Download Fonts

ويب سائٽ کي بهتر انداز ۾ پڙهڻ لاء فونٽ ڊائون لوڊ ڪريو


شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو


ڇهه نوان قانون ترت ئي اسيمبلي ۾ پيش ڪيا ويندا: وزيراعظم

19 - اربع - ڊسمبر - 2018ع تازه ترين

دل جو دورو جاچيندڙ موبائيل ايپ اچي ويو


2018-11-14 01:12:19  59 

ويب ڊيسڪ

image-1

دل جي دوري ۽ انجائنا ڄاڻڻ لاءِ سڀ کان پهريان اي سي جي تي اعتبار ڪيو ويندو آهي جنهن ۾ 12 عدد اليڪٽرونز لڳائي دل جي برقي ڪيفيت ڄاڻي ويندي آهي، پر هاڻ هڪ سمارٽ فون ايپ بلڪل اي سي جي جيان ڪم ڪري سگهي ٿي ۽ ان جي آزمائش کانپوءِ تمام سٺا نتيجا نڪتا آهن.

ايپ کي روايتي اي سي جي جيان درست ڏٺو ويو آهي، في الحال اها ان هارٽ اٽيڪ جي خبر ڏيندي آهي جيڪو ڪيترن ئي طرح کان حياتي کسيندڙ ثابت ٿيندو آهي، دل جي سخت دوري جو اهو قسم ايس ٽي ايلي ويشن مايوڪورڊئيل انفاڪرڪيشن چورائيندو آهي. 

ان ۾ ڪو وڏو وال مڪمل طور تي بند ٿي ويندو آهي ۽ دل کي رت جي رواني متاثر ٿيڻ سبب سخت تڪليف، بيهوشي ۽ موت به واقع ٿي ويندي آهي. ان دوران هڪ هڪ لمحو قيمتي هوندو آهي ۽ مريض کي فوري طور تي اسپتال منتقل ڪرڻ ضروري هوندو آهي ۽ فوري انجيوپلاسٽي سان وال کي کوليو ويندو آهي، اهو عمل جيتري جلدي ٿي وڃي مريض لاءِ ايترو بهتر هوندو آهي.

عام اي سي جي ۾ جسم جي 12 جاين تي اليڪٽروڊز لڳائي مختلف جاين تي دل جي برقي ڪيفيت ۾ لاها چاڙها معلوم ڪيا ويندا آهن. 

پر نئين ايپ سان هڪ هارڊويئر تي ٻه اليڪٽروڊ لڳل آهن جن کي جسم جي اندر مختلف جاين تي گهمايو ويندو آهي ۽ آخرڪار اهو عام اي سي جي مشين جينا 12 اليڪٽروڊز جيان ريڊنگ وٺندو آهي ۽ پوءِ ايپ دل جي ڪيفيت جو فيصلو ڪري ڪاغذ جي پٽي جيان اي سي جي ظاهر ڪندي آهي.

ان جي افاديت ڄاڻڻ لاءِ 204 مختلف مريضن تي آزمايو ويو جن کي سيني ۾ سخت سور محسوس ٿي رهيو هو ۽ انهن کي دل جي اسپتال جي ايمرجنسي ۾ آندو ويو هو. سمورن ماڻهن جي اي سي جي جيان نتيجا ڏنا جيڪي ان جي اهميت کي ظاهر ڪن ٿا.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment