شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

ڇنڇر - 25 - مئي - 2019ع

زينب ڀيو ڪيس ۾ ٽن ڄڻن کي ڦاهي ۽ هڪ کي جنم ٽيپ جي سزا ٻڌائي وئي

تازھ ترين

ڪاروان: ڏسندڙ کي گڏ کڻي هلندڙ ڪهاڻي


صبح 08 لڳي 11 منٽ -اڱارو 11 ڊسمبر 2018  144 
image-1

 

نواڻ ڇا آهي؟ اهڙي ڪا شيءِ جيڪا اڳ ۾ ٻڌل، ڏٺل نه هجي ۽ اها نواڻ تڏهن وڌيڪ لطف اندوز ٿي سگهي ٿي، جڏهن اها ڪنهن جي طبيعت وٽان هجي. ڪجهه اهڙو ئي قصو باليووڊ جي فلم ”ڪاروان“ جو به آهي. باليووڊ جي فلم انڊسٽري هاڻي ان سطح تي پهچي چڪي آهي، جو انهن لاءِ ڪوبه تجربو ڪرڻ ڏکيو ناهي رهيو، تفريح جي حوالي سان گلوبل مارڪيٽ جو  حصو هجڻ سبب ناڪام ٿيندڙ فلمون به پنهنجي لاڳت ڪڍي ٿيون وٺن، پر ڪن صورتن ۾ گهڻي ايڊوينچر جي شوق ۾ فلمساز نقصان به ڪري ويهندا آهن، جهڙو تازو ريليز ٿيل فلم ” ٺگز آف هندستان“ سان ٿيو.

”ڪاروان“ڪهاڻي آهي، هڪ اهڙي نوجوان اويناش (دلقئير سلمان نئون اداڪار) جي جيڪو هڪ اهڙي ڪمپني ۾ ڪم ڪندو آهي، جتي هن جي باس جو رويو برداشت جوڳو ناهي هوندو ۽ اها نوڪري هو مجبوري ۾ پنهنجي پيءُ جي خواهش تحت ڪندو آهي، اويناش جي پنهنجي خواهش فوٽوگرافر ٿيڻ جي هوندي آهي، جنهن کي سندس پيءُ سخت ناپسند ڪندو آهي. هڪ ڏينهن اويناش کي اطلاع ملندو آهي ته سندس پيءُ هڪ سفر دوران حادثي جو شڪار ٿي فوت ويو آهي. هن کي لاجسٽڪس ڪمپني کان سندس لاش وصول ڪرڻ جو چيو ويندو آهي. لاش وصول ڪرڻ لاءِ هو پنهنجي دوست شوڪت (عرفان خان) جي مدد وٺندو آهي، جنهن جي وين ۾ جڏهن هو لاش وصول ڪرڻ ويندا آهن ته خبر پوندي آهي ته اويناش جي پيءُ جو لاش غلطي ۾ ڪنهن ٻي ايڊريس تي ڊليور ٿي ويو آهي. لاجسٽڪس ڪمپني هنن کي هڪ عورت جو لاش ڏيندي آهي، جنهن جي ڌيءُ وٽ اويناش جي پيءُ جو لاش هليو ويندو آهي ته جيئن هو پاڻ ۾ لاش ايڪسچينج ڪري وٺن. اتان کان ان دلچسپ سفر جي شروعات ٿيندي آهي. لاش سان گڏ هو جڏهن نڪرندا آهن ته اها عورت کين چوندي آهي ته سندس ڌيءُ ڪنهن ڪاليج ۾ پڙهي ٿي، ان کي به ڳولي پاڻ سان گڏ وٺيو اچن. ائين سندن ملاقات تانيه (مٿيلا پالڪر) سان ٿيندي آهي.

فائل فوٽو

انهي سموري سفر ۽ ڪهاڻي کي دلچسپ بنائي، ڏسندڙن کي پاڻ سان گڏ کڻي هلڻ جو سمورو ڪريڊٽ عرفان خان، سندس اداڪاري ۽ ڊائيلاگن کي ڏئي سگهجي ٿو. سندس بي ساخته سيريئس انداز ۾ ادا ڪيل سندس ڊائيلاگ ڏسندڙن کي بي اختيار کلائي وجهن ٿا. فلم جو پهريون حصو ڀرپور تفريح سان ڀريل آهي. جنهن رستي سان هو سفر ڪن ٿا، ان جا خوبصورت منظر تمام سهڻي انداز سان فلمايا ويا آهن. وچ ۾ غنڊن جي حملي ۾ زخمي ٿي عرفان خان جڏهن اسپتال ۾ داخل ٿيندو آهي ته اتي موجود هڪ جهور پوڙهي جي تيمارداري لاءِ ايندڙ ڇوڪري تي عاشق ٿي، گهڻو بيمار نه هجڻ جي باوجود به پاڻ اسپتال ۾ رهڻ کي ترجيح ڏيندو آهي. پردي جي پويان بيهي شعر پڙهي ان ڇوڪريءَ کي پنهنجي محبت جو احساس ڏيارڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. نيٺ هڪ ڏينهن همت ڪري ان پوڙهي کان جنهن کي ڇوڪريءَ جو پيءُ سمجهندو آهي، رشتو گهرڻ ويندو آهي. ان کان اڳ جو هي رشتو گهري اهو پوڙهو ان ڇوڪريءَ جو تعارف سندس ٽين زال طور ڪرائيندو آهي، اهو ٻڌندي ئي هو اسپتال مان ڀڄي نڪرندو آهي ۽ سندن  لاش بدلائڻ وارو سفر وري شروع ٿيندو آهي.

فلم جو ٻيو حصو، پهرئين کان ڪجهه مختلف آهي، جنهن ۾ جذباتي ڊرامي جو عنصر وڌيڪ آهي. سڀ هڪٻئي سان پنهنجي زندگيءَ جون اهي ڳالهيون شيئر ڪن ٿا، جيڪي انهن لاءِ تڪليف ۽ خالي پڻي جو باعث آهن. ان حصي ۾ ڪٿي ڪٿي لڳي ٿو ته اسڪرپٽ رائيٽر توڙي ڊائريڪٽر ڪهاڻي جي حساب سان صحيح نڀائي ناهن سگهيا. ڪجهه منظر ڊگها محسوس ٿين ٿا. آخري حصي ۾ ماءُ ۽ پيءُ بابت ڪردارن جا ڊائيلاگ تقرير واري انداز ۾ بيان ڪيا ويا آهن. سڀئي ڪردار پنهنجي ڳالهين جي ذريعي هڪ ٻئي کي موٽيويٽ ڪندي ڏيکاريا ويا آهن. روڊ ٽرپ جنهن ذريعي هر ماڻهو جهڙو پنهنجي پاڻ کي ڳولڻ چاهي ٿو، اهڙن ڪردارن جي بيڪ ڊراپ جي چونڊ ايتري مضبوط ناهي. اسڪرپٽ ۾ فلم جي ان شعبي تي وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت هئي. فلم جا آخري 15 منٽ وري پهرئين حصي واري تفريحي ٽريڪ تي آهن، جنهن ۾ شوڪت (عرفان خان) سان گڏ ان پوڙهي جي ٽين زال جو ڀڄي اچڻ، اويناش جو نوڪري ڇڏي ڏيڻ شامل آهن. مجموعي طور جيڪو هن فلم جو پيغام آهي سو اهو آهي ته زندگي ٻين جي چوڻ يا ٻين جي سوچ موجب گذارڻ جي ائين جيئجي جيئن ماڻهو پاڻ چاهي ٿو. مطلب زندگي گذارڻ بدران ان کي جيئڻ گهرجي.

فائل فوٽو

عرفان خان جيڪو حقيقي زندگيءَ ۾ بيماري جي بستري تي زندگي ۽ موت جي ڪشمش ۾ مبتلا آهي، فلم ۾ عرفان خان مزاحيه توڙي جذباتي منظرن ۾ اداڪاري سان خوب نڀايو آهي. سڀني منظرن ۾ هن دل سان اداڪاري ڪئي آهي، جيڪا قابل تعريف آهي. هن وقت تائين سندس آخري مڪمل فلم هئي جيڪا ريليز ٿي آهي. نون اداڪارن دلقئير سلمان ۽ ماٿيلا پارڪر به سٺي اداڪاري ڪئي آهي.

ارجت سنگهه جي آواز ۾ ”ڇوٽا سا فسانا“ گانو، شاعري توڙي موسيقي جي حساب سان سٺو ميوزڪ پيش آهي. پارتڪ ڪوهاڙ جو ڳايل ”سانسين“ به سٺو گانو آهي،

فلم جو هدايتڪار  آڪرش کرانا آهي. جنهن جي ڪريڊٽ تي هن کان اڳ ڊائريڪٽر جي حيثيت ۾ ته ڪا وڏي فلم ناهي، پر هن ڪائيٽس، ڪرش، ڪرش 3، يو مي اور هم ۽ هم شڪلس جهڙين فلمن جا اسڪرين پلي لکيا آهن.

روڊ جرني تي ڪردارن جي اندروني ڪشمش جي حوالي سان ” زندگي نه مليگي دوباره“ هڪ ڪامياب ۽ سٺي فلم هئي. هن فلم (ڪاروان) ۾ ان حساب سان ڏسجي ته جيڪو روڊ ٽريڪ سفر لاءِ چونڊيو ويو آهي، اهو سرسبز ۽ خوبصورت منظرن سان ڀريل آهي. ان ۾ رومانيت ته محسوس ٿئي (لَو جرني لاءِ بهترين ٽريڪ آهي) پر جيڪڏهن ڪردارن جي اندر جي خاليپڻي، ڪشمش ۽ ويڙهاند کي وڌيڪ نمايان تڏهن محسوس ڪري سگهجي ها. ان جي باوجود ان جرني کي اهڙي طرح فلمايو ويو آهي، جو ڏسندڙ پاڻ کي انهن منظرن سان گڏ هلندي محسوس ڪن ٿا. جڏهن ٽريڪ به اهڙو  چونڊجي ها. عرفان خان جي اداڪاري، نئين ڪهاڻي جي ڪري هي فلم ڏسڻ جهڙي آهي.

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment