Download Fonts

ويب سائٽ کي بهتر انداز ۾ پڙهڻ لاء فونٽ ڊائون لوڊ ڪريو


شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو


ڪراچي ۾ بيدردي سان قتل ٿيل ارشاد رانجهاڻي جي قتل خلاف اڄ ڪارساز تي احتجاج ڪيو ويندو

19 - اڱارو - فيبروري - 2019ع تازه ترين

چترال جي هڪ سرد رات جو قصو


2019-01-15 11:01:39  51 

عمر قاضي

image-1

 

جڏهن به سنڌ ۾ سياري جي موسم ايندي آهي، تڏهن مون کي ڪيلاش جي ڪٺن زندگي ياد اچي ويندي آهي. سنڌ ۾ سرديءَ جي موسم مزي جي موسم هوندي آهي. سنڌ ۾ سياري جي موسم مچ ڪچهرين ۽ شادين جي موسم هوندي آهي. هن موسم ۾ ميزبان ٿيڻ به مزي وارو ڪم هوندو آهي ۽ مهمان ٿيڻ ۾ به مزو هوندو آهي پر چترال ۾ اها موسم اذيت ۽ عذاب واري موسم هوندي آهي. مون کي ذاتي طور تي چترال ۾ ڪڏهن اهڙي موسم جو تجربو نه ٿيو آهي پر نور احمد سياري جي سڀ کان ڏکي موسم چترال ۾ گذاري هئي. هن پهرين پنهنجي هڪ خط ۽ پوءِ روبرو ڪچهريءَ ۾ سياري جي سختيءَ جا جيڪي حال احوال ٻڌايا هئا، انهن مان مون کي معلوم ٿي ويو هو ته چترال ۾ سياري جي موسم جو مطلب ڇا آهي؟

اظهار سومري وارا سمورا دوست ان ڳالهه کان بخوبي آگاهه آهن ته نور احمد جي ڪچهري اهڙي هوندي هئي جو ماڻهو اکين سان اهي منظر ڏسندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ته مون کي اهو محسوس ٿيندو هو ته ماڻهو پاڻ به اکين سان اهو ڪجهه ڏسي ٿو سگهي، جيڪو ڪجهه نور احمد پنهنجي ڪچهريءَ ۾ بيان ڪندو هو. نور احمد جي ڪچهري ته روسي ناولن جهڙي هوندي هئي. هو تمام وڏو قصا گو شخص هو. هو پنهنجي اکين سان اهو ڪجهه ڏيکاريندو هو، جيڪو ڪجهه پنهنجي اکين سان ڏسڻ به ڏکيو هوندو هو. ان ڪري مون کي ڪيلاش جي سرديءَ جو پورو پتو آهي. ڪاش ڪوئي هن جي اها ڪچهري قلمبند ڪري ها، جنهن ۾ ”ڪيلاش جي هڪ سرد رات جو قصو“ نور احمد بيان ڪيو هو. ان قصي ۾ هر ٻڌندڙ کي صرف اهو تجسس هو ته اها چترالي عورت آخر ۾ نور احمد سان اهو ڪجهه ڪرڻ جي لاءِ اڳتي وڌي يا نه؟ جنهن جي لاءِ اسان سنڌين جا ڪن سدائين کڙا هوندا آهن. اسان سنڌي ماڻهو ڪچهرين مان ايترو لطف وٺندا آهيون، جيترو ان عمل مان لطف حاصل ڪري سگهجي ٿو، جيڪو عمل برازيل جي تمام مشهور ناول نگار پائلو ڪوهلو پنهنجي ناول ”ويهه منٽ“ ۾ بيان ڪيو آهي. سنڌي ماڻهو ته اهو ويهن منٽن جو سفر ڪجهه سيڪنڊن ۾ پورو ڪري وٺندا آهن پر نور احمد جو قصو ٻن ڪلاڪن تائين هلندو هو. پر پوءِ به خبر نه پوندي هئي ته آخر ۾ ڇا ٿيو؟

هڪ سرد رات جي ان قصي ۾ ڪيترائي موڙ هئا. ڪهڙي ريت اڌ رات جو اها چترالي عورت اهو سوچي هن جي ڪمري ۾ آئي ته هو مهمان گهر مان ايترو پري چترال جي سرديءَ ۾ اها اڪيلي رات ڪيئن گذاريندو؟ ان رات ۾ اها عورت پاڻ سان گڏ ان چترالي چرس جو ذرو به کڻي آئي هئي، جنهن جو ذڪر حسن درس پنهنجي هڪ نظم ۾ تمام خوبصورت طرح سان ڪيو آهي. اسان وٽ چرس جو سگريٽ تمام گهڻو عيب آهي پر چترال ۾ اهو هر مهمان کي اتان جي عورت تمام گهڻي پنهنجائپ سان پيش ڪندي آهي. هونءَ ته چترال جو اهو لوڪل شراب به تمام گهڻو مشهور آهي، جنهن کي ”ٽارا“ چيو ويندو آهي. جنهن جو تذڪرو اڳوڻي صدر پرويز مشرف به ڪيو آهي. هن جي ويجهن حلقن جو چوڻ آهي ته صدر مشرف کي اسڪاچ کان وڌيڪ اتان جو ”ٽارا“ پسند هو. پر نور احمد جي قصي ۾ ان لوڪل مڌ جو ڪو تذڪرو نه هو. نور احمد چوندو هو ته ”ڀرپور ڪچهريءَ جو مزو ڀريل سگريٽ سان ئي ممڪن آهي“ سو اها چترالي عورت ان وقت پاڻ سان گڏ چرس جو ذرو کڻي آئي، جنهن  وقت ٻاهر سرد هوا جا گهوگهٽ هئا. نور احمد ڏسيو هو ته هن پاڻ پنهنجو سگريٽ ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي پر ان عورت کيس روڪي ڇڏيو ۽ هوءَ پاڻ سگريٽ ٺاهڻ لڳي. هن جي سگريٽ ٺاهڻ جو انداز تمام گهڻو سريلو هو. هن عورت کي ڪا تڪڙ نه هئي. هوءَ گهر ۾ سڀني کي سمهاري آئي هئي. هن کي صرف پنهنجي هڪ مهمان کي ڪمپني ڏيڻي هئي ۽ هوءَ هر قسم جي ڪمپنيءَ لاءِ تيار ٿي ويٺي هئي. هن کي شايد ڪاري رنگ جو وڳو پهريل هو هن جا وار هن جي نرڙ تي لڙڪي رهيا هئا. هن جو گورو رنگ ٿورو سرخي مائل هو. هن جي اکين ۾ تمام گهڻي گهرائي هئي. هوءَ عمر چڙهيل پر ٺاهوڪي عورت هئي. پهاڙي هجڻ سبب هن عورت جا انگ وقت نرم نه ڪري سگهيو هو. هن جو سينو، هن جون ٻانهون ۽ هن جا هٿ تمام گهڻا پيارا هئا. هن جي پيرن جو ذڪر ته نور احمد ڏهن منٽن تائين ڪيو هو. 

نور احمد جڏهن به چترال جي عورتن جو تذڪرو ڪندو هو، تڏهن هن جي سگريٽ ڇڪڻ جو انداز ئي تبديل ٿي ويندو هو. اها نزاڪت ۽ اها نماڻائي جيڪا چترال جي عورتن ۾ آهي، اها ته پوري پاڪستان ۾ ناهي. نور احمد ان حقيقت کي تسليم ڪندو هو ته پنجابي عورتون تمام گهڻيون پرڪشش هونديون آهن ۽ انهن جي پيار جو انداز به پيارو هوندو آهي پر چترال جون ناريون جيڪو ڪجهه اکين ۽ اکين ۾ ڏينديون آهن، اهو ڪجهه پاڪستاني عورتون ڏئي نه سگهنديون آهن. اهي تمام خوبصورت عورتون پنهنجي سڀاءَ ۾ تمام گهڻو پيار ڏيڻ ۾ مهارت رکنديون آهن.

چترال جي انهن عورتن جي خوبصورتي بهار جي موسم ۾ ناقابل بيان هوندي آهي پر سياري جي ان سرد رات ۾ جڏهن هڪ ننڍڙي ڪمري ۾ باهه ٻري رهي هئي هجي ۽ آس پاس ٻيو ڪجهه به نه هجي ۽ اها عورت جڏهن پنهنجين سنهڙين آڱرين سان سگريٽ مان تماڪ ڪڍي رهي هجي ۽ جڏهن ماچيس جي هڪ تيليءَ سان چرس ڪوسو ڪري پنهنجي تريءَ تي مهٽي ان کي سگريٽ ۾ ڀريندي هجي ۽ ان وقت هڪ باذوق مهمان جي ذهن ۾ چترال جي تاريخ هجي ۽ ان تاريخ ۾ ڪيلاش جي ان قبيلي جو ذڪر هجي، جنهن کي اسان ماڻهن جي واهيات رسمن ۽ رواجن جو ڪو حوالو نه هجي، تڏهن ڳالهه جنسيت کان وڌي وڃي ٿي. جنسيت ۾ ڇا رکيو آهي؟ جيڪو ڪجهه رومانس ۾ آهي، اهو ڪجهه صرف نور احمد ئي بيان ڪري سگهندو هو.

نور احمد ”ڪيلاش جي هڪ سرد رات جو قصو“ بيان ڪندي انساني تهذيب کي مجرم ڪري بيهاري ڇڏيو هو. 

مان اڪثر اهو سوچيندو آهيان ته جيڪڏهن چترال جي ان رات جو قصو ميان نور احمد ڀارت جي سک صحافي خشونت سنگهه آڏو بيان ڪري ها ته هو ان قصي کي هڪ خوبصورت ناول ۾ سمائي سگهي ها. پر سنڌي ماڻهن جي هن ديس ۾ پاڪستاني اخلاقيات جي دائري ۾ اهو قصو پوري طرح سان بيان ڪرڻ به مشڪل آهي.

اها عورت جيڪا چترال جي هڪ رات ۾ نور احمد جي ميزبان بڻي هئي، ان عورت ۾ ڪا اخلاقي برائي نه هئي. اها عورت پنهنجي پهاڙي ثقافت جو اهڃاڻ هئي. اها عورت جيڪا اسان جي دوست کان پڇا ڪري رهي هئي ته ”هيءَ سرد رات ۽ تو جهڙي رومانوي انسان جي اڪيلائي......!“ ان رات ۾ جسم ۽ روح جي تمنا هڪ الڳ روپ اختيار ڪري وئي هئي. ان رات ۾ جسم جو ذڪر گهٽ ۽ روح جو ذڪر وڌيڪ هو پر ڇا روح جي تمنا جسم کان الڳ ٿي سگهي ٿي؟

مون کي خبر ناهي ته سنڌ جون ادبي عورتون ان موضوع کي ڪهڙي ريت محسوس ڪنديون؟ پر چترال جي چهڪندڙ ماحول ۾ اها ڪچهري تمام گهڻي چهريلي هئي. ان ڪچهريءَ ۾ روح جو رومانس ۽ جسم جي محبت جو سنگم ڪهڙي صورت اختيار ڪري سگهي ٿو؟ ان سوال جو جواب نور احمد ان جي قصي ۾ موجود آهي، جيڪو قصو هڪ اخباري ڪالم ۾ بيان ڪرڻ ڪٺن آهي. ان قصي جي ٻين معاملن کي ڇڏي، جيڪڏهن اسان صرف چترال جي سرديءَ ۾ ڪيلاش ماڻهن جي ڪٺن زندگيءَ تي به ڌيان ڌريون ته اسان هن موسم ۾ چترال جي انسانن جي تڪليف کي ڪنهن حد تائين سمجهي سگهون ٿا.

ڪاش! اسان چترال جي ان رات جو پورو قصو لکي ۽ پڙهي سگهون.

 

 

 

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment