شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

ڇنڇر - 25 - مئي - 2019ع

زينب ڀيو ڪيس ۾ ٽن ڄڻن کي ڦاهي ۽ هڪ کي جنم ٽيپ جي سزا ٻڌائي وئي

تازھ ترين

سنڌ جي هڪ گيت جي سنڌ کان موڪلاڻي ٿي


صبح 08 لڳي 27 منٽ -اڱارو 08 جنوري 2019  164 
image-1

سانڀر ٿي ته سياست جو روڳ عشق جي روڳ کان به اڳ ئي اچي اندر ۾ جاءِ جوڙي ويهي رهيو هو، 1988ع جي ڳالھ آهي جڏهن مان مئٽرڪ جو شاگرد هئس تڏهن جيئي سنڌ جو جنون دماغ تي سوار هيو، جنون به اهڙو جو هرو ڀرو به اها پڪ هوندي هئي ته سنڌ اندر انقلاب جي جڏهن شروعات ٿي ته پهرين وک آنء کڻندس. اهو دور ضياءَ شاهي جي پڄاڻيءَ جو دور هيو، محترمه شهيد بينظير ڀٽو ملڪ ۾ پنهنجا پير پختا ڪري چڪي هئي، اليڪشنس ٿيون، پي پي جي حڪومت ٺهي، ٻئي طرف شهرن اندر سنڌي مهاجر وڇوٽيون پڻ ڪر کڻي رهيون هيون. قوم پرست تنظيمون به پنهنجو ڀرپور وارو وڄائي رهيون هيون، مطلب چوڏس ملڪ اندر سياسي سمنڊ بيچين هو، اٿل پٿل هئي. مون اندر بيدار ٿيل سياسي شعور انهن ڪتابن جي طفيل هيو جيڪي مون اٺين ڪلاس کان ئي پڙهڻ شروع ڪيا هئا، سائين جي ايم سيد، عبدالواحد آريسر، رسول بخش پليجو سميت هر ان ليکڪ جا ڪتاب شوق سان ٿي پڙهيا جيڪو قوم ۽ انقلاب جي ڳالھ ڪري رهيو هو. ان دور ۾ مون کي خبر پئي ته هڪڙو آهي حفيظ پيرزادو جيڪو ملڪ جي آئين جي جوڙ جڪ ۾ انتهائي اهم حيثيت رکي ٿو پر ان سان گڏ ثمينا پيرزادو ۽ عثمان پيرزادو کان علاوه ٻيا به پيرزادا آهن جن موهن جي دڙي جي ڀر ۾ واقع هڪ ننڍڙي ڳوٺ ٻلهڙيجي کي “لٽل ماسڪو” بڻائي ڇڏيو آهي. ظاهر آهي تاريخي ۽ انقلابي ڪتاب پڙهڻ سان روس جي انقلابي تاريخ کان به سٺي شناسائي هئي، ان ڪري لٽل ماسڪو بابت منهنجو تجسس وڌندو ويو ۽ جاچ ڪرڻ تي خبر پئي ته اتي جي هڪ ڪردار انور پيرزادي جا ئي اهي سڀ ڪم آهن جيڪو ننڍي کنڊ جي ڏاهي سوڀي گيانچنداڻي جو شاگرد آهي.

ماسڪو، انقلاب، ٻلهڙيجي، ٻنڊي، سوڀوگيانچنداڻي، انور پيرزادو، سڀ ڪڙيون ملائڻ کان پوءِ ڳوٽ ڀڄي پئي ۽ پڪ ٿي ته پيرزادا شعوري طور تي ايترا سگهارا ڇو آهن. منهنجي دل ۾ پيرزادن سان اڻ ڏٺو انس پيدا ٿيو ۽ مان دل ئي دل ۾ پيرزادن جو تمام گهڻو احترام ڪرڻ لڳس، انهن ئي ڏينهن ۾ هڪ ٻئي پيرزادي جي نانوَ پڻ اچي منهنجي سماعتن کي ڇهيو، جنهن جي گيتن جي گونجار سڄي سنڌ ۾ گونجي رهي هئي، ان نانوَ جي موهن جي دڙي جي مٽيءَ سان انسيت ته اها ئي ساڳي ٻين پيرزادن واري هئي پر هن جو آستانو چانهونءَ جي دڙي جي ڀر ۾ هيو، اهو هيو ميرمحمد پيرزادي صاحب جو نانءُ جنهن جي مٿي تي سنڌي گيت جو تاج ٻڌل هيو ۽ جيڪو مون لاءِ انهن ماڻهن منجهان هيو جن جي مان عزت ڪرڻ پنهنجو فرض سمجهندو آهيان. مان ميرمحمد صاحب جي شاعريءَ سان جيتري محبت ڪيان ٿو اوتري ئي سندس شخصيت مون لاءِ احترام لائق هئي، پر وقت ۽ حالتن جو ستم اهو رهيو جو منهنجون زندگيءَ ۾ ساڻس رڳو ٻه ملاقاتون رهيون، سي به انتهائي مختصر، جيتوڻيڪ مون ساڻس روبرو ڪا ڊگهي ڪچهري نه ڪئي آهي پر سندس شاعريءَ سان منهنجون طويل ملاقاتون ۽ ڪچهريون رهيون آهن، ان ڪري مان اها دعويٰ ڪري سگهان ٿو ته مان مير محمد صاحب کي ايترو ئي ڄاڻان سڃاڻان ٿو جيترو ڪو سندن ويجهو ۽ روز ملڻ وارو ساٿي.

ميرمحمد صاحب جي پارس جهڙن خيالن شاعريءَ جي جنهن به صنف کي ڇهيو آهي ان کي سون سريکو بڻائي ڇڏيو آهي، سندس گيتن، دوهن واين ۾ ڪلاسيڪيت جو رنگ موجود آهي، نظمن ۾ جدت ۽ ما بعدالجديدت جا رنگ به پسي سگهجن ٿا ۽ سندس غزل روايت جي لبادي ۾ اوڙهيل جدت جي خوشبوءِ سان مهڪيل هڪ اهڙي گلدستي جيان آهي جنهن مان اوهان پنهنجي من پسند خوشبوءِ ماڻي سگهو ٿا.  

چاندني پئي چنگ وڄائي، راڳ رابيلن چيا،

هن سمي سهڻي اندر پو ڪيئن نه ساجن سارجي.

خوبصورت تشبيهن، استعارن ۽ ترڪيبن سان ٽٻٽار ميرمحمد صاحب جا غزل سندس حياتيءَ جي تجربن ۽ مشاهدن مان ماڻيل رازن، منظرن، لقائن، روين، وارتائن ۽ ڄاڻ جو ثمر ڀاسن ٿا، سندس مشاهداتي اک ڪيتري تيز آهي يا سندس مطالعاتي حس ڪيتري گهري آهي اها سموري پروڙ سندس شاعريءَ پڙهڻ کان پوءِ پئجي ٿي. پر سندس شاعريءَ ۾ جيڪو منظرنگاريءَ جي استعمال جو هنر آهي اهو سچ پچ ته نج پج ميرمحمد صاحب جو پنهنجو آهي، اهو انداز، اهو رنگ ڍنگ ٻي شاعري ۾ تمام گهٽ ملي ٿو، ايئن ٿو ڀاسي ڄڻ مير محمد صاحب پنهنجي خيال جو ڪينواس جوڙي ٿو، ان تي پهرين ڪو به منظر پينٽ ڪري ٿو ۽ پوءِ ان مٿان پنهنجي مرضيءَ سان تشبيهن ۽ ترڪيبن جا چنڊ ۽ تارا پينٽ ڪري ٿو، جنهن کان پوءِ ان کي خيال جي فريم ۾ اهڙو ته خوبصورتيءَ سان بند ڪري ٿو جو هڪ شاهڪار فنپارو تخليق ٿي پوي ٿو، سندس اهڙو فن سندس غزلن ۾ وک وک تي ملي ٿو.

ميرمحمد صاحب جي غزل ۾ تجنيس ۽ خوبصورت ٻوليءَ جو استعمال سندس غزل ۾ اها تاثير ٿو پيدا ڪري جو مطلع کان مقطع تائين غزل اڌ ۾ ڇڏڻ تي دل ئي ناهي چوندي، سندس شعرن ۾ موجود رڌم پڙهندڙ کي پاڻمرادو گنگنائڻ تي مجبور ڪريو ٿو ڇڏي.

گيت مير محمد صاحب جي سڃاڻپ آهي، ٻولي، گهاڙيٽا، فن توڙي فڪر جي حوالي سان ميرمحمد صاحب جو گيت نج پج سندس پنهنجو آهي جنهن ۾ هو پنهنجي ٽهيءَ سان گڏ هر ٽهيءَ کان جدا ۽ نروار بيٺل آهي، گيت سنڌ ۾ تمام گهڻو لکيو ويو آهي ۽ لکيو وڃي به پيو پر پيرزادي صاحب جو پنهنجو رنگ ۽ ڍنگ آهي پنهنجو ون ۽ واس آهي پنهنجا دڳ ۽ پيچرا آهن. ميرمحمد پيرزادي جي گيت ۾ سندس گهاڙيٽي ۾ ڪيل تجربا انتهائي لاڀائتا ۽ ڪارائتا آهن، سندس گيت ۾ موجود موسيقيت روح ريجي ٿي ڇڏي ۽ سندس گيت جهونگارڻ کان پوءِ اندر ۾ جيڪو هڳاءُ جنم وٺي ٿو اهو هوبه هو اٺي کان پوءِ مٽيءَ مان اٿندڙ هڳاءَ جهڙو آهي.

ميرمحمد صاحب جا هندي ڇند تي آڌاريل دوها جيڪڏهن فڪري حوالي سان ڏسجن ته سندن “ڪجلا سر دوها” انتهائي خوبصورت دوها آهن، جن ۾ ٻولي ۽ فڪر ٻئي سگهارا آهن، ڪجلا سر سان سلهاڙيل ڏندڪٿائن کي انتهائي خوبصورت انداز ۾ ۽ نئين اصلوب سان بيان ڪيو ويو آهي.

ڪجلا سر کي ڪاش ڪو، ڏيان ڏوراپو آنءُ.

سال ٿيا هن سوڪ ۾، سوکو ڪر ڪو هانءُ.

نظم نالو آهي ان قصي جو جنهن ۾ تسلسل هجي، خوبصورت ٻولي هجي، جهرڻي جهڙي رواني هجي، موسيقيت هجي، فڪر ۽ فلسفو هجي، فن ۽ پڄاڻي يعني ڪلائيميڪس هجي. اهي سڀ خوبيون ميرمحمد صاحب جي نظمن اندر پسي سگهجن ٿيون. سندس نظم پڙهڻ کان پوءِ پتو پوي ٿو ته سندس سڀ جو سڀ نظم الهامي آهن. پيرزادي صاحب نظم اندر پنهنجن گهاڙيٽن جا خوبصورت تجربا پڻ ڪيا آهن جن ۾ هو تمام گهڻو سوڀارو ٿيو آهي. نظم جي ٻولي ۽ نظم ۾ تجنيس جو استعمال سندس نظم کي جديد نظم جو لباس پهرائڻ سان گڏ ان ۾ سندي سنڌي ويس جا گج ۽ اجرڪ پارائڻ ۾ سندس ساٿاري رهيا آهن ۽ وڏي ڳالھ ته خيال جي خوبصورتي ته ڇرڪايو ٿي ڇڏي.:

ساھ جيان نڪري وئين موٽين نه ٿو،

درد تازو هي اڄوڪو ٿو سڏئي،

ڪور ڪارونجهر مٿان سڏڪو ته ٻڌ،

مور جو هر ڪو ٽهوڪو ٿو سڏئي!

سڄو جو سڄو نظم، هر بند ايترو ته خوبصورت آهي جو دل چوي ٿي ڪارونجهر جي ڪور تي مور سان گڏجي ڳائجي ۽ دنيا کي ٻڌائجي ته نظم هينئن به لکبو آهي. سندس سمورا نظم هر حوالي سان خوبصورت آهن خاص ڪري مير محمد صاحب نظم جا جيڪي گهاڙيٽا استعمال ڪيا آهن اهي خوب آهن ۽ انهن سان سندس نڀاءُ تمام گهڻي ساراھ جوڳو آهي.

وار سنواري چندن واسي، ڪين سگهان ٿو پوءِ،

ڪريان آنءُ ابوءِ-

تو ريءَ ڪهڙو تيل ڦليل!

آرائينءَ جو جهول ڏسان يا پاٽوليءَ جا هٿ،

سوناري جا هٿ ڏسان يا نڪ ۾ ٺهندڙ نٿ،

ڪهڙي ٿيندي ڪٿ-

اهو سڀ فن جو آهي کيل!

مير محمد پيرزادي صاحب جو هي نظم پڙهي آنءُ حيران آهيان، عجيب سحر ڇڏيندڙ نظم آهي، ڪهڙي ڪٿ ڪيان، ان نظم کي رومانس جي خاني ۾ رکان، سنڌوءَ جي سڀيتا جي خاني ۾ رکان، تهذيب ڪوٺيان، ثقافت جو نانءُ ڏيان، تاريخ چوان يا سڀ چوان..؟ مير محمد صاحب جو هي نظم سندس قد ڪاٺ تمام وڏو ڪري بيهاري ٿو، هونءَ به سندس مان مريادا انتهائي اتم آهي، سندس نانءُ سنڌ جي ادب ۽ شاعريءَ جي تاريخ ۾ سونهري لکيو ويندو پر سندس ڪي شيون ايتريون ته مٿاهيون آهن جن جي ڪٿ ڪرڻ به وڏي دل گڙدي جو ڪم آهي، انتهائي اوکي ڳالھ آهي. مون سدائين ميرمحمد پيرزادي صاحب جي ڪتابن مان ۽ سندس شاعريءَ مان گهڻو ڪجھ پرايو آهي، سندس ڪتابن منهنجي تمام گهڻي رهنمائي ڪئي آهي، منهنجا هي چند ٻاڙا اکر هن ڪتاب جي اهميت ۽ ميرمحمد صاحب جي ادبي پورهيي جي آڏو ڪجھ به نه آهن.

اڄ جڏهن سيل فون تي آيل هڪ ميسيج ڇرڪائي ڇڏيو ۽ منهنجي اکين ۾ اٿندڙ کاري پاڻيءَ جي ڇولين سمورا منظر ڌنڌلائي ڇڏيا، تڏهن محسوس ٿيو ته سنڌ هڪ تمام وڏي ماڻهوءَ، تمام وڏي شاعر، تمام وڏي گيت جي تسلسل کان موڪلاڻيءَ جون تياريون ڪري رهي آهي، سنڌ هڪ وڏو سور سهڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، اڄ موهن جي دڙي کان وٺي چاهونءَ جي دڙي تائين جو فاصلو ڪيتريون ئي سڏڪندڙ دليون ماتم ڪندي ۽ نوحه گري ڪندي طئي ڪنديون، اڄ ڪلاچي ۽ نيرون ڪوٽ کان جيڪي قافلا نڪرندا انهن جي سڏڪن جو سرگم سمورو رستو محسوس ڪندو، اڄ سنڌ جي هنج پنهنجي هڪ ٻئي سپوت کي ٻک ٻکڻ لاءِ تياري ڪندي، اڄ سنڌ کان سنڌ جي گيت جي موڪلاڻي ٿي، اڄ سائين مير محمد پيرزادي صاحب جي سنڌ کان، سنڌي ماڻهن کان، موهن جي دڙي ۽ چاهونءَ جي دڙي کان موڪلاڻي ٿي. اڄ ڪجلاسر جون ڪامڻيون سندس رٿ سورڳ ڏي سورڻ جي تيارين ۾ هونديون پر سنڌ ڌرتي سندس وڇوڙي جي سوڳ ۾ سوڳوار آهي ۽ ڌرتيءَ جا سمورا ڌڱ سرنگون آهن.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment