شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

- 21 - مارچ - 2019ع

آصف زرداري ۽ بلاول نيب آڏو پيش، پوليس ۽ ڪارڪنن وچ ۾ چڪريون، ڪيترائي گرفتار

تازھ ترين

ميران اسڪول، تعليم وارو وزير ۽ منهنجو ننڍپڻ


صبح 06 لڳي 05 منٽ -اربع 02 جنوري 2019  123 
image-1

 

منهنجي ڪنن تائين جڏهن اها خبر پهتي ته سنڌ جي تعليم واري وزير سردار شاهه پنهنجي ڌيءَ کي حيدرآباد جي سرڪاري ميران اسڪول ۾ داخل ڪرايو آهي ته منهنجي ذهن ۾ ننڍپڻ جون يادگيريون وري آيون. مون کي آڳاٽا ڏينهن ياد اچي ويا، جڏهن آئون ان اسڪول جي شاگردياڻي هيس. ميران اسڪول مون سوڌو حيدرآباد جي ڪيترين ئي ڇوڪرين جو اسڪول رهيو آهي. هڪ اهڙو اسڪول جنهن جو تعليمي معيار هن شهر جي سڃاڻپ آهي.

توٽو: صدف شيخ

فوٽو: صدف شيخ

پر وقت گذرڻ سان گڏوگڏ ۽ اسڪول مان نڪرڻ کان پوءِ ڪڏهن موقعو ئي نه مليو ته ڪو وڃي اسڪول جو چڪر لڳائي اچان. هڪ اهڙو اسڪول جيڪو ورهاڱي کان اڳ قائم ٿيو ۽ اها ئي هن اسڪول جي هڪ خاص ڳالهه آهي جو اڄ به اهو اهڙي طريقي سان ڪم ڪري رهيو آهي، جيئن اڳ ڪندو هو.

هن ڀيري تعليم واري وزير جي ڌيءَ جي داخلا تي منهنجي دل مون کي اسڪول وڃڻ تي مجبور ڪيو. شايد ان اسڪول سان جڙيل منهنجي رشتي جو اثر هو جو آئون پنهنجو پاڻ کي روڪي نه سگهيس ۽ اسڪول ڏانهن نڪري پيس. جتي منهنجي ملاقات اسڪول جي پرنسپال سان ٿي، جيڪا اسڪول جا انتظامي معاملا بهترين انداز سان سنڀالي ٿي. ميران اسڪول حيدرآباد جو هڪ وڏو اسڪول آهي، جتي وڏي انگ ۾ ڇوڪريون اڄ به تعليم پرائي رهيون آهن، هي اسڪول فقط حيدرآباد جو ئي نه پر سموري سنڌ جو معياري اسڪول رهيو آهي.

فوٽو: صدف شيخ

فوٽو:صدف شيخ

هونئن ته حيدرآباد ۾ ٻيا به جام اسڪول آهن پر ميران اسڪول پنهنجي الڳ سڃاڻپ رکي ٿو. اسڪول جو بنياد ان دور جي ليکڪ، شاعر ۽ فلسفي ساڌو ٽي ايل واسواڻي وڌو. جيڪو حيدرآباد ۾ ڄائو هو. سندس اصل نالو ٿانور داس ليلا رام وسواڻي هو. هو 25 نومبر 1879ع ۾ وسواڻي گهراڻي ۾ ڄائو.

ساڌو ٽي ايل واسواڻي پنهنجي تعليم پوري ڪرڻ کان پوءِ پنهنجن نوجوانن لاءِ فلاحي ڪم ڪرڻ لڳو. جن ۾ صحت ۽ تعليم جي بهتري تي گهڻو زور ڏنو ويو. ساڌو صاحب حيدرآباد ۾ ڪافي فلاحي ۽ تعليمي ادارا قائم ڪيا. جنهن کي ميران موومينٽ ان ايجوڪيشن چيو ويو.

فوٽو:صدف شيخ

فوٽو:صدف شيخ

فوٽو:صدف شيخ

جنهن جو بنيادي مقصد جديد سائنسي تعليم ۽ تربيت سان پنهنجو پاڻ کي ڳنڍڻ هو. ان حوالي سان ميران اسڪول هڪ جيئرو جاڳندو مثال آهي. جتي ٻارن کي سائنسي تعليم سان گڏوگڏ ڪردار جي بهتري، دل ۾ خلوص ۽ قرباني جو جذبو پيدا ڪرڻ جو ڪم به ڪيو ويو. ان تحريڪ ڪيترن ئي تعليمي، سماجي ۽ فلاح بهبود جي ادارن کي جنم ڏنو. هو عورتن جي تعليم ۾ وڏي دلچسپي رکندو هو.

ميران اسڪول جو بنياد 1930ع ۾ ميران ٻائي جي نالي سان رکيو ويو. جيڪا هڪ شاعره هئي. جنهن جا ڀڄن ڏاڍا مشهور هئا. تنهنڪري ميران اسڪول اصل ۾ ميران آشرم هو، جتي موسيقي وسيلي ٻارن کي تعليم ڏني ويندي هئي. جنهن ۾ ڀڄن ۽ صوفياڻه ڪلام شامل هئا. ميران ٻائي جَي سريلي آواز ۽ سندر گيتن کان ڪير واقف ناهي. سندس شاعري ۾ درد سمايل آهي.

فوٽو:صدف شيخ

فوٽو: صدف شيخ

ميران ٻائي 1804ع ۾ جوڌ پور جي ڪڙڪي ڳوٺ ۾ ڄائي. هڪ روايت موجب هڪ ڏينهن محل جي اڳيان ڄڃ گذري، سڀئي ماڻهو اها ڄڃ ڏسڻ ويا ۽ راڻي ڪرشن جي مورتي جي پوڄا لاءِ مندر وئي، ميران کي به ساڻ وٺي وئي. ان وقت ميران پڇيو ته امان منهنجو ور ڪير آهي ته راڻي کل ڀوڳ ۾ مورتي ڏانهن اشارو ڪري چيو ته شري ڪرشن آهي تنهنجو ور. ان ڏينهن کان وٺي راڻي ڪرشن سان بي انتها محبت ڪرڻ لڳي ۽ ڪرشن کي دل جي مندڙ ۾ ديوتا ٺاهي ڇڏيو.

ميران اسڪول ان وقت هتي موجود عامل برادري پاران اڏيو ويو. اڄ تائين هن اسڪول هزارين ذهنن جي آبياري ڪئي. جنهن جي ڪري عورتن جي تعليم ۾ ميران اسڪول جي ڪردار کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي.

فوٽو: صدف شيخ

فوٽو:صدف شيخ

اڳوڻي اسٽيشن ڊائريڪٽر ۽ پروڊيوسر ريڊيو پاڪستان حيدرآباد نصير مرزا جو چوڻ آهي ته ”ورهاڱي کان اڳ هندو عامل برادري نه فقط تعليم جي معاملي ۾ سنجيده هئي بلڪه فلاح ۽ بهبود جي ڪمن ۾ به اڳيان هئي. ان زماني ۾ هڪ مشن تحت عامل برادري حيدرآباد ۾ تعليمي ادارا قائم ڪيا. ميران اسڪول به ان مشن جو حصو هو. جتي ڇوڪرين کي راڳ سيکاريو ويندو هو. هتي ميران ٻائي جا ڀڄن ڳايا ويندا هئا ته جيئن شاگرد دلچسپي سان تعليم پرائي سگهن.“

ورهاڱي کان اڳ ميران اسڪول ۾ نه رڳو سائنسي تعليم ڏني ويندي هئي پر مذهبي ۽ روحاني تربيت به ڪئي ويندي هئي. اهو سلسلو اڄ به جاري آهي. اهڙي ريت ٻارن جي اخلاقي تريبت ڪرڻ ۾ استادن جو وڏو ڪردار آهي. هتي تعليم سان گڏوگڏ ٻارن جي حوصلا افزائي به ڪئي ويندي آهي. نعت جي مقابلن کان وٺي تقريري مقابلا ڪنهن خاص ڏينهن تي ڪرايا ويندا آهن ته جيئن ٻارن جون صلاحيتون اجاگر ٿينديون رهن.

ميران اسڪول ۾ هڪ سهڻو ۽ بهترين هال آهي. جتي اهي سمورا پروگرام ٿيندا آهن. اسيمبلي لاءِ به هڪ بهترين گرائونڊ آهي. جتي سموريون شاگردياڻيون قطار ٺاهي بيهنديون آهن. ان کانسواءِ هتي ٻه وڏا باغ به آهن ۽ هڪ راند جو ميدان آهي، جتي ٻارن لاءِ راندين جا مقابلا به ڪرايا ويندا آهن. هتي هڪ لائبريري پڻ موجود آهي.

نصابي ڪتابن کان سواءِ ٻيا به مختلف موضوعن تي ڪتاب رکيل آهن. اسڪول جي عمارت ۾ هڪ سهڻو ڊارائنگ هال به آهي، ان ڊرائنگ هال ۾ ٻارن جي صلاحيتن کي بهترين انداز سان اجاگر ڪيو ويندو آهي. جتي گهڻيون ٻيون به شيون موجود آهن. جيڪي ٻارن پنهنجن هٿن سان ٺاهيون آهن. جڏهن ته هوم اڪنامڪس جو هال به اسڪول ۾ موجود آهي، جتي ٻارڙين کي سلائي وغيره سيکاري ويندي آهي.

فوٽو:صدف شيخ

هتي پرائمري ۽ سيڪنڊري سيڪشن الڳ الڳ آهن. اسڪول جي ڀتين تي ٻارن پاران ٺاهيل ڊارائنگ به ڏسي سگهجي ٿي. پرائمري سيڪشن جون اندريون ڀتيون بهترين نموني ٺهيل آهن. هن اسڪول جي بهترين ڳالهه اها آهي ته هتي سنڌي، اردو ۽ انگلش ميڊيم موجود آهن، جڏهن ڪو ٻار داخلا وٺڻ اچي ٿو ته سندس معيار موجب ان جي داخلا ان سيڪشن ۾ ڪئي ويندي آهي. جڏهن ته هتي هڪ ڪمپيوٽر ليب به موجود آهي.

سنڌ ۾ اڪثر سرڪاري اسڪولن جي حالت تمام گهڻي خراب نظر اچي ٿي ۽ ڪي وري اهڙا آهن، جتي استاد آهن ته فرنيچر ڪونهي، جيڪڏهن سموريون شيون آهن ته استاد غيرحاضر هوندو آهي. پر ميران اسڪول کي ڏسي ان جو اندازو ئي نٿو ٿئي ته هي ڪو سرڪاري ادارو آهي. جيڪڏهن ٻيا ادارا به ائين ٿي وڃن ته سنڌ اڳ وانگر پنهنجو اوج ماڻي سگهي ٿي.

فوٽو:صدف شيخ

سنڌ جي تعيلم واري وزير سردار شاهه پنهنجي ڌيءَ ڪيف الواريٰ ۽ ڀائيٽي توڙي هڪ ملازمه کي هن اسڪول ۾ داخل ڪرايو آهي. جيڪڏهن هو چاهي ها ته حيدرآباد جي ڪنهن به مهانگي اسڪول ۾ داخلا ڪرائي پئي سگهيو پر هن ميران اسڪول جي چونڊ ڪئي. هي اسڪول انهن نجي اسڪولن کان بهتر آهي، جيڪي تعليم کي ڪاروبار ڪريو ويٺا آهن. اسان وٽ تعليم جو معيار اهو آهي جو ٻيون ٻوليون ته ڇڏيو ٻار پنهنجي مادري ٻولي به نٿا ڳالهائي سگهن.

اسڪولن ۾ عاليشان عمارتن، بهترين يونيفار ۽ رڳو ڪتابن وسيلي تعليم حاصل ناهي ٿيندي پر تعليم استاد ۽ شاگرد جي وچ ۾ هڪ مضبوط رشتي جو نالو آهي.

فوٽو:صدف شيخ

فوٽو: صدف شيخ

ان ڏينهن مون ميران اسڪول جي هر ڪنڊ گهمي ڏٺي ۽ پنهنجو ننڍپڻ ڳوليندي رهيس. جيڪو هاڻ هڪ اهڙي يادگار عمارت جو حصو بڻجي ويو آهي، جنهن جو مقصد سنڌ ۾ تعليم کي هٿي ڏيڻ هو.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment