Download Fonts

ويب سائٽ کي بهتر انداز ۾ پڙهڻ لاء فونٽ ڊائون لوڊ ڪريو


شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو


ڇهه نوان قانون ترت ئي اسيمبلي ۾ پيش ڪيا ويندا: وزيراعظم

19 - اربع - ڊسمبر - 2018ع تازه ترين

ٺگز آف هندستان جي ناڪامي پٺيان شيطاني تنظيم الميناٽي


2018-11-18 01:28:46  63 

ڪليم ٻُٽ

image-1

تازو ئي هندستاني فلم ٺگز آف هندستان رليز ٿي آهي، هن فلم کي هندستان جي مهانگي ترين فلم مان هڪ ٿي سمجهيو ويو ۽ مداح وڏي عرصي کان فلم جو انتظار ڪري رهيا هئا.

ڀارتي تجزئي نگار ترن آدرش سميت شوقينن ٺگز آف هندوستان کي وچ درجي جي فلم قرار ڏئي ڇڏيو.  رليز کان اڳ فلم بابت تمام گهڻيون دعوائون ڪيون ويون هيون جڏهن ته ڀارتي تجزئي نگار ترن آدرش ۽ فلمي شوقينن اميدن جي برعڪس ٺگس آف هندوستان کي مايوس ڪندڙ قرار ڏيندي وچ درجي جي فلم قرار ڏئي ڇڏيو. 

ڀارتي تجزئي نگار ترن آدرش ٽوئيٽ ڪندي چيو آهي ته هر چمڪندڙ شئي سون ناهي هوندي، فلم جي پهرئين ڪلاڪ ۾ شامل ڪيل سينز ايترا خاص نه هئا، فلم جو پلاٽ روايتي فامولا ٽائپ هو، اسڪرين پلي بهتر هئي، جڏهن ته فلم وچ درجي جي ڪارڪردگي جو اصل ذميوار هدايتڪار آهي. صرف ترن آدرش ئي نه فلم ڏسندڙ ٻين شوقينن به ٽوئيٽر تي فلم کي مايوس ڪندڙ قرار ڏيندي چيو ته عامر خان اهڙي فلم ڇو ڪئي؟ هڪ ٻئي يوزر لکيو ته فلم جي ڪهاڻي ۽ ڪردار تمام ڪمزور هئا، تايانڪي نالي واهپيدار لکيو ته فلم انتهائي بورنگ آهي، ان کي ڏسڻ پئسو ۽ وقت ضايع ڪرڻ آهي.

عامر خان بالي ووڊ جي سڀ کان مهانگي فلم ٺگز آف هندوستان جو به هيرو آهي جنهن جي لاڳت 300 ڪروڙ جي ويجهو آهي، عامر خان جي مداحن ۽ فلسازن کي اميد هئي ته ان فلم مان 400 ڪروڙ جو ڇڪو ته صرف ڀارت ۾ لڳڻ طئه آهي پر باڪس آفيس تي ڪڏهن ڇا ٿيو اهو ته عامر خان به نه ٿو ڄاڻي، ان لاءِ ئي اها فلم هينئر تائين ڀارتي سينيما جي تاريخ جي ناڪام ترين فلمن ۾ سڀ کان مٿين پوزيشن حاصل ڪري چڪي آهي. 

روزانو ئي ان فلم بابت ڪا خراب خبر سامهون ايندي آهي پر اسان اوهان کي ٻڌايون ٿا ته عامر خان جي ان فلم اهو ڪم ڪري ڇڏيو جيڪو اڄ تائين بالي ووڊ جي تاريخ جي ڪنهن فلم نه ڪيو ۽ اها فلم ڪروڙن جي ڊوڙ ۾ باهوبلي ٽو کان به اڳتي نڪري وئي. ٺگز آف هندوستان بالي ووڊ جي تاريخ جي پهرئين فلم آهي جنهن جي ٽريلر يوٽيوب تي 10 ڪروڙ ويوز يا بٽس حاصل ڪري ورتا آهن. 

ٺگز آف هندوستان جو فلمي ٽريلر تقريبن ٽي مهينا اڳ رليز ٿيو، جنهن کانپوءِ هينئر تائين ان کي 10 ڪروڙ ڀيرا ڏٺو ويو آهي، ان ٽريلر کي 14 لک ماڻهن پسند به ڪيو پر ڏيڍ لک ماڻهن ان لائيڪ به ڪيو. ٺگز آف هندوستان کان اڳ سڀ کان مقبول بالي ووڊ فلم جو ٽريلر باهوبلي ٽو جو هو، ان ٽريلر کي 18 ميهنن کان وڌيڪ عرصي دوران 9 ڪروڙ 70 لک ڀيرا ڏٺو ويو آهي.

فلم رليز جي ٽئين ڏينهن ئي 100 ڪروڙ کان وڌيڪ بزنس ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي. مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان ۽ بالي ووڊ جي شهنشاهه اميتاڀ بچن جي جوڙي ڪمال ڪري ڏيکاريو، شوقينن ۽ تنقيد ڪندڙن ۽ منفي تبصرن جي باوجود فلم ٺگز آف هندوستان رليز جي ٽن ڏينهن ۾ 105 ڪروڙ جو بزنس ڪري 100 ڪروڙ ڪلب ۾ شامل ٿي وئي. ڀارتي تجزئي نگار ترن آدرش ٽوئيٽر تي فلم جي ٽن ڏينهن ڏينهن جي بزنس جي ٽوئيٽ ڪندي چيو ته رليز جي پهرئين ڏينهن فلم هندي سينيما ۾ 50 ڪروڙ 75 لک، ٻئين ڏينهن 28 ڪروڙ 25 لک ۽ ٽئين ڏينهن 22 ڪروڙ 75 لک جو بزنس ڪيو آهي جڏهن ته تمل ۽ تيلگو سينيما ۾ فلم 3 ڪروڙ 25 لک جو بزنس ڪرڻ ۾ ڪامياب رهي، اهڙي طرح فلم ٽن ڏينهن ۾ مجموعي طور تي 105 ڪروڙ جو بزنس ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آهي.

پر ان سڀ هوندي به ڪجهه پاڪستاني يوٽيوبر اهڙا به آهن جن جو خيال آهي ته هن فلم جي ناڪامي جو اصل ڪارڻ الميناٽي نالي هڪ ڳجهي شيطاني قوت آهي، جيڪا هميشه مسلمانن خلاف سازش ڪندي رهندي آهي، جيئن ته هن فلم ۾ عامر خان جيڪو هڪ سٺو مسلمان آهي ۽ هن الميناٽي جي واڌ ويج لاءِ ٺهندڙ فلم ربوٽ 2.0 ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ان ڪري هي ڳجهي شيطاني تنظيم مسلمان اداڪار عامر خان جي هن فلم کي ناڪام ڪرڻ واري سازش ۾ لڳي وئي.

 

 

الميناٽي ڇا آهي....

الميناٽي هڪ نالو آهي جيڪو ڪيترن ئي گروپن لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي، جيڪي ٻئي حقيقي ۽ خيالي هوندا آهن. تاريخي طور تي هي نالو بواريائي الومناتي جو حوالو ڏيندو آهي، روشن خيالي جي دور جو ڳجهو انجمن، پهرين مئي 1776ع تي قائم ٿيو. 

هن انجمن جا مقصد ته هئا برابري، بدگماني، عوامي زندگي تي مذهبي ادارن جي اثر ڇڏڻ ۽ حڪومت جي اقتدار جو ناجائز استعمال، سمورن جي مخالفت ڪرڻ ۽ عورتن کي تعليم ۽ جنسن کي برابري جو سهارو ڏيڻ. ٻين ڳجهن سماجن سان گڏ الومناتگي کي بواريائي حڪمران چارلز ٿيوڊور غير قانوني قرار ڏنو، رومي ڪيٿولڪ ڪليسا مان حوصلا افزائي سان گڏ ۽ 1785ع ۾ دائمي طور تي رد ٿي ويا.

ايندڙ ڪجهه سالن ۾ هن گروپ جي مسلسل بدگوئي ڪئي وئي، قدامت پسند ۽ مذهبي تنقيد ڪارن جي ۽ ٻين سان جن دعويٰ ڪئي ته انهن جي ٻيهر تنظيم جاري ٿي وئي آهي ۽ اهي فرانسيسي انقلاب جا ذميوار آهن. پوءِ جي استعمال ۾ ”الومناتي“ ڪيترن ئي گروپن جو حوالو ڏئي ٿو جيڪي دعويٰ ڪن ٿا يا جن بابت فرض ڪيو ويو آهي ته اصلي بواريائي الومناتي يا ٻين ڳجهن انجمن سان سندس رابطو آهي، ڇاڪاڻ ته اهي دعوائون اڻ ثابت ٿيل رهيون آهن.

اڪثر ان تي اهو الزام لڳايو ويندو آهي ته هو عالمي معاملن تي ضابطو آڻڻ جي سازش ڪن ٿا، واقعن جو تابعدار بڻجڻ ۽ پنهنجا ماڻهو حڪومتن ۽ ڪمپنين ۾ ڳجهي نموني داخل ڪرڻ سان، ڇاڪاڻ ته اهي سياسي اقتدار حاصل ڪري هڪ نئين عالمي نظام (نيو ورلڊ آرڊر) قائم ڪري سگهن. 

جديد سازشن جي مفروضن (ڪنسپريسي ٿيري) مطابق، عالمي واقعا هڪ الومناتي نالي ڳجهي انجمن جي ۽ ان کان عظيم پيماني تي منصوبابند ٿي رهيا آهن. مفروضڪارن دعويٰ ڪئي آهي ته ڪيترائي ذڪر جوڳا ماڻهو آهن يا هئا الومناتي جا ميمبر، آمريڪا جا صدر اڪثر اهڙين دعوائن جو نشانو بڻجندا هئا. ڪيترن ئي اهو به فرض ڪيو آهي ته انيڪ تاريخي واقعا الومناتي جا ڪارناما هئا، جيئن ته جنگ واٽر لو، فرانسيسي انقلاب ۽ جان ايف ڪينيڊي جو قتل.

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment