Download Fonts

ويب سائٽ کي بهتر انداز ۾ پڙهڻ لاء فونٽ ڊائون لوڊ ڪريو


شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو


ڇهه نوان قانون ترت ئي اسيمبلي ۾ پيش ڪيا ويندا: وزيراعظم

19 - اربع - ڊسمبر - 2018ع تازه ترين

سنڌي ثقافتي ڏينهن: اجتماعي شعور جي علامت يا ڊرامو؟


2018-12-04 10:23:45  113 

محمد قاسم سوڍر

image-1

 

تازو ئي هر سال جيان 2 ڊسمبر تي سنڌ سميت پوري پاڪستان ۽ دنيا جي جنهن به ڪنڊ ڪڙڇ سنڌي موجود آهن، تن وڏي جوش ۽ جذبي سان ثقافتي ڏينهن ملهايو. جيتوڻيڪ سنڌ جي ثقافتي ڏينهن ملهائڻ جي تاريخ تي غور ڪجي ته اها ڪا پاڻمرادو سنڌي ماڻهن جي اجتماعي شعور جي نتيجي طور شروع نه ٿي هئي، پر پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري مٿان سنڌي ٽوپي پائي ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ سامهون اچڻ سبب ئي هڪ ٽي وي چئنل جي اينڪر پرسن طرفان ڪيل ٺٺول سان ٿي. ان ٺٺول کانپوءِ هڪ سنڌي ٽي وي چئنل طرفان هر سال سنڌي ثقافتي ڏينهن ملهائڻ جو سڏ ڏنو ويو. ان سڏ کانپوءِ ئي سنڌ جي ماڻهن سنڌي ميڊيا سان گڏجي هر سال ثقافتي ڏينهن ملهائڻ شروع ڪيو. پر اسان کي اهو سمجھڻ گھرجي ته، سنڌ جي ماڻهن طرفان ثقافتي ڏينهن ملهائڻ پٺيان نه ته آصف زرداري ۽ سندس پارٽي سان ڪا ماڻهن کي محبت هئي ۽ نه ئي وري سنڌي ميڊيا جي مان ۾ ماڻهن اهو ڏڻ ملهائڻ شروع ڪيو، پر ان جي ابتڙ سنڌ جي عوام پنهنجي ثقافت ۽ قوم تي حملي جي نتيجي ۾ ئي ثقافتي ڏينهن ملهائڻ شروع ڪيو. هاڻي سوال اهو آهي ته ڇا سنڌي ثقافتي ڏينهن ملهائڻ مثبت عمل آهي يا منفي؟

سنڌي ثقافتي ڏينهن ملهائڻ جي حوالي سان هر سال ٻه تڪراري رايا سامهون ايندا رهن ٿا؛ هڪڙو خيال جيڪو ان عمل کي مثبت سمجھندي اها راءِ ڏيئي ٿو ته، ثقافتي ڏينهن ملهائڻ سنڌي قوم طرفان ٻڌي ۽ ايڪي جو ثبوت آهي جنهن کي سڏيو ئي “ايڪتا ڏينهن” وڃي ٿو. ٻئي طرف، ان جي ابتڙ خيال اهو آهي ته، اهو ڏينهن ڪنهن ايڪتا قائم ڪرڻ جو ڏينهن ثابت نه پيو ٿئي پر ويتر سنڌ اندر موجود ڪيترائي تضاد، جهڙوڪ طبقاتي، لساني، گروهي وغيره کي گھٽائڻ ۾ ته ڪو ڪردار ادا نه پيو ڪري، پر ويتر انهن کي هوا ڏيڻ جو ڪم ڪري ٿو. انهن ٻنهي تڪراري خيالن جي هر سال سامهون اچڻ کانپوءِ، هن سال ان معاملي تي گرمي اڃا تڏهن وڌي آهي جڏهن سنڌ جي مشهور اديب سائين امر جليل طرفان سنڌي ثقافتي ڏينهن کي فقط هڪ ڏينهن جي ڊرامي ۽ تماشي سان ڀيٽيو ويو آهي.

سائين امر جليل نه صرف سينيئر اديب ۽ دانشور جي حيثيت رکي ٿو، پر ان سان گڏوگڏ سنڌي سماج جي انهن منفي پاسن، خاص طور درگاهن ۽ پيرن، فقيرن جي چڪر ۾ ماڻهن طرفان پنهنجو الهه تلهه ڦرائڻ جي حوالي سان تمام گھڻو لکيو ۽ ڳالهايو آهي. مون کي اڄ به سائين امر جليل جي ڪجهھ سال اڳ سنڌ يونيورسٽي ۾ ڪيل تقرير جا اهي لفظ ياد آهن ته، سنڌ جي تعليم جي تباهيءَ پٺيان لانگ بوٽ نه پر اسان سڀ ان جا ذميوار آهيون. ان تقرير کانپوءِ هڪ ممڙ متو هو ۽ امر جليل صاحب خلاف تمام گھٽ وڌ ڳالهايو ويو هو. منهنجي خيال ۾ سائين امر جليل جي جهڙيءَ طرح ڪجھه سال پهرين تقرير جي غلط نموني تشريح ڪئي وئي هئي، تيئن ئي هن دفعي ثقافتي ڏينهن جي حوالي سان به هن جي راءِ کي غلط نموني پيش ڪيو پيو وڃي.

سنڌي ثقافتي ڏينهن ملهائڻ جو سڌيءَ طرح تعلق قومي سوال سان آهي ۽ قومي سوال فقط سنڌ ۽ پاڪستان جو مسئلو ئي نه پر دنيا جي تاريخ ۾ خاص طور اوڻيهين صدي جي آخر ۽ ويهين صدي جي شروع کانوٺي قومي سوال تمام گھڻي اهميت رکي ٿو. جيتري حد تائين مون سنڌ اندر ثقافتي ڏينهن واري بحث کي سمجھيو آهي ته، کاٻي ڌر جا ڪجھه حلقا ان عمل کي ڪا خاص اهميت ڏيندي نظر نٿا اچن. اهڙو ئي بحث روس جي آڪٽوبر انقلاب کان اڳ ۽ بعد ۾ خود بين الاقوامي کاٻي ڌر اندر به رهيو آهي، جنهن ۾ ريڊيڪل ليفٽ طرفان قومي سوال کي فقط پروپيگينڊا جي حد تائين ئي سمجھيو ويو ۽ جيڪڏهن ان موضوع تي ڳالهه ڪئي به وئي ته، آٽو بائر ۽ روزا لڪسمبرگ وغيره طرفان فقط ان کي ثقافتي معاملي تائين محدود ڪيو ويو، پر لينن ۽ بعد ۾ اسٽالن طرفان قومي مسئلي کي فقط ثقافتي ئي نه پر معاشي سان گڏوگڏ سياست سان به جوڙيو ويو. اهڙو ئي بحث هندستان جي تناظر ۾ لينن ۽ ايم اين راءِ وچ ۾ به رهيو. اهو خود ليفٽ اندر ئي هڪ ڊگھو بحث رهيو آهي، ائين ئي بعد ۾ وري مختلف نون نظرين تحت جن ۾ خاص طور “انسٽرومينٽلسٽ اسڪول آف ٿاٽ” طرفان ته ان سڄي معاملي کي مڪمل طور معاشي ۽ سياسي مقصدن جي حاصلات سان جوڙيو ويو ته قومي سوال اڀاريو ئي ان ڪري ويندو آهي ته جيئن هڪ مخصوص گروهه جي سياسي ۽ معاشي مفادن جو تحفظ ٿي سگھي. ان ئي نظريي کي اڳتي وڌائيندي پاڪستان جي کاٻي ڌر جي اسڪالر حمزا علوي طرفان به هندستان ۾ هلايل پاڪستان تحريڪ کي به هڪ مخصوص طبقي جنهن کي علوي طرفان “سلاريت” جو نالو ڏنو ويو، سان جوڙيو ته اهو مسلمان طبقو ئي پاڪستان ٺاهڻ پٺيان هو ته جيئن هڪ نئين ملڪ اندر انهن جا پنهنجا گروهي مفاد محفوظ رهي سگھن. ساڳيءَ طرح، پاڪستان اندر ننڍين قومن طرفان رياست خلاف مزاحمت توڙي لساني ويڙهه کي به پاڪستان جي ڪجھه اهم اسڪالرن جهڙوڪ، طاهر امين ۽ عديل خان وغيره طرفان سياسي ۽ معاشي مفادن سان ئي سلهاڙيو ويو آهي. هاڻي ٻيهر اهو سوال اڀري ٿو ته ڇا سنڌي ثقافتي ڏينهن ملهائڻ پٺيان به ڪنهن مخصوص طبقي يا گروهه جا ئي مفاد سلهاڙيل آهن؟

جيئن مان مٿي ذڪر ڪري چڪو آهيان ته سنڌي ثقافتي ڏينهن ڪو پاڻمرادو شروع نه ٿيو هو، پر ڇا ان جا ڪي منفي اثر به سنڌي سماج تي پئجي رهيا آهن؟ منهنجي خيال ۾ سائين امر جليل جي تنقيد مٿي ڪيل بحث سان ئي سلهاڙيل آهي ته ثقافتي ڏينهن کي فقط ثقافت تائين محدود رکڻ بدران، ان ايڪتا کي سنڌ جي سياسي مفادن سان سلهاڙڻ گھرجي، جنهن حوالي سان هن سنڌ جي تعليم جي بربادي ڏانهن اشارو ڏيندي اهو سوال اٿاريو  آهي ته، “ڇا ان سال ۾ هڪ ڏينهن ملهائڻ سان هزارين بند پيل اسڪول کلي چڪا آهن يا ٻيا مسئلا حل ٿي چڪا آهن؟” منهنجي ذاتي راءِ مطابق، هر سال سنڌي ثقافتي ڏينهن ملهائڻ جا منفي پاسا نه پر مثبت آهن، پر ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته، ان ڏينهن کي فقط ڪنهن ڏيکاءَ خاطر ملهائڻ جي ان کي سنڌ جي اهم مسئلن سان سلهاڙي ان جي حل لاءِ ڪوشش ڪجي.

جيتري حد تائين مثبت پاسن جو سوال آهي ته اسان کي اهو نه وسارڻ گھرجي ته پاڪستان جي ٺهڻ کان ويندي اڄ تائين رياستي مشينري پنهنجي ننهن چوٽيءَ جو زور لڳائي رهي آهي ته، پاڪستان کي هڪ قوم ثابت ڪيو وڃي. رياست جي انهن ئي پاليسين جو نتيجو هو جو 1948ع ۾ ئي هڪ طرف ڪلات رياست تي زبردستي حملو ڪري، ان کي پاڪستان جو حصو بڻايو ويو، ٻئي طرف بنگالين جي اڪثريت هوندي به اردو کي زبردستي پاڪستان جي قومي ٻولي طور مڙهيو ويو، ٽئين طرف سنڌ اندر ڌاري آبادڪاري کي هٿي وٺرائيندي، ڪراچي کي زبردستي ملڪ جي گادي بڻايو ويو. ساڳيءَ طرح، سرحد صوبي ۾ ريفرينڊم ڪرائيندي، اتان جي چونڊيل حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ويو. مطلب ته اهي اهڙا واقعا هئا جن جي ڪري پاڪستان جي شروعاتي ڏهاڙن ۾ ئي قومي سوال اڀري آيو. اها به حقيقت آهي ته پاڪستان اندر سنڌي قوم ئي اها قوم آهي جنهن قومي سوال تي نه صرف سڀ کان وڌيڪ مزاحمت ڪئي آهي، پر کوڙ سارين ڪمزورين ۽ ڪوتاهين باوجود سنڌي ٻولي ۽ ثقافت جو ڀرپور نموني تحفظ به ڪيو آهي. ان ڪري ثقافتي ڏينهن ملهائڻ کي به ان ئي قومي سوال جي اظهار جي هڪ ڪڙي طور سمجھڻ گھرجي. هن سال اهو به پهريون دفعو ٿيو آهي ته پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ يعني آءِ ايس پي آر طرفان به سنڌين کي ثقافتي ڏينهن جون مبارڪون ڏنيون ويون آهن. جيتوڻيڪ مبارڪ ڏيڻ سان سنڌين جي محرومين جو ازالو نه ٿو ٿي سگھي، پر گھٽ ۾ گھٽ مٿين ڌرين کي اهو احساس ضرور ٿيو آهي ته ملڪ اندر موجود مختلف قومن ۽ ثقافت کي تسليم ڪرڻو ئي پوندو. ٻيو ان ڏينهن ملهائڻ جو فائدو اهو به آهي ته، ڪجھه وقت اڳ تائين ڪراچي سميت پاڪستان جي ٻين شهرن ۾ سنڌي ڳالهائيندي کوڙ سارا ماڻهو شرم محسوس ڪندا هئا ۽ کوڙ سارين سنڌي فئمليز ته سنڌي ڳالهائڻ ۽ پنهنجي ٻارن کي سيکارڻ ئي ڇڏي ڏني هئي، پر هاڻي سنڌ، پاڪستان ۽ پوري دنيا اندر سنڌي ماڻهو فخر سان نه صرف سنڌي ڳالهائين ٿا پر پنهنجي ثقافت کي ملهائين به ٿا. اهڙن عملن سان ئي رياستي مشينري ڏانهن هر ڀيري اهو پيغام وڃي ٿو ته، پاڪستان اندر قومي سوال ڏينهون ڏينهن وڌيڪ اهميت اختيار ڪري رهيو آهي بجاءِ ختم ٿيڻ جي.

ثقافت جي مثبت پاسن سان گڏوگڏ منفي پاسن تي به نه صرف نظر وجھڻ گھرجي پر انهن منفي پاسن کي ختم ڪرڻ جي به ڪوشش ڪرڻ گھرجي. اسان کي اهو نه وسارڻ گھرجي ته جيڪڏهن اسين ارتقا کي سمجھندي، دنيا سان وقت جي نزاڪت تحت اڳتي نه وڌنداسين ۽ پنهنجي سوين ۽ هزارين سال ڪجھ پراڻين فرسوده ريتن رسمن سان چنبڙيل رهنداسين، تڏهن به اسان جي قوم اڳتي نه وڌي سگھندي. مثلن، سنڌي ماڻهن لاءِ اهو مشهور رهيو آهي ته، اهي سکئي توڙي ڏکئي وقت ۾ به پنهنجي ڳوٺن تائين ئي محدود رهڻ کي ترجيح ڏيندا رهيا آهن جن جو جيئڻ ۽ مرڻ اتي ئي رهيو آهي. سنڌي قوم جي ان نفسيات جو ئي اهو نتيجو نڪتو جو سنڌي هندن جي لڏپلاڻ کانپوءِ اسان جي پنهنجن شهرن اندر ٻاهرين اچي قبضو ڪيو ۽ اسين رکي سکي تي گذارو ڪندي، پنهنجي ئي ڳوٺن ۽ واهڻ وستين تائين ئي محدود رهياسين. اڄ اهي ساڳيا ئي اسان جا هند آهن، جيڪي پنهنجو الهه تلهه سنڌ ۾ ڇڏي هندستان هليا ويا ۽ بلڪل زيرو کان شروعات ڪندڙ اهي ئي سنڌي اڄ اهي نه صرف هندستان پر دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن اندر شاهوڪار بڻجي پنهنجي زندگي گذاري رهيا آهن، پر سنڌي مسلمان اڄ تائين سنڌ جي وڏيرن، جاگيردارن، پيرن ۽ ميرن جي چنبي هيٺ آهن. تنهنڪري، اهڙي نفسيات منجھان اسان کي جند آجي ڪرائڻ گھرجي ۽ خاص طور تعليم ڏانهن وڌ کان وڌ ڌيان ڏجي جنهن حوالي سان سائين امر جليل به ڌيان ڇڪائڻ جي ڳالهه ڪئي آهي. اهڙيءَ طرح، ٻين فرسوده ريتن رسمن جهڙوڪ ڪاروڪاري، عورت کي فقط گھر جي چارديواري تائين محدود رکڻ، هنري تعليم ۽ ڪاروبار کان پاسو ڪرڻ ۽ ان کان آر محسوس ڪرڻ سميت هر ان منفي عمل جي رستا روڪ ڪرڻ گھرجي جنهن سان سنڌي قوم اڳتي وڌڻ بجاءِ ويتر پٺتي ڌڪجي رهي آهي.

اسان کي اهو سمجھڻ گھرجي ته، سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ پائي پنهنجي ثقافت کي اجاگر ضرور ڪرڻ گھرجي جيڪو يقينن مثبت عمل آهي، پر ان سان گڏوگڏ اهو اجتماعي شعور اسان کي سنڌ جي مسئلن جي حل لاءِ به اختيار ڪرڻ گھرجي. اهو ئي اجتماعي شعور اسان کي انهن سياسي ڌرين ۽ فردن خلاف به استعمال ڪرڻ گھرجي، جيڪي سنڌي ماڻهن جي ووٽ کي ٽڪي برابر اهميت ڏيڻ لاءِ تيار نه آهن. اهو ئي شعور اسان کي انهن هزارين بند پيل اسڪولن ۽ اسان جي ئي آس پاس رهندڙ انهن گوسڙو ماسترن خلاف به استعمال ڪرڻ گھرجي جيڪي حرام جي پگھار کايو قوم جو ٻيڙو ٻوڙي رهيا آهن. اهو ساڳيو ئي شعور اسان کي سنڌ جي انهن سوين سياسي ڪارڪنن جي بازيابي لاءِ استعمال ڪرڻ گھرجي جن کي زبردستي رياستي ڪارندن طرفان کنڀي گم ڪيو ويو آهي. اسان کي اهو ئي شعور انهن وڏيرن ۽ جاگيردارن خلاف به استعمال ڪرڻ گھرجي جيڪي عوام کي فقط ڪم ڪرڻ جي مشين ۽ ووٽ تائين محدود رکن ٿا. اسان کي رياست جي ظلم، جبر، بربريت ۽ پنهنجي چونڊيل نمائندن جي لاپرواهي خلاف به ائين ئي لکن جي تعداد ۾ ميدان ۾ لهڻ گھرجي. جڏهن اسان ائين سڀ گڏجي پنهنجي حقن لاءِ ميدان تي اينداسين ته يقينن پوءِ اهڙن ڏينهن ملهائڻ جي حوالي سان ڪي ٻه متضاد خيال نه پر هڪ ئي خيال هوندو ته اسين سڀ پنهنجي قوم ۽ وطن جي ڀلائي لاءِ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهيون.       

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment