Download Fonts

ويب سائٽ کي بهتر انداز ۾ پڙهڻ لاء فونٽ ڊائون لوڊ ڪريو


شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو


ڇهه نوان قانون ترت ئي اسيمبلي ۾ پيش ڪيا ويندا: وزيراعظم

19 - اربع - ڊسمبر - 2018ع تازه ترين

90 جي ڏھاڪي جون اھي وڊيو گيمون جيڪي ھر ٻار ضرور کيڏيون ھونديون


2018-11-24 16:09:13  42 

ڪليم ٻُٽ

image-1

مان ڪڏھن بھ 90 واري ڏھاڪي کي ويساري نٿو سگھان، ھي اھو ڏھاڪو آھي جنھن ۾ مان ٻالڪپڻي کان نڪري ٽين ايج ۾ داخل ٿي رھيو ھوس. ھر ماڻھو لاءِ ٽين ايج وارو دور زندگي جو يادگار دور ھوندو آھي. 90 واري دور ۾ پاپ ڪلچر پنھنجي عروج تي پھچي چڪو ھو ۽ دنيا ۾ نت نوان تجربا ٿي رھيا ھئا. انھي ئي دور اڄ جي ڊجيٽل دور جا بنياد وڌا. 90 جي ڏھاڪي جا پاڪستان ۾ رھندڙ ڪڻي گھٽ ھر ٻار ھيٺين ڪجھ شين جو مزو ضرور ورتو ھوندو:

1_ بي ايڪس ايم سائڪل

2_ پولڪا آئس ڪريم

3_ اسڪول وڃڻ کان اڳ پي ٽي وي تي صبح وارو ڪارٽون ڏسڻ، ۽

4_ سيگا ۽ نيوٽينڊو جون وڊيو گيمون کيڏڻ. ھن بلاگ ۾ مان اوھان کي سيگا ۽ نيوٽينڊو جي انھن وڊيو گيمن بابت ٻڌائندس جيڪي ھر ٻار ھڪ نھ ھڪ دفعو ضرور کيڏيون ھونديون.

1_ سپر ماريو:

فائيل فوٽو

ھي گيم جاپان جي وڊيو گيمون ٺاھيندڙ نيوٽينڊو 1985 ۾ ٺاھي، جڏھن تھ 1987 ۾ سپر ماريو کي اپگريڊ ڪيو ويو. ھن گيم ۾ ٻھ ڀائر ماريو ۽ لوگي شھزادي ٽوڊاسٽول کي بچائڻ نڪرن ٿا، گيم ۾ ھيرو کي ڪيڪڙن، ڪمين وغيرھ کي ماري ھڪ محل تائين پھچڻو ھوندو آھي جنھن ۾ شھزادي قيد ٿيل ھوندي آھي.

ان دوران ماريو کي سڪن تي اسڪور ملندو آھي، جڏھن تھ کمڀي کائڻ تي ھو وڏو ٿي ويندو آھي، گل کڻڻ تي کيس باھ جا گولا اڇلائڻ جي طاقت ملي ويندي آھي ۽ تارو ملڻ سان ھن جي ھلڻ جي رفتار تيز ٿي ويندي آھي.

ھن گيم ۾ مختلف ليولون ڏنل ھونديون آھن ۽ ھر ليول جا چار حصا ھوندا آھن، جڏھن تھ ھر حصو 99 سڪنڊن ۾ پار ڪرڻ ھوندو آھي.

ھن گيم کي شگيرو مياموٽو ۽ ٽڪاشي تيزوڪا ايجاد ڪيو ۽ ھن گيم ھن وقت تائين جي عظيم وڊيو گيمن مان ھڪ شمار ڪيو ويندو آھي ۽ ھن وقت تائين سموري دنيا ۾ ھن وڊيو گيم 40 ملين ڪيسٽون وڪرو ٿي چڪيون آھن، جڏھن تھ گيم جا ڪيترا ئي مختلف پارٽ بھ اچي چڪا. 

2_ سونڪ:

فائيل فوٽو

ھي گيم سيگا وارن 1991 ۾ ماريو جي مقابلي ۾ متعارف ڪرائي، ان ۾ ھڪ نيري رنگ جو سيھڙ ھوندو آھي جيڪو تيز ڀڄي سوني جون رنگون کڻيون ھونديون آھن جيئن دشمن تائين پھچڻ مھل طاقت برقرار ھجي.

ھن گيم ۾ سونڪ کي ھڪ سائنسدان ڊاڪٽر روبوٽنڪ کي مارڻو ھوندو آھي، جيڪو جانورن کي پنھنجي ليب ۾ قيد ڪري رکي ٿو.

تان جو ھن وڊيو گيم کي ماريو جي مقابلي ۾ آندو ويو ھو پر ھن ماريو جيترو اثر نھ ڇڏيو. ان ھوندي بھ ھي ڪجھ ڪامياب وڊيو گيمن مان ھڪ سمجھي وڃي ٿي.

3_ اسٽريٽ فائٽر:

فائيل فوٽو

ھي گيم 1987 ۾ مارڪيٽ ۾ آئي ۽ سموري دنيا ۾ مقبول ٿي وئي، ھي آرڪيڊ گيم آھي، جيڪا ڪيپڪام نالي ڪمپني ٺاھي.

ھن گيم ۾ سموري دنيا جي نمائدگي ڪندڙ ٻارنھن جي لڳ ڀڳ ڪردار کنيا ويا، جن ۾ ريو، ڪين، چُن لي، گائيل، بيلراگ، ايم باءِ سن، ويگا ۽ ساگت مشھور ٿيا. ھي گيم ھڪ پلير يا ٻھ پلير طور کيڏجي سگھجي ٿي، ھر ڪردار سان ويڙھ جا ٽي مقابلا ھوندا آھن، جنھن بھ ٻھ مقابلا کٽيا اھو اڳيان وڌندو ۽ گيم جي پڄاڻي ايم باءِ سن کي مارڻ سان ٿيندي آھي.

گيم ۾ ھر پلير وٽ ڪجھ خاص داءُ پيچ ھوندا آھن جھڙوڪر: گولو ھڻڻ، ڪوني ھڻڻ، يڪتري ھڻڻ وغيرھ. ھي وڊيو گيم تمام گھڻي مشھور ٿي ۽ ھن کي بھ دنيا جي وڌيڪ وڪامي ويندڙ وڊيو گيمن جي فھرست ۾ شامل ڪيو ويو، جڏھن تھ اسٽريٽ فائٽر نالي وين ڊيم جي فلم بھ ٺھيل آھي. 

4_ برين لارا ڪرڪيٽ:

فائيل فوٽو

ويسٽ انڊيز جو کاٻي ھٿ وارو بيٽسمين برين لارا ڪرڪيٽ جي دنيا جو ھڪ اھم نالو ٿي گذريو آھي، سندس کيڏڻ جي دلفريب انداز ڪري سال 1995 ۾ سيگا پاران برين لارا ڪرڪيٽ نالي وڊيو گيم متعارف ڪرائي، جنھن جا ڪيترا ئي پارٽ اچي چڪا آھن ۽ ھر پارٽ لکن جي انگ ۾ سموري دنيا ۾ وڪرو ٿيو آھي.

جڏھن تھ ھن وڊيو کي ڪمپيوٽر جي حساب سان ڪوڊماسٽر الڳ انداز ۾ ڊزائين ڪيو. ھن ۾ ٻھ ٽيمن جي ڪرڪيٽ ميچ ٿيندي آھي، ھي ٻن رانديگرن وچ ۾ بھ ٿيندي آھي، جڏھن تھ ھڪڙو رانديگر ڪمپيوٽر سان بھ مقابلو ڪري سگھي ٿو.

 

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment