شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

اڱارو - 17 - سيپٽمبر - 2019ع

سنڌ جي نوجوانن لاءِ پتوڙيندڙ امر علي جويو


صبح 07 لڳي 32 منٽ -اڱارو 13 نومبر 2018  336 
image-1

امر علي جويو جو تعلق ڄامشوري جي خوبصورت زمين سان آھن سندس جنم ھڪ مزدور جي گھر سنڌ يونيورسٽي ڪالونيءَ ۾ ٿيو سندس والد سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ھڪ ننڍڙو ملازم ھُجڻ جي ناتي سندس موڀي پُٽ کي تعليم جي اعليٰ زيور کان پري نھ رکيو. 

امر علي جويو جي پرائمري تعليم سنڌ يونيورسٽي جي ماڊل اسڪول مان ٿي جتي ھُن پنھنجي تعليم جا ست درجا پاس ڪيا وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ حيدرآباد ۾ سنڌيونيورسٽيءَ جي ماڊل اسڪول ھاڻوڪي ڊاڪٽر اين اي بلوچ ماڊل اسڪول مان ڏھ درجا پاس ڪيا. 

وڌيڪ تعليم قاسم آباد ۾ ھڪ نجي ڪاليج آغا شھاب ۾ داخلا ورتي جتي ھن ٻارنھن درجا پاس ڪيا. جڏھن تھ غربت جي دور ۾ ھن تعليم جي دوران تمام گھڻيون تڪليفون پڻ ڏٺيون تعليم جي دوران ھن مختلف پرائيويٽ ادارن ۾ ڪم پڻ ڪيو جنھن جي آمدنيءَ مان پنھنجو تعليمي خرچ برداشت ڪيو. 

ھن سنڌ يونيورسٽيءَ مان آءِ ٽيءَ ۾ 4 سالا گريجوئيٽ پڻ ڪئي انھيءَ دوران يونيورسٽيءَ ۾ مختلف سوشل پروگرامن اڳيان اڳيان نظر آيو ۽ شام جي وقت مختلف تعليمي ادارن ۾ پڻ پڙھائيندا رھيا، تعليمي دور ۾ ھن پھرين انگريزيءَ کان سنڌي ۽ سنڌيءَ کان انگريزي ۾ يونيڪوڊ بيسڊ ڊڪشنري پڻ ٺاھي انھيءَ دوران ھڪ سافٽ ويئر مقابلي ۾ پڻ پھرين پوزيشن حاصل ڪئي. تعليم دوران سنڌ يونيورسٽيءَ طرفان سندس کي بھترين شاگرد جو انعام سان پڻ نوازيو. انھيءَ دوران ھڪ مشھور ڪمپني جافر برادرز ھن کي ڪراچيءَ ۾ نوڪريءَ جي آفر پڻ ڏني ۽ اُھا نوڪري امر علي جويو صاحب پڻ حاصل ڪئي. انھيءَ نوڪريءَ دوران جويو صاحب ھمت نھ ھاري ۽ مختلف ادارن ۾ بھتر نوڪريءَ لاءِ آزمائيندو رھيو انھيءَ دوران سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ اُن وقت جي وائيس چانسيلر محترم مظھرالحق صديقي صاحب ھُن کي سنڌ يونيورسٽيءَ آفر ڏني جيڪا امر علي جويو صاحب قبول ڪئي. 

ھن وقت امر علي جويو صاحب سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي سيڪشن ۾ ريسرچ ڪو آرڊينيٽر طور ڪم ڪري رھيو آھي. ڏٺو ويو آھي تھ نوڪري ملڻ کان پوءِ تقريبن سمورا ماڻھو آرام ڪندا آھن پر امر علي جويو صاحب نوڪريءَ دوران حيدرآباد ۾ ھڪ بھترين تعليمي ادار جوڙيو جنھن جو نالو انسٽيٽيوٽ آف اميجن ٽيڪنالاجي آھي جيڪو اڄ بھ قائم آھي. انسٽيٽوٽ آف اميجن ٽيڪنالاجي جيڪو ھن حيدرآباد بلڪھ سموري سنڌ ھڪ وڏو معنيٰ نالو رکي ٿو. نھ صرف ھڪ ادارو جوڙيو پر انھيءَ اداري جي شاگردن کي ھڪ بھترين پليٽ فارم ھڪ آرگنائزيشن جي ذريعي ڏنو جنھن جو نالو يوٿ ايجوڪيشنل سوسائيٽي (يس) جوڙيو. ھن آرگنائزيشن جي ذريعي حيدرآباد ۾ تمام بھترين پروگرام پڻ ڪرايا ويا جھڙوڪ؛ 

آءِڪانز آف سنڌ جھڙي پروگرام جي شروعات جيڪو ھر سال جنوري جي مھيني ۾ ڪيو وڃي پيو جنھن سنڌ جي اُنھن نوجوانن کي ايوارڊ ڏنا وڃن ٿا جن سڄي دنيا ۾ پنھنجي پيار پاڪستان کي مڃرايو آھي. 

نوجوانن جو عالمي ڏھاڙو ملھائي پاڪستان کي ھڪ نئون پيغام پڻ ڏنو ويو آھي ھي پروگرام ھر سال 12آگسٽ تي منعقد ڪيو ويندو آھي جنھن ۾ مُڪل جي اُنھن نوجوانن کي ايوارڊ ڏنا ويندا جن سوشل ايڪٽوٽيز ۾ پنھنجو پاڻ کي مڃرايو آھي انھيءَ سان گڏ اسڪول ۽ ڪاليج جي شاگردن کي مختلف مقابلن ۾ اڳيان وڌڻ جو موقعوپڻ ڏنو ويندوآھي

اُستادن جو عالمي ڏھاڙو ملھائي سنڌ ۽ پاڪستان جي اُستادن کي ھڪ ڀيٽا پيش ڪئي ويندي آھي، ھي پروگرام ھر سال 5 آڪٽوبر تي منعقد ڪيو ويندو آھي جنھن ۾ سال جو بھترين ايوارڊ ڏنو ويندو آھي. 

ڪتابن جو عالمي ڏھاڙو پڻ ملھائي نوجوانن کي ڪتابن جي اھميت بابت اُجاگر ڪيو ويندو آھي ھي ڏھاڙو ھر سال 19 اپريل تي منعقد ڪيو ويندو جنھن ۾ ڪتابن جي نمائش ۽ ليڪچر پروگرام رکيا ويندا آھن. 

امر علي جويو کي مختلف آرگنائزيشن طرفان مڃتا طور تمام گھڻا ايوارڊ انعام پڻ ڏنا ويا آھن جيتوڻيڪ سنڌ يونيورسٽيءَ طرفان بھترين شاگرد جو ايوارڊ پڻ ڏنيو ويو.

امر علي جويو سمورا ڪم تمام بھترين ۽ ايمانداريءَ سان انجام ڏئي رھيو آھي

ھيٺين ادارن امر علي جويو کي مختلف سروسن تحت ايوارڊ ڏنا ويا آهن:

سي آءِ ڪي انسٽيٽوٽ طرفان سندس کي بھترين اُستاد جو ايوارڊ پڻ ڏنو ويو

جي سي آءِ طرفان سندس کي پراجيڪٽ مينيجر جو بھترين ايوارڊ ڏنو ويو

اسرا يونيورسٽي ۽ مھراڻ يونيورسٽيءَ طرفان پڻ ايوارڊ ڏنو ويو 

يوٿ ايجوڪيشنل سوسائيٽي (يس) جي ميمبرن طرفان امر علي جويو صاحب کي آءِ ڪانز آف سنڌ جو پڻ ايوارڊ ڏنو ويو. 

شاھھ لطيف ڄامشورو طرفان بھترين شاگرد جو پڻ ايوارڊ ڏنو ويو

اسٽوڊنٽس ويلفيئر آرگنائزيشن ڄامشورو طرفان پڻ ايوارڊ ڏنو ويو.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment