ۾ پريڊ، ٺڪ. ٺڪ. ٺڪ. ٺڪ. ٺڪ... بوٽن جا ڳرا آواز، ڪئا پليگ آڻيندا آهن. ڌپ ماڻهن جا لاش، ٿلها ڪوئا، مڇن سان، پٽيندڙ ماڻهن جا لاش....“

ماڻڪ جي لکڻ جو اسلوب پنهنجو ئي هو. هن پنهنجي ناول ۾ ننڍن جملن سان اهڙا تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جو ناول پڙهڻ وقت ماڻهو کي ايئن لڳي ٿو ڄڻ اهو سڀڪجهه پڙهندڙ جي ڀرپاسي ئي ٿي رهيو آهي. ڪراچيءَ ۾ رهندڙ هڪ خاندان جي زندگيءَ جي عڪاسي ڪندڙ هن ناول کي پڙهڻ کان پوءِ خبر پوي ٿي ته سنڌي ماڻهو هن رياست لاءِ ڪيترو اوپرو آهي ۽ اهو نسل جيڪو هندستان مان لڏي آيو هو، انهي لاءِ ڪا جهل پل ناهي. پيپلز پارٽي کان وٺي سنڌ جي قومپرستن تي به سٺا ڇوهه ڇنڊيا ويا آهن. هي هڪ اهڙي قومي ويڳاڻپ جي ڪهاڻي آهي، جنهن جو عڪس ماڻڪ جي ڪردار وسيلي پسي سگهجي ٿو. جنهن لاءِ ايجنسيون ڪتي وانگر نوس نوس ڪنديون رهن ٿيون.


 

لڙهندڙ نسل- ماڻڪ

 

هي ماڻڪ جو سياسي ناول آهي، هي هڪ اهڙي نوجوان جي ڪهاڻي آهي، جيڪو هڪ پاسي ته بيروزگار آهي ته ٻئي پاس پنهنجي ئي سنڌ ۾ ويڳاڻپ جو شڪار آهي. حيدرآباد شهر جي پسمنظر ۽ 1971ع واري جنگ جي ماحول جي حوالي سان لکيل هن ناول ۾ اُن وقت واري سنڌ جي سياسي ۽ سماجي صورتحال کي چٽيو ويو آهي. ملڪ ۾ ان وقت ڇا ٿي رهيو هو، ڪهڙي ريت فوج بنگلاديش ۾ فوج ڪشي ڪري رهي ۽ سنڌ ۾ ماڻهو ڪهڙي ريت سوچي رهيا هئا. ان کانسواءِ سنڌ جي قومي سوال تي به هن ناول ۾گهڻو بحث ٿيل آهي. ماڻڪ هن ناول ۾ وڏي جرئت جو مظاهرو ڪندي اهڙيون ته ڳالهيون لکي ويو آهي، جيڪي هاڻ لکي نٿيون سگهجن. ناول ۾ اهو پڻ ڏيکاريل آهي ته سنڌي ماڻهو ڪهڙي ريت چئوکنڀو ڦاٿل آهي. هڪ پاسي اهو فوج جي ڏمر هيٺ آهي، ته ٻئي پاسي سنڌ جي سياسي قيادت ايتري ته ڀاڙي هئي جو 71ع واري سانحو هوندي به اها پنهنجي وجود کي محسوس نه ڪرائي سگهي. هي ناول رڳو ان وقت جي سياسي صورتحال کي بيان نٿو ڪري پر جيڪو عدم تحفظ جو احساس شهرن ۾ سنڌين کي هو، ان کي به بيان ڪري ٿو. تنهنڪري سنڌ جي سياسي صورتحال تي جيڪي ناول سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيا ويا آهن، انهن مان هي ناول بهترين سمجهيو وڃي ٿو. ماڻڪ جو هي ناول ريئلزم جو بهترين مثال آهي.

 

قالو بلا - رسول ميمڻ

 

قالو بلا ناول هڪ اهڙي شادي شده جوڙي جي ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ عرشنا ڪئنسر جي مريض آهي ۽ پنهنجا آخري پساهه کڻي رهي آهي. سندس مڙس وارث هر حال ۾ کيس بچائڻ چاهي ٿو. هو سندس ٻانهن ۾ هوندي آهي ۽ وارث موت جو ترياق ڳولڻ لا خواب وسيلي دنيا جي انهن هستين سان وڃي ملندو آهي جن ۾ ڏاها، فاتح، اديب، مفڪر، شاعر، ويڙهاڪ، جنگجو ۽ عاشق شامل هوندا آهن. هو انهن سڀني تهذيبن جي آڏو پنهنجي زال جي زندگي جي خيرات گهرڻ ويندو آهي پر موت کي ٽارڻ لا ڪنهن وٽ به ڪو نسخو ناهي هوندو. موت آهستي آهستي عرشنا کي پنهنجي چنبن ۾ جڪڙيندو ويندو آهي پر وارث آخر تائين اهو چاهيندو آهي ته کيس ڪو نه ڪو اهڙو ماڻهو ملي وڃي جيڪو سندس زال کي بچائي وٺي. حضرت عيسى کان وٺي فيثا غورث، هني بال کان وٺي سڪندر اعظم ۽ رومي تهذيب کان ٿيندو هو سنڌو تهذيب جي ماڻهن وٽ پهچي ٿو پر موت جيڪو اڻٽر آهي، انهي لا ڪير به سندس مدد نٿو ڪري سگهي. نيٺ سندس عرشنا مري ٿي وڃي.

رسول ميمڻ هن ناول وسيلي سنڌي ناول جي حوالي سان بلڪل به هڪ نئون خيال کڻي آيو. انهي کان اڳ موت جي تاريخ تي ناول جي صورت ۾ سنڌي ۾ ڪابه اهڙي لکڻي سامهون نه آئي آهي. جنهن ۾ باقاعده هڪ ٽائيم لائين وسيلي ڪردار شامل ٿيندا رهيا هجن. جتي هي ناول موت ۽ زندگي جي وچ ۾ هڪ ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ڪري ٿو اتي اهو اسان کي ڪيترين ئي وڏن ماڻهن جي باري ۾ ٻڌائي ٿو ته اهي ڪيئن تاريخ جي مختلف دورن ۾ دنيا جا وارث ٿي رهيا آهن. گذريل ڪجهه سالن ۾ جيڪي به سنڌي ۾ ناول لکيا ويا آهن، انهن مان هي هڪ بهترين ناول آهي. ناول جي ٻولي ۽ اسلوب ايترو ته سهڻو آهي جو پڙهڻ وقت ناول هڪ ڀالي جيان سيني ۾ لهندو وڃي ٿو ۽ ماڻهو ڪتاب مان هٿ نٿو ڪڍي سگهي. انهي کان سوا رسول ميمڻ هن ناول وسيلي تشبيهن ۽ استعارن جو ته ڇيهه ڪري ڇڏيو آهي.


 

کُماچ - اڪبر سومرو

 

ناول جهڙي اهم صنف وسيلي سماجي ۽ نفسياتي پاسن کي وڌيڪ ڦلهوري سگهجي ٿو. اڪبر سومري جو ناول ”کُماچ“ موجوده سنڌي ادب جي ڪجهه سٺن ناولن ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو. ڇاڪاڻ ته هي ناول انهن ماڻهن جي ڪهاڻي آهي، جن وٽ زندگيءَ جي پنهنجي پنهنجي معنيٰ آهي. ناول کڻي پڙهڻ کان پوءِ انهي کي ڇڏڻ تي دل نٿي چوي، هي قصن جو اهڙو وهڪرو آهي، جيڪو وهندو وڃي ٿو ۽ پڙهندڙ مزو ماڻيندو رهي ٿو. هي ڪهاڻي آهي هاڻوڪي دور جي ڪراچي ۾ رهندڙ ڪردارن جي پر انهي جي سيٽگ 2007ع وارو زمانو آهي. جڏهن ڪراچي ۾ روز باهه ٻريل هوندي هئي. عماد، ربيعا، مونا، انس، روميسا ۽ زارا جي ڪهاڻين سان ڀرپور هي ناول نه فقط ڪراچي جي صورتحال کي پيش ڪري ٿو پر اتان جي ماڻهن جي نفسياتي پهلوئن ۽ انهن جي سيڪس لائيف کي به بهتر انداز سان پيش ڪري ٿو. اڪبر سومري نه فقط ناول ۾ ڪردار جي شڪل شبيهه واضح بيان ڪئي آهي پر زندگي جون باريڪبيون به پيش ڪيون آهن، اهو عمل سندس مشاهدي کي ڀرپور انداز سان پيش ڪري ٿو. عماد هڪ اهڙو ڪردار آهي جيڪو شادي شده هوندي به ٻين ماين سان افيئرز هلائي ٿو، زارا، ربيعا ۽ مونا انهن ۾ شامل آهن، جيڪي هن مان سيڪس جو مزو وٺن ٿيون. زارا عماد سان شادي نه ٿيڻ ڪري آپگهات ڪري ٿي، جڏهن ته مونا پنهنجي پارٽنر انس جيڪو Gay آهي، انهي کان ڌار ٿي هڪ روڊ حادثي ۾ مارجي وڃي ٿي. پر ربيعا جو رشتو عماد سان هلندو رهي ٿو.

هي ناول زندگي سان ڀرپور آهي، جتي انهي ۾ حسناڪيون آهن، اتي زندگيءَ جي ذلالتن جو به ذڪر آهي. ليکڪ جي تشبيهن ۽ استعارن کي وري وري پڙهڻ تي دل چوي ٿي.

 

رهجي ويل منظر- طارق عالم ابڙو

 

رهجي ويل منظر سنڌي ادب ۾ هڪ اهڙو ناول رهيو آهي، جيڪو سنڌي ۾ گهڻي کان گهڻو پڙهيو ويندڙ ناول سمجهيو وڃي ٿو. طارق عالم جو لکيل رومانوي ناول اڄ به پنهنجو اثر ان نوجوان نسل تي ڇڏي ٿو، جيڪو سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ داخلا وٺڻ اچي ٿو. جيتوڻيڪ هي هڪ پيار ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ روايتي طور ڇوڪرو ڇوڪري ملن ٿا ۽ اڳيان هلي وڇڙي وڃن ٿا پر اصل معاملو ان ناول کي ناول بنائي ٿو، اهو اهو آهي ته طارق عالم پنهنجي ڪهاڻيءَ کي وڏي ڪاريگريءَ سان بيان ڪيو آهي. ان کانسواءِ هن ناول کي جيڪا موٽ ملي ان جو هڪ اهم ترين سبب اهو هو جو ڪئمپس جي حوالي سان سنڌيءَ ۾ ان کان اڳ ۾ ڪوبه ناول موجود نه هو ۽ طارق عالم ان خال کي ڀريو. مثال طور هن ناول جي شروع ۾ ئي جيڪو جملو آهي، ان مان ئي خبر پئجي وڃي ٿي ته طارق عالم ڪهڙي بهتر انداز سان ڪهاڻيءَ جي شروعات ڪري ٿو. جنهن ۾هو چوي ٿو ته ”ان زماني ۾ نظر آئي هئين جڏهن شرٽ جا مٿيان بٽڻ بند ڪرڻ سدائين وساري ويهندو هئس. جڏهن مان ڪلين شيوَ هوندو هئس ۽ جڏهن مون وٽ ٻه پينٽس ۽ چار شرٽس هونديون هيون.“

ان کانسواءِ هن ناول جي هڪ بهتر ڳالهه اها به آهي ته ليکڪ ننڍيون ننڍيون شيون بهتر انداز سان بيان ڪري ويو آهي. جيتوڻيڪ سنڌي ادب ۾ طارق عالم جي ناول کان پوءِ به اهڙي قسم جا تجربا ٿيا آهن پر اهي ناول ايترو اثر نه ڇڏي سگهيا آهن.

(هلندڙ)

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment