Download Fonts

ويب سائٽ کي بهتر انداز ۾ پڙهڻ لاء فونٽ ڊائون لوڊ ڪريو


شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو


ڇهه نوان قانون ترت ئي اسيمبلي ۾ پيش ڪيا ويندا: وزيراعظم

19 - اربع - ڊسمبر - 2018ع تازه ترين

ھي پڙھي اوھان حيرت ۾ اچي ويندا


2018-11-15 08:58:16  114 

علي مراد چانڊيو

image-1

 

ماھرن موجب موهن جو دڙو ۽ هڙپا موسمياتي تبديلين سبب تباهه ٿيا:

آمريڪي ماهرن چيو آهي ته موسمياتي تبديلين سنڌ جي قديم تهذيب جي زوال جو اهم سبب آهي ۽ ان ئي سبب موهن جو دڙو ۽ هڙپا تهذيب آهستي آهستي تباهي جي ور چڙهي فنا ٿي وئي.

اسان ڄاڻون ٿا ته سنڌو جي قديم تهذيب جا ٻه وڏا مرڪز هڙپا ۽ موهن جو دڙو آهي ۽ ان کان علاوه پاڪستان ۽ ڀارت ۾ به ان جا مختلف آثار مليا آهن. آمريڪا ۾ واقع ووڊز هولز اوشيانو گرافڪ انسٽيٽيوشن جي هڪ نئين تجزئي موجب عمدا شهر، گودام، نيڪالي جو نظام ۽ بهترين شهري سهولتون هجڻ جي باوجود چار هزار سال پراڻي اها تهذيب آب هوا ۾ تبديلي سبب زوال پذير ٿي فنا ٿي وئي هئي.

1800 قبل مسيح ۾ قديم تهذيب جي رهواسين ان شهر کي الوداع چوڻ شروع ڪيو ۽ هماليا جي دامن ۾ وڃي ننڍن ننڍن ڳوٺن ۾ رهڻ شروع ڪري ڇڏيو، ووڊ هولز انسٽيٽيوٽ موجب موسمياتي تبديلين سبب اهو خطو ناقابل رهائش ٿيڻ لڳو هو.

2500 قبل مسيح ۾ هڙپا تهذيب جي موسم تبديل ٿيڻ شروع ٿي ۽ گرمي جي موسم جو مون سون نظام آهستي آهستي ڪمزور پيو، زراعت ڏکي ٿي وئي ۽ غلا باني به گهٽ ٿيندي وئي ۽ ائين اها غظيم تهذيب پنهنجي خاتمي تي پهتي هئي. 

ان حوالي سان ووڊز هولز اوشيانو گرافڪ انسٽيٽيوشن جي جاگرافي جي ماهر ڊاڪر لائي ويو گايوسن ۽ سندس ساٿين ان تي تحقيق ڪري مقالو شايع ڪيو آهي جيڪو 13 نومبر 2018ع جي ڪلائميٽ آف دي پاسٽ نالي جرنل ۾ شايع ٿيو آهي، ماهر چون ٿا ته مون سون جي بگاڙ پوري وادي ۾ هارپي کي ناممڪن بڻائي ڇڏيو هو.

پر ان دوران رومي سمنڊ جو طوفان هماليائي سلسلي سان ٽڪرايو هو ۽ پاڪستاني علائقن ۾ ٿوري گهڻي برسات جو سبب ضرور بڻجن ها پر مون سون نه ٿيڻ سبب درياهن جو وهڪرو سخت متاثر ٿيو، ان لاءِ وادي سنڌ جا ماڻهو ٻين علائقن ۾ رهيا ۽ ايئن آهستي آهستي پوري وسندي ئي خالي ٿي وئي.

 

 

ڪوڪو ڪورينا ديسي اسٽائيل ۾ وائرل ٿي ويو:

فائيل فوٽو

ڪوڪ اسٽوڊيو سيزن 11 ۾ گذريل مهيني احد رضا مير ۽ مومنا تحسين جي آواز ۾ رليز ڪيل ڪلاسڪ ڪلام ”ڪوڪورينا“ جي ريميڪ کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ويو هو ۽ هاڻي سنڌي لوڪ راڳي به هن ڪلام کي پنهنجي طريقي سان پيش ڪري ميدان ۾ لٿو آهي. 

جنهن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن احد ۽ مومنا ”ڪوڪورينا ڳائي سگهن ٿا ته جگر جلال ڇونه؟ لوڪ راڳي جگر جلال چانڊيو 13 نومبر تي يوٽيوب تي جاري ڪيل ڪلام ۾ چوندي نظر اچي ٿو ته”جهنگل مين ڊهونڊا، شهرون مين بهي، مگر مجهه ڪو ڪوڪورينا ڪهين نه ملي، ڦر عاشق ڪيا ڪري.... ڪوڪ اسٽوڊيو جي نقل ڳوٺ اسٽوڊيو جي بينر هيٺ جاري ڪئي وئي آهي.

هن وڊيو ۾ جگر جلال روايتي موسيقي ۽ دهل جي ٺاپ تي ڪوڪورينا ڳائيندي نظر اچي ٿو، جڏهن ته وچ ۾ سندس ساٿي ”برابر“ جو لفظ به استعمال ڪري رهيا آهن. 

هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته جگر جلال جي اها ڪوشش مداحن کي ڪنهن حد تائين پسند اچي ٿي. واضح رهي ته اهڙي وڊيو سوشل ميڊيا تي ايندي ئي ڌم مچائي ڇڏي آهي، ڏسندي ئي ڏسندي لکين ڏسندڙن جگر جلال جي هن ڪوشش کي داد ڏيندي پسند ڪيو آهي. لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ جگر جلال سنڌ جي لوڪ فنڪار جلال چانڊيي جو تسلسل سمجهيو ويندو آهي.

دنيا جو سڀ کان مهانگو هيرو نيلام:

فائيل فوٽو

في قيراط رقم جي لحاظ کان نيلامي ۾ رکيل دنيا جو سڀ کان مهانگو هيرو 5 ڪروڙ ڊالر يعني 6 ارب 70 ڪروڙ روپين ۾ نيلام ٿيو آهي، گلابي رنگ جو اهو هيرو زيورن جي هڪ وڏي فرم خريد ڪيو آهي. 

سوئٽزرلينٽ ۾ مهانگي ترين شين جي نيلام گهر ڪرسٽيز ان کي نيلامي لاءِ رکيو هو ۽ فرم موجب ان جو وزن صرف 19 قيراط هو ايئن في قيراط جي لحاظ سان وڪرو ٿيندڙ اهو دنيا جو سڀ کان مهانگو هيرو به آهي، جنهن جو گلابي رنگ ان کي سهڻو بڻائي ٿو. ڪرسٽيز موجب هيري ونسٽن جيولرز ان کي خريد ڪيو آهي جيڪو هينئر تائين نيلام ٿيندڙ دنيا جو سڀ کان وڏو گلابي هيرو به آهي.

ڪرسٽيز جو خيال هو ته اهو هيرو 3 کان 5 ڪروڙ ڊالرن تائين وڪرو ٿيندو ۽ ايئن ئي ٿيو، جڏهن ته ان جي اصل قيمت چار ڪروڙ چاليهه لک ڊالر آهي جنهن ۾ ڪرسٽيز جي فيس ۽ ٻيا خرچ شامل ناهن ۽ ان کي ملائبو ته اها رقم 5 ڪروڙ ڊالرن تائين ٺهي ٿي.

ان موقعي تي جنيوا جي هڪ شاندار ۽ وسيع ڪمري ۾ ماڻهن بيهي ان جي ٻولي لڳائي ۽ جلد ئي اهو عمل ختم ٿي ويو. اهو اوپن هائمر خاندان جي ملڪيت ۾ رهيو جيڪي ڳچ عرصي کان هيرن جا واپاري آهن، سونارن موجب ان ۾ نائٽروجن جي مقدار نه هجڻ برابر آهي ۽ ڪيميائي طور تي بلڪل خالص ۽ بهترين آهي.

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment