شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

ڇنڇر - 25 - مئي - 2019ع

زينب ڀيو ڪيس ۾ ٽن ڄڻن کي ڦاهي ۽ هڪ کي جنم ٽيپ جي سزا ٻڌائي وئي

تازھ ترين

سنڌ جي ڏاهي جيجي ڊاڪٽر دُرِ شهوارسيد


صبح 09 لڳي 21 منٽ -جمعو 28 ڊسمبر 2018  142 
image-1

ڊاڪٽر دُرِ شهوار سيد، سنڌ جي اُها باوقار، حوصله مند ۽ ساڃاهه – وان نياڻي هئي، جنهن نه رڳو پنهنجي خاندان جو پر سموريءَ سنڌ جو، سنڌ ۾ ۽ سنڌ کان ٻاهر، نالو روشن ڪيو. هُن جو والد محترم سائين جي .ايم.سيد سنڌ جي اُها عزت لائق شخصيت هو، جنهن جو جديد سنڌ ۽ اُن جي جديد قومي شعور جي تعمير ۾ لازوال ڪردار هو. 

ڊاڪٽر دُرِ شهوار سيد، پنهنجي والد جي تربيت هيٺ رهي، انهن جي سٻاجهائپ ۽ سادگيءَ، سيرت ۽ ڪردار واريءَ بلنديءَ ۽ علم ۽ عمل وارا گڻ حاصل ڪري، سچ پچ پاڻ کي سنڌ جي سرزمين جي هڪ مثالي گڻوان، سٻاجهي ۽ عالم عورت ثابت ڪيو. 

باوجود خانداني رسمن جي قيد ۾ جڪڙيل سماج جي رڪاوٽ جي، هِن سدوريءَ ۽ سلڇڻي نياڻيءَ، صرف ۽ صرف پنهنجي والد محترم جي محبت، رهبريءَ ۽ ساٿ سان، سنڌ يونيورسٽيءَ کان ڏورانهين انگلنڊ جي سَسيڪس يونيورسٽيءَ تائين جو علمي سفر طيءَ ڪيو، ۽ وڏيءَ محنت، اورچائيءَ ۽ همت سان پيءُ جي خواهش جو احترام رکندي، سنڌ جي صوفين جي عالمي پيغام “Universal Message of Sufis of Sindh” جهڙي هڪ دلپذير ۽ اعليٰ موضوع جو انتخاب ڪيو، ۽ سالن جي پورهئي ۽ ڏاکڙن، ۽ علمي وسيلن ۽ خود پئسي جي محدوديت جي باوجود، سنڌ جي اُن “پهرينءَ نياڻيءَ هئڻ” جو شرف حاصل ڪيو، جنهن شاهه لطيف جي فڪر عظيم ذريعي سنڌ جي صوفين جي جامع پيغام تي ڊاڪٽريٽ جي مُستَنِد ۽ مُعتبر ڊگري حاصل ڪئي. 

سنڌ جي هن پُر عزم نياڻيءَ، پنهنجي علم جي تڪميل لاءِ، ڪيڏي نه جاکوڙ ۽ ذهن جي ڪيڏيءَ نه يڪسُوئيءَ ۽ همه گيريت کان ڪم ورتو مختلف ادارن ۾ داخلا جا ڏکيا مرحلا، استادن ۽ علمي رهبرن (Guides) جي علمي فيض جو استفادو، ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل ڪتابن ۽ دستاويزن جي تلاش ۽ انهن جي تفصيلي ۽ باريڪ مطالعو، مختلف ٻولين جي ڄاڻ جي حاصلات، ۽ تصوف، ويدانت ۽ يورپ جي Mysticism بابت، مذهبن ۽ فلسفن جي اڀياس، ايم اي، ايم فِل ۽ پي ايڇ ڊي جي علمي ۽ مطالعاتي تقاضائن جو پورائو- اهي ڏکيا ۽ اڻاوالَڪَ هئا، جيڪي سَنَ جهڙي ڪُنڊائتي ڳوٺڙي ۽ پيراڻي / سَيداڻي گهر جي نياڻيءَ کي نه رڳو لنگهڻا پيا، پر، سنڌيءَ جي مقبول محاوري موجب، “ٽڪر ٽاڪڻا” پيا. اُن سڄي سفر ۾ جيڪا رهنمائي سيد اعظم، سائين جي ايم سيد، پنهنجي نياڻيءَ جي ڪئي، سا سچ پچ ته والدين لاءِ هڪ سبق ۽ هڪ مثال آهي. 

جيجي دُرِ شهوار جون لکڻيون پڙهي پختي عزم ۽ ارادي واريءَ نياڻيءَ جي مستقل مزاجيءَ کان متاثر ٿيڻو پوي ٿو، اُتي سندس علم جي راهه ۾ رڪاوٽن جي ڄاڻ پڻ ملي ٿي، ۽ اُتي اسان جي ملڪ جي ادارن، استادن ۽ شاگردن جي ابترحال جو نقشو به اسان جي اکين آڏو تَريِ اچي ٿو ۽ معلوم ٿئي ٿو ته منزل جي حاصلات لاءِ رڳو جذباتيت ۽ هلڪي نعري بازي ضروري نه آهي، پر اُن لاءِ اول العزميءَ، ڄاڻ ۽ محنت ۽ خالص محنت جي ضرورت آهي. 

جيجي دُرِ شهوار مادر علمي سنڌ يونيورسٽي، ڄامشوري، مان 28 نومبر 1972ع تي، يعني اڄ کان پورا 42 سال اڳ، جِي جِي دُرشهوار پنهنجي والد محترم کي لکيو هو، اُهو خط پڙهي، محسوس ٿئي ٿو ته اسان جي استادن ۽ شاگردن جو معيار ۽ ذهني سطح اڄ به اُتي ئي بيٺي آهي. خط ۾ لکي ٿي:

“انهن نوجوانن جو ذهن ڪڏهن بالغ ٿيندو، ڪجهه چئي نٿو سگهجي، ڪهڙي مُنهن سان هِنن ۾ اميدون رکجن، جيڪي سڄو سالُ ڪلاسن جو مُنهن ڪونه ڏسن، امتحان ۾ استادن کي ريوالوَر ڏيکاري، ڌمڪيون ڏئي، آرام سان ڪاپي ڪري، پوزيشن کڻن ۽ فرسٽ ڪلاس پاس ٿين! پوءِ انهن جي قابليت جو اندازو خود لڳائي سگهون ٿا. اِنهيءَ جي باوجود افعالن جا سٺا هجن ته به چڱو!

“ٻئي طرف استاد هر حالت ۾ پنهنجا دقيانوسي عقيدا شاگردن تي مڙهڻ جي ڪوشش ۾ آهن! جيڪو نه مڃين، ته ڊگريءَ تان هٿ کڻي- جيئن 14 سالن کان پوءِ مس مس وڃي الانا صاحب کي ڊگري ملي آهي! جن جي نظر ۾ ڌرتيءَ سان محبت ۽ ڌرتيءَ جي ساراهه ڪفر آهي، ۽ ٻئي طرف Virtues (نيڪيون) صرف ۽ صرف مسلمانن جي ميراث آهن، جيڪي ٻئي ڪنهن به مذهب جي پوئلڳن ۾ ٿي نٿيون سگهن! سواءِ سندن گروهه جي ملن جي، ٻيا هنن جي نظر ۾ سڀ ڀٽڪيل آهن! تعليم نه ٿي، هڪُ تماشو ٿيو. اهڙن استادن ۽ شاگردن سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ يا هنن جهڙو ٿيڻو پوي يا چرين جي اسپتالن ۾ اڳ ئي روم رزرو ڪرائي ڇڏجي!”

ڇا، اڄ به ساڳي حالت نه آهي؟ استاد مارون کائين پيا، تعليمي ادارن ۽ هاسٽلن کي چو ديواريون ڏئي جيل خانو بنايو ويو آهي، شاگردن ۽ استادن کان رينجرس ۽ پوليس وارا تلاشي وٺي، پوءِ کين اندر داخل ٿيڻ ڏين ٿا! جتي تعليم جي محافظ رينجرس ۽ پوليس هجي، استاد شاگردن کان ڊڄن ۽ شاگرد پنهنجن هيڻن تي آڪرا ۽ پروان ڏاڍن جا غلام هجن، اُتي تعليم جو معيار ڪيئن بلند ٿيندو! جتي درسگاهن ۾ آزاد سوچ اختيار ڪرڻ جو حق نه هوندو ته ڪَٽَر پڻي استادَ لائق ۽ ذهين شاگردن کي لازمي طرح 14سالن ۾ ڊگريون ڏيندا، ۽ چاپلوس ۽ “تون مون کي حاجي چَئُه، مان توکي قاضي چوان” قسم جي شاگردن کي ٻن ٽن سالن اندر ڊگريون ملي وينديون، ۽ پوءِ ڊگرين جي ڀَريُن وارا ڊاڪٽر جيڪو ذهني علاج هِن اٻوجهه ۽ وهمن ۾ ورتل غلام قوم جو ڪندا، اُن جي نتيجي کان باخبر آهيون. 

اهڙي طرح جِي جِي دُرشهوار علم جي حاصلات لاءِ جڏهن پرڏيهه لاءِ اُسَهِي هئي، ته هن جو مطمع نظر صرف ڊگري نه هو، پر هُن جو مقصد علم جي حاصلات هئي، پوءِ اُهو علم انگلنڊ ۾ ملي يا ايران ۾، آمريڪا ۾ ملي يا انڊيا ۾ هر هنڌ هُن ڪوشش ڪئي، ۽ پنهنجي وسيع النظر، وسيع القلب ۽ عالم والد کان وک وک تي رهنمائي حاصل ڪئي، ۽ جڏهن علم حاصل ڪري موٽي، ته مان ۽ مريادا سان ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ اچي استاد ٿي. ولايت ۾ تعليم دوران تصوف ۽ شريعتي مذهبن جي مقابلي جهڙي وسيع ۽ گنجلڪ موضوع جي اڀياس لاءِ هِن ذهين، حساس ۽ باصلاحيت نياڻيءَ کي ڪهڙيءَ طرح لائبريريون ڀيٽڻيون پيون، ڪهڙن ڪهڙن استادن جي ليڪچرن ۾ شريڪ ٿيڻو پيو. پر باوجود ان جي سندس ڄاڻ اڻپوري ۽ تشنه رهجي وڃي ٿي، ته سندس ٻاجهارو محسن، عظيم پيءُ هڪ ماهر استاد بنجي، سندس رهنمائي ڪري ٿو ۽ کيس سمجهائي ٿو ته کيس ڪهڙا ڪهڙا ڪتاب پڙهڻ گهرجن. اِن مان سائين جي ايم سيد جي علمي برتريءَ ۽ وسيع مطالعي جي ڄاڻ پوي ٿي ته جتي انگلنڊ جا قابل استاد درشهوار جي رهنمائي ڪرڻ ۾قاصر رهن ٿا، اُتي سائين جي ايم سيد جِي جِي جي نه رڳو رهنمائي ڪري ٿو، پر کيس گهربل ڪتاب هِتان هتان هٿ ڪري موڪلي ٿو. ائين ڄڻ تها سان جي هيءَ سُلڇڻي ۽ محنتي نياڻي ٽطرفو علم، يعني ذاتي مطالعي، استادن جي رهبريءَ ۽ والد جي سکيا وسيلي، حاصل ڪري ٿي. ان مان ڄاڻ پوي ٿي ته اسان جي ملڪ ۾ ڊگري وٺڻ ڪيتري آسان آهي ۽ ٻاهر ڪيتري مشڪل ۽ ڏکي آهي! 

جِي جِي درشهوار جڏهن پنهنجي ماءُ جي وفات تي پريشان ٿي وڃي ٿي ته کيس اُن ڏک برداشت ڪرڻ لاءِ سائين جي ايم سيد جيڪو عالمانه خط لکن ٿا، سو پڙهڻ جهڙو آهي. 

“زندگي هڪ روشنيءَ جي جهلڪ وانگر آهي جڏهن ڏيو يا بتي وسامي ٿي ته ڄڻ هئي ڪانه، اهي ڏک ۽ ارمان سڀ ائسوسيئيشن جي ڪارڻ آهن، جي زندگيءَ جي سمورن دکن جو ڪارڻ ٿين ٿا. مهاتما گوتم به اهڙيون حالتون ڏسي ۽ اُن سان، جي دک پيدا ٿين تن مان ڇوٽڪاري حاصل ڪرڻ لاءِ ورهين جا ورهيه بن ۾ رهي، ڌيان ۽ فڪر بعد، زندگيءَ جي اسرار کان واقف ٿيو هو، جنهن بعد کيس معلوم ٿيو ته دک سڀ لاڳاپن جي ڪارڻ پيدا ٿين ٿا. اُنهن جي ڄار مان آزادي حاصل ڪرڻ صحيح علم جو مقصد آهي. جنهن کي ٻُڌي سڏيو اٿن. تو کي فلسفه روح مذهب جي پِڙهڻ لاءِ ان ڪري موڪليو اٿم ته تون اُن نروان جي راز کان واقف ٿين، “بيدل” سائين فرمائي ٿو: 

سک رمز وجود وڃاوڻ دي

نهين حاجت پڙهڻ پڙهاوڻ دي

هاڻ جي تون جنهن کي علم حقيقي يا روحاني رمزون معلوم ڪري، ماڻهن کي ان مان واقف ڪرڻ لاءِ موڪليو اٿم، سا لاڳاپن جو شڪار ٿي، دک جي انتها جو ائين اظهار ڪندينءَ، ته اسان جو ڪهڙو حال ٿيندو......” (12-1-1976) 

هيءَ سنڌ جي بي بها ۽ بي بدل نياڻي، سنڌ جو وڏو اثاثو (Asset) هئي. هن جي پي ايڇ ڊيءَ جي ٿيسز جي اهميت محسوس ڪندي، سنڌي ادبي بورڊ اُن کي انگريزيءَ ۾ ڇپايو، ۽ اُن جو اردو ترجمو پڻ تازو ڇپجي چڪو آهي. 

جِي جِي درشهوار جي ڪَمِٽمينٽ (سِرَ سيتائيءَ) محنت ۽ اورچائيءَ جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته پاڻ ٽن سالن لاءِ لطيف چيئر، ڪراچي يونيورسٽيءَ، جي چيئر پرسن بڻي، ته اُن مختصر عرصي ۾ ڪيڏو نه معيار جو ڪم ڪري ڏيکاريائين، اُن جو ثبوت سندس هيٺين سهيڙيل ۽ شايع ڪيل ڪتابن مان ملي ٿو:

(1) شاهه لطيف ۽ سنڌي موسيقي، (2) شاهه لطيف تي تحقيق، (3)شاهه لطيف بابت ببليو گرافي، (4)شاهه جو رسالو (چئن زبانن ۾) جلد 1، (5) ڪشف الابيات (ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جي سهيڙيل ڪتاب جي تدوين)، (6)تحقيق جو طريقيڪار

آخر ۾ سائين جي ايم سيد جا هي پيار ڀريا دعائيه ۽ اعترافي لفظ اسان جي هن بي بدل نياڻيءَ لاءِ وڌ ۾ وڌ خراج به آهن ته “تنهنجي تعليم جي ڪاميابي منهنجي زندگيءَ جي مِشن جي سرانجاميءَ جو واڌارو آهي!”

(ھي بلاگ محسن جويو صاحب جي ٿورن سان ھلائي رھيا آھيون)

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment