شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

آچر - 18 - آگسٽ - 2019ع

گلزار محل: هڪ ننڌڻڪو گهر


صبح 08 لڳي 42 منٽ -اڱارو 18 ڊسمبر 2018  250 
image-1

 

فلسطيني شاعر محمود درويش پنهنجي هڪ نظم ۾ لکيو هو ته ”گهر ماءُ جي هٿ جي ٺهيل ڪافي پيئڻ جو نالو آهي.“ پر سموري دنيا ۾ گهر جون وصفون شايد الڳ الڳ هجن. ڪنهن لاءِ اهو دنيا جي جهان جي ڪم ڪارن کان ٿڪي ٽٽي آرام ڪرڻ جو نالو آهي ته ڪنهن لاءِ وري هڪ اهڙي جاءِ جتي توهين هر قسم جو سڪون محسوس ڪندا آهيو. پر گهر هڪ اهڙو ٺڪاڻو آهي، جيڪو اسان کي گهر ڀاتين جو سک به ڏيندو آهي ته هڪٻئي سان حال اورڻ جو موقعو پڻ فراهم ڪندو آهي.

فوٽو: اختر حفيظ

فوٽو: اختر حفيظ

سنڌ ۾ اڄ به ڪي اهڙا گهر قائم آهن، جيڪي اسان کي ورهاڱي جي ياد ڏيارين ٿا. پر اها انهن گهرن جي بدقسمتي آهي جو انهن جا گهرڀاتي هاڻ مٽجي چڪا آهن. جن مان ڪن گهرن جي حالت هاڻي بنهه زبون آهي ۽ ڪي ته اهڙا آهن، جيڪي وڪجي چڪا آهن. حيدرآباد ۾ هيرآباد هڪ اهڙو پاڙو آهي، جنهن ۾ ورهاڱي کان اڳ اڏيل گهر گهڻي انگ ۾ آهن پر وقت گذرڻ سان گڏوگڏ انهن گهرن جا پساهه به پورا ٿي رهيا آهن. ڪي گهر اهڙا آهن، جيڪي اڄ به ڪِليم وسيلي انهن ماڻهن جي حوالي آهن، جيڪي ورهاڱي وقت هندستان مان لڏي اچي هتي آباد ٿيا هئا پر ڪي اهڙا پڻ آهن، جن تي درن تي تالا چڙهيل آهن ۽ ان کانسواءِ ڪئين گهر هاڻ ڊاهي انهن جي جاءِ تي پلازه اڏيا ويا آهن.

فوٽو: اختر حفيظ

فوٽو: اختر حفيظ

فوٽو: اختر حفيظ

پر اهڙي قسم جون ڪئين جايون سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ موجود آهن، ڪجهه وقت اڳ آئون جڏهن ميرپورخاص ويس ته منهنجي دوست عبيد بنگلاڻي اهڙي ئي هڪ گهر جو ذڪر ڪيو هو، جيڪو گلزار محل سڏجي ٿو. اهو گهر ميرپورخاص جي ريلوي اسٽيشن جي پوئين پاسي هڪ گهٽي ۾ آهي. جنهن جي هيٺ دڪان آهن ۽ گهر مٿي اڏيو ويو آهي.

فوٽو: اختر حفيظ

فوٽو: اختر حفيظ

ڪنهن زماني ۾ اهو گهر هالا جي هڪ ڪٽنب وٽ هوندو هو. جيڪو ڳچ وقت تائين ان گهر ۾ رهيو پر پوءِ اهو اتان لڏي ڪراچي هليو ويو. مون ان ڪٽنب جي حوالي سان گهڻي پڇا ڪئي پر انهن جو ڪو ڏس پتو هٿ نه آيو ۽ نه ئي ڪو فون نمبر ملي سگهيو، جنهن وسيلي انهن سان رابطو ڪري سگهجي.

فوٽو: اختر حفيظ

فوٽو: اختر حفيظ

هن گهر جي حوالي سان ميرپورخاص شهر واسين جو چوڻ آهي ته هي ان زماني ۾ ڪنهن سک ڪٽنب جو گهر هو، جنهن جو نالو گلزار هو. جڏهن ورهاڱي جو واءُ وريو ته پنهنجي حياتي بچائڻ لاءِ اهو ڪٽنب سنڌ ڇڏي هندستان هليو ويو ۽ پوءِ اهو گهر هالا واسين جي حوالي ٿي ويو. جيئن ته ان گهر کي شايد هالا جي ڪٽنب پنهنجو نه سمجهيو ان ڪري وقت گذرڻ سان گلزار محل به پنهنجو جوڀن وڃائي ويٺو ۽ آهستي آهستي گلزار محل جي ڀتين ۾ ڏار پوڻ شروع ٿيا، رنگين در ۽ درين جا رنگ هلڪا ٿي ويا، روشن دان ٽٽڻ لڳا، رنگ روغن وقت جي دز ۾ ميرو ٿي ويو ۽ هي گهر وارث هوندي به ڄڻ ته لاوارث ٿي ويو.

گلزار محل جي ٻاهرين ڀت تي ان جي اڏاوت جو سال 1943ع لکيل آهي، جنهن تي گائتري منتر پڻ لکيل آهي. پر هتي اهو سوال به آهي ته جيڪڏهن گلزار محل واقعي به ڪنهن سک ڪٽنب جي ملڪيت هئي ته ان تي گائتري منتر ڇو لکيو ويو آهي.

فوٽو: اختر حفيظ

فوٽو: اختر حفيظ

ان منتر جي معنيٰ آهي ته ”اي پرماتما! تون بي ابتدا آهين، تون لافاني هستي آهين، تنهنجي مرضي سان ئي هي ڪل ڪائنات وجود ۾ آئي آهي ۽ سموري دنيا توسان ئي قائم آهي. تون سڀن کي ڄڻي رزق ڏين ٿو، تون سڀن جو سهارو، ڏکن کي ختم ڪندڙ، اي جهان جا مالڪ، تون عظيم تر، عبادت جي لائق ۽ سڀن جو رهبر آهين.“

گلزار محل جي ٻاهرين حصي ۾ ڏهه کان ٻارهن دريون آهن، ته جيئن گهر ۾ هوا جو گذر سولائي سان ٿي سگهي، جڏهن ته اندر هڪ ننڍو اڱڻ ۽ ٽي ڪمرا پڻ آهن. ڪمرا ايڏا ڪشادا نه آهن پر انهن ۾ لڳل در دريون به رنگين روشندانن سان سينگاريل آهن، جڏهن ته ڪمرن جي اندر ڪٻٽ به لڳل آهن. ان کانسواءِ گهر اندر هڪ ٽجوڙي به موجود هئي، ڪمرن جي ڀتين تي به رنگ ڪيو ويو آهي.

فوٽو: اختر حفيظ

فوٽو: اختر حفيظ

فوٽو: اختر حفيظ

ان زماني ۾ گهرن کي وڌيڪ سهڻو ڪرڻ لاءِ گلڪاري ۽ مختلف قسم جا چٽ به چٽيا ويندا هئا. سنڌ ۾ ورهاڱي کان اڳ اڏيل سمورن گهرن ۾ اهڙي قسم جا چٽ موجود آهن. گلزار محل ۾ ڀتين تي مور پڻ ٺاهيا ويا آهن، ان کانسواءِ ڀتين تي خاص قسم جي گلڪاري پڻ ڪئي وئي آهي. گلزار محل ۾ داخل ٿيڻ لاءِ هڪ سوڙهي چاڙهي آهي، جيڪا هن گهر جي پوئين پاسي واري در کان نڪري ٿي.

فوٽو: اختر حفيظ

فوٽو: اختر حفيظ

فوٽو: اختر حفيظ

اڄ اهو گهر سالن کان بند پيل آهي، ڪٽ چڙهيل تالي تي ڄارا ڄمي ويا آهن ۽ ڪوبه ان گهر جي وارثي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. آئون اهو ته نٿو ڄاڻان ته هن گهر جا اصل مالڪ ڪير هئا ۽ انهن لاءِ هي گهر ڪيترو اهم رهيو هوندو پر جن ماڻهن ۾ هن گهر ۾ ڏينهن رات گذاريا آهن، انهن کي گهٽ ۾ گهٽ هن گهر جي مالڪي ضرور ڪرڻ گهرجي ها. ڇاڪاڻ ته اڄ ميرپورخاص ۾ اسين جنهن گلزار محل کي ان جهريل حالت ۾ ڏسي رهيا آهيون ايندڙ وقت ۾ ان گهر جون ڀيتون وقت هتان ضرور شڪست کائي وينديون ۽ هڪ اهڙي گهر کان ميرپورخاص شهر محروم ٿي ويندو، جنهن جي ڪهاڻي اڃا اڻپوري آهي. جنهن بابت اصل سچ کي ڄاڻڻ ضروري آهي ته هن گهر جا اصل وارث ڪير هئا ۽ اڄ اهو گهر ننڌڻڪو ڇو آهي؟

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment