Download Fonts

ويب سائٽ کي بهتر انداز ۾ پڙهڻ لاء فونٽ ڊائون لوڊ ڪريو


شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو


ڇهه نوان قانون ترت ئي اسيمبلي ۾ پيش ڪيا ويندا: وزيراعظم

19 - اربع - ڊسمبر - 2018ع تازه ترين

اڄ ٻارن جو عالمي ڏينهن آهي


2018-11-20 01:50:04  42 

ويب ڊيسڪ

image-1

پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ٻارن جو عالمي ڏينهن (يونيورسل چلڊرن ڊي) اڄ اڱاري تي ڀرپور طريقي سان ملهايو ويندو. ان موقعي تي وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد سميت ملڪ جي سمورن شهرن ۾ مختلف سرڪاري، غير سرڪاري تنظيمن، وڏن ايجوڪيشنل گروپس، ٻارن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ اين جي اوز جي اهتمام هيٺ ورڪشاپ، سيمينارز، ڪانفرنسون، مذاڪرا، مباحثا منعقد ڪيا ويندا. جنهن ۾ گهٽ عمر جي ٻارن کان جبري مشقت، معاشري جي نظر انداز ٿيل ۽ ڪجهه مخصوص حالتن ۾ گهريلو ناچاقي جو شڪار ۽ بي وسيلن ٻارن جي حقن ۽ انهن جي ڀلائي لاءِ عوامي شعور بيدار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويندو. ان حوالي سان ماهرن ٻڌايو ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي منظوري سان 1989ع ۾ ٻارن جي حقن جي حوالي سان ماهرن ڊيڪلريشن جي اعلان جي روشني ۾ ڄاڻايل ڏينهن پاڪستان سميت گڏيل قومن جي سمورن 191 ميمبر ملڪن ۾ هر سال 20 نومبر تي ملهايو ويندو آهي. هن ٻڌايو ته پاڪستان ۾ چائلڊ پروٽيڪشن اينڊ ويلفيئر بيورو جهڙن ادارن جو قيام پڻ انهيءَ سلسلي ۾ عمل ۾ آيو هو. توڙي جو اڄ ٻارڙن جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي پر ملڪ جا لکين ٻار اڄ به تعليم کان محروم بڻيل آهي ۽ غربت سبب ننڍي عمر ۾ ئي پورهيو ڪرڻ تي مجبور آهن.

پاڪستاني سياستدانن جا رايا:

فائيل فوٽو

صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ٻارن جي حقن جي تحفظ لاءِ علائقائي ۽ عالمي قدمن ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، پاڪستان جي حڪومت پنهنجي ٻارن کي هر قسم جي استحصال کان تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، حڪومت ٻارن جي حقن جي تحفظ لاءِ پنهنجي ذميوارين کان پوري طرح آگاهه آهي پر ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سموريون ڌريون پنهنجون ذميواريون ادا ڪن.

صدر اهڙن خيالن جو اظهار ٻارن جي حقن جي تحفظ جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو جيڪو اڄ پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ملهايو پيو وڃي. صدر چيو ته ٻارن جي حقن جي تحفظ لاءِ ٻارن جو عالمي ڏهاڙو هر سال ملهايو ويندو آهي، ٻارن جي حقن جي تحفظ لاءِ عالمي ڪنوينشن (سي آر سي) تي صحيح ڪندڙ جي حيثيت سان پاڪستان ٻارن جي حقن جي تحفظ لاءِ علائقائي ۽ عالمي قدمن ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، اها اسان جي ذميواري آهي ته اسان نسل، عقيدي، مذهب ۽ حيثيت کان مٿانهون ٿي ٻار کي ترقي جي موقعن تائين پهچ فراهم ڪريون. 

هن چيو ته پاڪستان جي حڪومت پنهنجي ٻارن کي هر قسم جي استحصال، انهن کي جدا ڪرڻ ۽ انهن کي غيراهم قرار ڏيڻ سان تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، ان سان گڏوگڏ پاڪستان جي حڪومت ٻارن کي برابر ۽ انهن کي زندگي جي سمورن شعبن ۾ پنهنجي صلاحيتن جو مظاهرو ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي.

صدر چيو ته اسان ان ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي ملڪ ۾ ٻارن جي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ ۽ ان حوالي سان ڪم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون، حڪومت سڌارن جي ايجنڊا تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جا مستقبل ۾ ٻارن جي حقن تي مثبت اثر پوندا، انهن ۾ ٻارن سان زيادتي جي تدارڪ لاءِ ايڪشن پلان جوونائل جسٽس ايڪٽ کي حتمي شڪل ڏيڻ ۽ ٻارن جي حقن لاءِ قومي ڪميشن قائم ڪرڻ شامل آهي.

صدر چيو ته حڪومت ٻارن جي حقن جي تحفظ لاءِ پنهنجي ذميوارين کان پوري طرح آگاهه آهي جڏهن ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سموريون ڌريون پنهنجون ذميواريون ادا ڪن، ٻارن جي ڀلائي جو هدف حاصل ڪرڻ لاءِ سرڪاري ۽ نجي ايجنسين کي پاڻ ۾ سهڪار کي وڌائڻو پوندو. صدر ميڊيا، ڪارپوريٽ سيڪٽر، ڪميونٽي، والدين ۽ پاڻ ٻارن تي زور ڏنو ته اهي ملڪ ۾ ٻارن جي زندگين ۾ بهتري آڻڻ لاءِ پنهنجو تعميري ڪردار ادا ڪن.

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ٻار پاڪستان جو مستقبل آهن، اسان جي حڪومت اهڙي اسلامي فلاحي رياست قائم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، جنهن ۾ بنا ڪنهن فرق جي سمورن ٻارن جي حقن جو تحفظ هوندو، معاشري جا سمورا طبقا اڳتي وڌن ۽ ٻارن جي حقن جي تحفظ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. 

وزيراعظم:

فائيل فوٽو

ٻارن جي عالمي ڏهاڙي (20 نومبر 2018ع) جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان عالمي برادري سان گڏجي ٻارن جو عالمي ڏهاڙو ملهائيندي پنهنجي ان عزم کي ورجائي ٿو ته ملڪ جي سمورن ٻارن جي ترقي جي عمل ۾ لازمي طور تي شموليت ۽ انهن جي حقن جي تحفظ کي اولين ترجيح ڏني ويندي.

هن چيو ته پاڪستان 1990ع ۾ ٻارن بابت ٿيندڙ اعليٰ سطحي ڪانفرنس جي شروعات ڪندڙ 6 ملڪن مان هڪ آهي ۽ انهن ٻارن جي حقن جي ڪنوينشن (سي آر اي) تي صحيحون ۽ توثيق ڪرڻ ۾ اڳڀرائي حاصل ڪئي، پاڪستان ٻارن جي جبري پورهئي جي خاتمي جي ڪنوينشن 182 جي پڻ توثيق ڪئي آهي ۽ ٻارن جي هٿياربند تڪرارن ۾ شموليت، ٻارن جي وڪري، ٻارن جي جسم فروشي ۽ عرياني جي خاتمي بابت سي آر اي جي پروٽوڪول تي صحيحون پڻ ڪيون آهن. وزيراعظم چيو ته ٻارن جي حقن جي تحفظ بابت اسلامي تعليم ۾ پڻ رهنمائي ڏني وئي آهي ۽ ان جو پاڪستان جي آئين ۾ پڻ ذڪر آهي.

هن چيو ته حڪومت ٻارن ۾ کاڌي جي کوٽ، واڌويجهه ۾ رڪاوٽ جهڙن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ٺوس منصوبو ٺاهيو آهي، ان کانسواءِ ٻارن کي معياري طبي نگهداشت جي فراهمي، تعليمي سهولت ۽ زندگي ۾ ڀرپور ڪاميابين لاءِ گهربل موقعن جي فراهمي جو پڻ ٺوس منصوبو ٺاهيو آهي، هاڻوڪي حڪومت مختلف اهڙا پروگرام به شروع ڪيا آهن، جن ۾ ٻارن جي پورهئي ۽ آوارگي جهڙن مسئلن جو حل موجود آهي ۽ نابالغ ٻارن جي انصاف تائين پهچ جي مسئلي جو حل پڻ موجود آهي. وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف پاران جن شعبن کي اولين ترجيحن ۾ شامل ڪيو ويو آهي، انهن ۾ موسمياتي تبديلي تي ضابطو آڻڻ، پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي ۽ سماجي تحفظ جي ادارن ۾ توسيع پڻ شامل آهي. هن چيو ته حڪومت اهڙي اسلامي فلاحي رياست قائم ڪرڻ جي لاءِ محنت ڪري رهي آهي جنهن ۾ بنا ڪنهن فرق جي ٻارن جي حقن جو تحفظ هوندو، آئون سماجي شعبي، ميڊيا، والدين ۽ معاشري تي زور ڏيان ٿو ته اهي اڳتي وڌن ۽ ٻارن جي حقن جي تحفظ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. 

هن چيو ته مون کي ان ڳالهه جي خوشي آهي ته انساني حقن واري وزارت لاڳاپيل حصيدارن سان گڏجي ٻارن جي حقن جو تحفظ ڪرڻ ۽ انهن کي فروغ ڏيڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، وزيراعظم وفاقي وزارتن ۽ صوبائي حڪومتن تي پڻ زور ڏنو ته اهي سماجي شعبي ۾ سڌارا آڻين ۽ ان حوالي سان انتظامي ۽ ضروري قانونسازي ڪئي وڃي ته جيئن اسان پنهنجي ملڪ جي ٻارن لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪري سگهون.

بلاول ڀٽو زرداري:

فائيل فوٽو

پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري امن کي انسانذات جي لاءِ اڳتي وڌڻ ۽ خوشحالي جي واحد ضمانت قرار ڏيندي زور ڀريو آھي ته ھن ڌرتي کي ايندڙ نسلن لاءِ محفوظ گھر بڻائڻ خاطر ٻارڙن کي امن جي اھميت کان واقف ڪيو وڃي.

ٻارن جي عالمي ڏينھن جي موقعي تي جاري ڪيل پنھنجي پيغام ۾ پ پ پ چيئرمين چيو ته ٻارن کي ھر قسم جي انتھاپسندي کان پري رکي کين نسلي، مذھبي ۽ ٻين تفاوتن سان ڀرپور بقائي باھمي جي بنياد تي بيٺل دنيا ۾ وڌڻ ويجھڻ ڏنو وڃي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اھا رياست، سماج، پاڙي ۽ مائٽن جي اولين ذميواري آھي ته ھو ٻارن کي ھر قسم جي استحصال، تشدد ۽ ٻين براين کان بچائڻ سان گڏوگڏ کين تعليم ۽ صحت جون ھڪجھڙيون سھولتون فراھم ڪن. 

ھن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ٻارن جي معاملي تي اھم قانونسازي ڪئي آھي، جيئن؛ سنڌ چائلڊ ايڪٽ-2013، سنڌ رائيٽ آف چلڊرن ٽو فري اينڊ ڪمپلسري ايجوڪيشن ايڪٽ-2013، پسنڌ چائلڊ ميريج ريسٽرينٽ ايڪٽ- 2013، پروٽيڪشن آف بريسٽ فيڊنگ رولز-2009 ۽ سنڌ پروٽيڪشن اينڊ دي پروموشن آف بريسٽ فيڊنگ اينڊ چائيلڊ نيوٽريشن ايڪٽ-2013 شامل آھن. ھن وڌيڪ چيو ته ٻارن جي مفاد ھيٺ انھن تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي. پ پ پ چيئرمين زور ڏنو ته ٻارن جي ڀلائي لاءِ وڌيڪ قدم کنيا وڃن ته جيئن ھن گِرھ تي سندن سفر انتھائي دلچسپ ۽ خوبصورت گذري.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment