شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

آچر - 18 - آگسٽ - 2019ع

انصاف جي هڪ باب جي پڄاڻي، هڪ باب جي شروعات


صبح 05 لڳي 48 منٽ -خميس 24 جنوري 2019  185 
image-1

 

ملڪ جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ خبرن، تبصرن ۽ بحثن ۾ شامل رهڻ کانپوءِ نيٺ ملڪ جو چيف جسٽس ثاقب نثار هاڻ ملڪ جو اڳوڻو چيف جسٽس بڻجي چڪو آهي. پرويز مشرف جي دور ۾ چيف جسٽس افتخار چوڌري جيڪا شهرت ماڻي هئي، ان وقت ان لاءِ چيو ٿي ويو ته اهو ملڪ جي تاريخ جو مقبول ترين چيف جسٽس آهي، پر چيف جسٽس ثاقب نثار پنهنجي گهڻي ۾ گهڻن سو موٽو ايڪشنس، گراس روٽ ليول تي طوفاني دورن ۽ ٻڌڻين دوران پنهنجي ڏنل رمارڪس سبب اها مشهوري ماڻي جيڪا اڄ تائين ملڪ جي ڪنهن به چيف جسٽس جي حصي ۾ ناهي آئي.

جسٽس ثاقب نثار جي مقبوليت ۾ اڃان به واڌارو تڏهن ٿيو, جڏهن هن ملڪ ۾ ڪالاباغ ڊيم سميت ٻيا ڊيم ٺاهڻ جي ڳالھه ڪئي. ان سلسلي ۾ هن نه رڳو ملڪ ۾ ڪانفرنسون ڪوٺائي ڊيم جي حمايت ۾ راهه هموار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڏيهھ توڙي پرڏيهھ مان ڊيم جي اڏاوت لاءِ چندو مهم پڻ شروع ڪري ڏني. ڊيم جي معاملي تي کيس خاص ڪري سنڌ ۾ تمام گهڻي تنقيد کي پڻ منهن ڏيڻو پيو. سنڌي ميڊيا سندس ڪالاباغ ڊيم جي حوالي سان موقف ۽ ارادي جي کلي عام مخالفت ڪئي، جڏهن ته ڪالاباغ ڊيم کانسواءِ ٻين ڊيمن جي حوالي سان چيف جسٽس کي ڪٿي مڪمل حمايت ته ڪٿي جزوي مخالفت پلئه پئي.

ڪالاباغ ڊيم جي حوالي سان سنڌ، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ ماحول سازگار نه ڏسندي جسٽس ثاقب نثار ڪالاباغ ڊيم اڏڻ واري ڳالھه تان ته هٿ کنيو پر ڀاشا ۽ مهمندن ڊيمن جي اڏاوت تي زور ڏنو. ان سان گڏ مختلف پروگرامن ۾ هو ٿوري ٿڪي ڪالاباغ ڊيم جي ڳالهھ پڻ ڪندو رهيو جنهن مان اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي وئي ته هن رڳو ڪالاباغ ڊيم جي ڳالهھ ڪرڻ تان هٿ کنيو آهي، ڊيم ٺاهڻ تان هٿ ناهي کنيو.

مزيدار ڳالهيون تڏهن آڏو آيون، جڏهن چيف جسٽس ثاقب نثار مختلف ٻڌڻين دوران سرڪاري ڌر توڙي مخالف ڌر جي ميمبرن ۽ ڪجھه ڪامورن مٿان ڏنڊ وڌا ۽ کين تاڪيد ڪيو ته هو اها ڏنڊ جي رقم ڊيم فنڊ ۾ جمع ڪرائين، ايتري قدر جو جسٽس ثاقب نثار ملڪ جي وڏي ۾ وڏي بلڊر، بحريه ٽائون جي باني ملڪ رياض کي به سمورن ڏوهن مان آجو ٿيڻ لاءِ ڊيم فنڊ ۾ وڏي رقم جمع ڪرائڻ جو چيو. انهن ڳالهين مان ثابت ٿئي ٿو ته اڳوڻو چيف جسٽس ثاقب نثار ڊيم ٺاهڻ جي مامري ۾ ڪيڏو سنجيدو هيو.

ڊيمن جون ڳالهيون ڪندي ڪندي، هڪ ڏينهن جسٽس ثاقب نثار جو ڌيان سنڌ ۾ رولڙي جو شڪار نئين گاج ڊيم طرف ڇڪجي ويو. نئين گاج ڊيم دادو ضلعي ۾ واقع کيرٿر رينج ۾ نئين گاج تي تعمير ٿيڻ لاءِ منتظر آهي. واپڊا جي اڳوڻي وفاقي وزير لياقت علي جتوئي مشرف دور ۾ ان جي پيڙهه جو پٿر رکيو هو، بعد ۾ ايندڙ پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت پڻ ان ڊيم تي ڪم جاري رکيو، جيڪو نواز شريف جي حڪومت اچڻ شرط بند ٿي ويو ۽ هن وقت تائين رولڙي جو شڪار آهي. نه وفاق ان ڊيم لاءِ وڌيڪ فنڊ پيو جاري ڪري ۽ نه ئي سنڌ حڪومت وٽ ايترا پيسا آهن جو اها پنهنجي سر ان ڊيم تي ڪم شروع ڪرائي ان کي مڪمل ڪري.

نئين گاج منصوبي تي اصل لاڳت 9 ارب رپيا هئي. پروجيڪٽ جي نظرثاني ٿيل لاڳت 16.9 ارب هئي. منصوبي تي ٻيهر نظرثاني ٿيل لاڳت 47.7 ارب آهي. سنڌ حڪومت کي ڏيڍ ارب متاثرن جي آبادڪاري لاءِ ادا ڪرڻا هئا. وفاقي حڪومت چاهي ٿي ته سنڌ حڪومت 22 ارب رپين جو سهڪار ڪري. سنڌ جي وڏي وزير جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت فنڊ نٿي ڏئي سگهي، ٻين صوبن جيان وفاقي حڪومت سنڌ ۾ به اِهو منصوبو مڪمل ڪري. پر وفاقي حڪومت سنڌ اندر اهڙي ڪنهن به منصوبي تي پيسا زيان ڪرڻ جي موڊ ۾ ناهي.

اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار ان ڊيم جي حوالي سان ڪجھه ٻڌڻيون ڪيون، واويلا پڻ ڪئي پر ان جو ڪوبه کڙ تيل ڪونه نڪتو. وفاقي حڪومت اهڙي ڇپ هنئين جهڙو ڪجھه ٿيو ئي نه هجي، اهڙيءَ طرح ڪروڙين روپين سان شروع ڪيل اهو پروجيڪٽ وفاقي حڪومتن جي عدم توجھه سبب ضايع ٿي رهيو آهي، رڳو ان ڪري ته ان ڊيم منجهان رڳو ۽ رڳو سنڌ جا ماڻهو فائدو ماڻيندا، پنجاب کي ان مان ٽڪي جو به فائدو نه ٿيندو.

جسٽس ثاقب نثار جڏهن سنڌ مان کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي حوالي سان پاڻمرادو نوٽيس ورتو هيو ته ان کان پوءِ انهن سوين اڱڻن مٿان سڀاڳ ميگها وسڻ لڳي هئي، جيڪي اڱڻ پنهنجن پيارن جي کنڀجي وڃڻ سبب ويرانين سان ويڙهاند ڪري رهيا آهن. جسٽس ثاقب نثار جڏهن حيدرآباد جي دوري تي آيو ته اتي سوين وارثن ساڻس ملاقات ڪئي ۽ پنهنجن پيارن کي بازياب ڪرائڻ جون التجائون ڪيون، جسٽس ثاقب نثار ڳالهيون ته وڏيون ڪيون، بظاهر ڪجهھ اپاءَ به ورتا پر اهي سڀ ڄڻ ته وقت جي ڌوڙ ۾ لٽجي ماضيءَ جا قصا بڻجي ويا ۽ ٿيو ڪجھه به ڪين.

اهو پهريون ڀيرو ٿيو آهي جو سنڌ اندر پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت صحت جي شعبي ۾ تمام گهڻا ڪارائتا ۽ ملهائتا اپاءَ ورتا آهن، سنڌ جي ڪجهھ شهرن ۾ قائم ڪيل دل جي مفت علاج جا مرڪز اين آءِ سي وي ڊي پنهنجي پنهنجي علائقن ۾ عام سنڌي ماڻهن لاءِ ڄڻ ته حڪومت سنڌ پاران اهڙو تحفو آهن، جنهن مان هر عام توڙي خاص فيضياب ٿي رهيو آهي، هي دل جي جديد ترين علاج جا اهڙا مرڪز آهن، جتي هر طبقي جا ماڻهو خاص ڪري غريب، پورهيت ۽ بي پهچ ماڻهو پهچي پنهنجي دل جي ڪنهن به تڪليف جو مهانگي کان مهانگو علاج به مفت ۾ ڪرائي سگهن ٿا. پيپلز پارٽيءَ جي اهڙي انقلابي قدم جي هر سطح تي ساراهه ٿي رهي آهي، خود اڳوڻو چيف جسٽس ثاقب نثار پڻ ڪيترائي ڀيرا پنهنجي رمارڪس ۾ سنڌ ۾ صحت جي سهولتن جي باري ۾ تعريفي جملا چئي چڪو آهي. پوءِ خبر ناهي ته اڳوڻي چيف جسٽس صاحب جي من ۾ ڪهڙي متي جو هن اين آءِ سي وي ڊي کي وفاق جي حوالي ڪرڻ جو اعلان ڪندي، ويندي ويندي سنڌ کي اهڙو وڍ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن جا اثر سنڌي ماڻهن جي دلين تي نقش ٿي ويا آهن.

اڳوڻي چيف جسٽس سان به سچل سرمست واري هن سٽ واري ڪار هئي، ”ڪنهن مهل ڪيئن ته ڪنهن مهل ڪيئن.“ ڪڏهن سندس ڳالهين مان ايئن ٿئي ڀاسيو ڄڻ ته سنڌ کي جيڪڏهن ملڪ جي تاريخ ۾ ڪي حق ملڻا آهن ته اهو صاحب ئي وٺرائي ڏيندو، ڪڏهن وري ايئن ٿي ڀاسيو ڄڻ سنڌ جي سمورن دشمنن جي دل جو ٽاسڪ ڄڻ هاڻي پورو ٿيڻ وارو آهي. اين آءِ سي وي ڊي کي وفاق حوالي ڪرڻ واري اڳوڻي چيف جسٽس جي فيصلي تي هر ماڻهوءَ کي حيراني ٿي آهي، هڪ بهترين هلندڙ منصوبو هڪ اهڙي حڪومت جي حوالي ڪري ڇڏڻ جيڪا پنهنجي حڪومت هيٺ هلندڙ صوبن اندر صحت جون صحولتون ڏيڻ ۾ ناڪام رهي هجي، اها منتق يا ته اهي ڄاڻن جن اهڙو فيصلو زور تي ڪرايو يا خود اڳوڻو چيف جسٽس ڄاڻي جنهن جي هٿ وس هاڻ ڪجھه به ناهي رهيو. ماضيءَ جو هڪ باب هيو جيڪو بند ٿي چڪو. هاڻ هڪ نئين باب جي شروعات ٿي چڪي آهي. خبر ناهي ته انصاف جي ڪتاب جو اهو نئون باب ڪهڙا نوان سنگ ميل طئي ڪندو؟

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment