شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

آچر - 15 - ڊسمبر - 2019ع

تعليم واري وزير سردار شاهه ڏانهن کليل خط


صبح 11 لڳي 08 منٽ -اڱارو 11 Sep 2018  391 
image-1

 

جناب سردار شاهه صاحب!

جناب توھان جي وزير ٿيڻ کان اڳ ئي ان کاتي ۾ ايمرجنسي لڳل آھي ۽ توھان جي ھن کاتي سنڀالڻ کان پوءِ آفيسر توھان کي پنھنجين پريزينٽيشن ۾ ڪرپشن جون ڪھاڻيون ابتيون سبتيون ٻڌائي پاڻ کان پري ئي نہ ڪندا ۽ جيڪڏھن توھان نيڪ نيت ھوندئو پوءِ تہ توھان کي اصل مسئلو سمجھڻ ئي نہ ڏيندا. تعليم کاتي ۾ مٿئين سطح تي گھڻا ئي مسئلا آھن جيئن بجيٽ جي کوٽ، ڪرپشن ۽ سياسي مداخلت پر ان جي نتيجي ۾ ھيٺئين سطح تي استاد، ٻار ۽ والدين ڪيترو لوڙين ٿا، ڪھڙي حالت آھي اسڪولن جي پڙھائي جي، اھو توھان کي ڪير نہ ٻڌائيندو. تعليم جو چرخو عجب چلي، سڀ آفيسر چوندا بلي بلي. سائين اسان ھيترا ماڊل اسڪول ٺاھيا آھن، ھيترا آمريڪا جي بجيٽ سان عالمي سطح جا معياري اسڪول ٺھيا، ڇوڪرين کي وظيفا ڏنا، ميرٽ تي استاد رکيا، ھيڊ ماستر رکيا، سائين ھي پروجيڪٽ، ھو پروجيڪٽ پر ھيٺئين سطح تي ڪھڙي تباھي آھي ڪير نہ ٻڌائيندو توھان کي.

گهڻو ڪري عوام توڙي تعليم کاتي جا ڪامورا تعليم جي تباهي جو ذميوار استاد کي قرار ڏيندا آهن تہ تعليم جي تباھي جو زميوار استاد آھي. استاد نه ٿا پڙهائين، استاد گوسڙو آهن، استادن ۾ اهليت ناهي وغيره وغيره، پر هڪ استاد جيڪو تعليمي سرشتي جو حصو آهي، اهو سڀن کان بهتر ڄاڻي ٿو ته مسئلو ڪٿي آهي ۽ ان جو حل ڇا ٿي سگهي ٿو.

 جڏهن اسان آءِ بي اي جي معياري ٽيسٽ پنجين تي نظر ڊوڙائينداسين ته حقيقتون اسان جي اڳيان اينديون ته سنڌ جي ڪنھن بہ ضلعي 50 سيڪڙو اسڪور بہ نہ کنيو آھي بلڪه 90 سيڪڙو ٻارن سنڌي مضمون ۾ سراسري ٽيھه سيڪڙو ۽ سائنس ۽ رياضي جي مضمونن ۾ 20 سيڪڙو مارڪون بہ نہ کنيون آھن. يعني 90 سيڪڙو فيل ٻار پوئين پنجن سالن جي معياري ٽيسٽن کان وٺي پنجين ۽ اٺين ڪلاس کان پروموٽ يا پاس ٿيندا پيا اچن، يعني پرائمري کان ايليمينٽري، ساڳيو حال آهي. بورڊ جي امتحانن ۾ تہ سواءِ نقل جي امتحان ٿين ئي نٿا. جتي ٻار، والدين، استاد، انتظاميہ، انٽرنل، ايڪسٽرنل، پاڻ بورڊ بہ ان ڪم ۾ لڳل ھوندا آھن ڪيئن اتي ٻارن کي نقل ڪرڻ جي سھولت فراھم ڪئي وڃي. ڇاڪاڻ تہ اھا حقيقت آھي تہ جيڪڏھن نقل نہ ھوندي تہ ساڳيو ئي 90 سيڪڙو ٻار فيل ٿيندا تہ آڱر کڄندي پوري تعليم کاتي تي. تعليم جي معيار ۾ اسان پاڪستان جي سڀني صوبن کان پوئتي آھيون.

پر اھڙن نتيجن باوجود سسٽم اڄ تائين جيئن جو تيئن ھلي پيو. سڀ کان وڌيڪ تباھي پرائمري کان شروع ٿئي ٿي، جتي حالت اھا آھي تہ ڪٿي 100 ٻارن کي ھڪ ئي استاد پنج درجا ۽ سڀ مضمون پڙھائي ٿو ۽ ڪٿي وري 100 شاگردن تي 15 کان 25 تائين استاد آھن پر پڙھائي جو حال برو آھي. اسان وٽ سسٽم اھڙو ٺھيل آھي جو ھڪڙا نوازيل ۽ خانداني استاد آھن جيڪي يا تہ آفيسرن جا مٽ مائٽ آھن يا وري استاد تنظيمن جي عھديدارن جا مائٽ، ھڪڙا، منسٽر يا ايم اين اي جا سفارشي تہ ٻيا صحافتي لڏي جا باقي جيڪي بچن ٿا سي ھلائين ٿا ڪم پئسي تي. سو باقي وڃي بچيا ميرٽ تي آيل استاد، جيڪي بہ ڪجهھ سال پڙھائڻ کان پوءِ ان ئي سسٽم جي چڪي جي ور چڙھي وڃن ٿا. اھڙن استادن کان پڙھائي جو ڪم ڪير وٺندو، ھيڊ چوندو تہ پڙھايو ڀلي پر مونکي خرچي ڪرائيندا رھو. تعلقہ آفيسر چوندو تہ اسڪول اچو ڇو ٿا، پنج ڇھه ھزار ڏئي گھر ڇو نہ ٿا ويھي رھو، بايو ميٽرڪ کي اسان پاڻ ئي ڏسي وٺنداسين. ٽ.او ۽ ڊي او جي ڪمائي وري ھلي ٿي ٽرانسفر ۽ بايو ميٽرڪ جي تبديل ڪرائڻ ۾، ائين ئي مٿئين سطح تائين ويندي ويندي اسڪولن جي بجيٽ تہ ٺھيو پر ٻين ملڪن مان ملندڙ تعليم جا فنڊ بہ کائي ٿا وڃن. اھڙي صورتحال ۾ ڪاوڙ رڳو استاد تي سو بہ ريگيولر استاد تي، بايو ميٽرڪ جو بہ عذاب انھن تي. ڪنھن ايمرجنسي لاءِ بہ شارٽ موڪل ناھي، باقي جيڪي استاد سالن کان گھر ويٺا آھن انھن جو بايو ميٽرڪ سسٽم بہ ڪجھه ناھي بگاڙي سگھيو. اڌ ڪلاڪ دير تي اچڻ وارن جا شوڪاز ليٽر نڪري ويندا آھن پر جيڪي نوڪري جو اڌ عرصو گھر ويٺي عيش ڪندا آيا آھن انھن تي انھن ئي آفيسرن جو آشيرواد ھوندو آھي.

تعليم ۾ پرائمري تعليم جي بنياد جي وڏي اھميت آھي ڇاڪاڻ تہ مضبوط بنياد تي ئي مضبوط عمارت بيھاري سگھجي ٿي، پر ھتي بنياد ۾ ئي ٻيڙو ٻڏل آھي. نيشنل ڪريڪولم موجب ھر درجي جي ھر مضمون لاءِ ڪجھه طئي ٿيل سکڻ جا مقصد آھن جيڪي ھر ٻار لاءِ حاصل ڪرڻ ضروري ھوندا آھن جنھن کان پوءِ ئي اھو ٻار ٻئي درجي جا مضمون پڙھڻ جي قابل ٿئي ٿو پر ھتي حالت اھا آھي جو ٻار جڏھن پنج درجا پڙھي ٻئي مرحلي ايليمينٽري ڪلاس ۾ داخل ٿئي ٿو، تڏھن ھو پنجن درجن جي کوٽ ڇھين درجي ۾ پوري ڪرڻ جي قابل نہ ٿو رھي، پوءِ استاد ڪيترو بہ قابل ھجي ھو ھڪ سال ۾ ان سال جي مضمونن سان گڏ پوئين پنجن سالن جون مھارتون ڪنھن ٻار ۾ نہ ٿو آڻي سگھي، مٿان وري ڊگھا ڪورس پوري ڪرڻ جي لڙڪندڙ تلوار، ڇاڪاڻ تہ جڏھن آفيسر وزٽ ڪري ٿو تہ ھو صرف اھو ڏسي ٿو تہ ڪورس ڪيترو پورو ٿيل آھي ۽ 100 مان ڪيترن ٻارن جون ڪاپيون پوريون آھن ۽ اسان ڪورس مان جتان سوال ڪيون اھو ٻارن کي اچي۽ ڪلاس ڪيترو ڊيڪوريٽ ٿيل آھي، جنھن لاءِ بہ ٻار ۽ استاد پنھنجي کيسي مان خرچ ڪن، اھا ھوندو آھي ھڪ ڏينھن وارو وزٽ. ٻارن کان مسئلا پڇيا ويندا آھن پر ڪو انھن جو مسئلو حل ناھي ٿيندو، ڇاڪاڻ تہ آفيسر تہ مسئلا حل ڪرائڻ لاءِ ان ئي اسڪول جي انتظاميہ کي زباني ھدايتون ڏئي ويندا آھن جيڪي ئي انھن مسئلن جا ذميوار ھوندا آھن، مسئلا حل تہ ناھن ٿيندا پر شامت ايندي آھي ٻارن جي ئي استادن جي. استادن جي بي عزتي سان گڏ ٻارن کي مار موچڙو بہ ھنيو ويندو آھي ۽ آخر ۾ اسڪول مان داخلہ ختم ڪرڻ جي ڌمڪي تہ شڪايت ڇو ڪئي. پرائمري کان پوءِ ايليمنٽري ۽ ھاءِ اسڪولن جو تعداد ايترو تہ گھٽ آھي ۽ تخليقي لکڻيون، پروجيڪٽ، سرگرمي ۽ ليسن پلان، سمعي ۽ بصري سکيا جھڙا نئين دور جا سکيا جا طريقا ڪٿان عمل ۾ آڻي سگھبا جتي ٻارن کي ڪلاسن ۾ ويھارڻ جي گنجائش بہ نہ ھجي ۽ جتي مٿين ڪلاسن ۾ بہ ٻارن کي سنڌي توڙي انگريزي لکڻ پڙھڻ بہ نہ اچي. جو ھڪ ھڪ ڪلاس ۾ 100 کان 150 ٻارن جي داخلا ڪئي ٿي وڃي جتي ڪلاس روم ئي 50 ٻارن جي مناسبت سان ٺھيل  آھن، ٻارن کي ويھارڻ لاءِ نھ فرنيچر آھي نہ ٻيون سھولتون، اسڪولن مان ٻارن جي سکيا لاءِ ايندڙ ڪمپيوٽر غائب، سائنس ليبارٽريون تباهه ٿيل، لائبريريون آھن ڪونه، اسڪولن ۾ واشروم بہ ناھن، نياڻين جي اسڪولن ۾ بہ ويندي ڪاليج تائين واشروم جي سھولت ناھي جيڪڏهن آھي تہ اھي اسڪول انتظاميہ پاران صفائي نہ ڪرائڻ جي ڪري ڀوت بنگلن طور مشھور، ڪجھه نالي ۾ مشھور اسڪول ۾ تہ استادن لاءِ بہ واشروم ناھن، سڄو ڏينھن ٻارن وٽ پيئڻ جو پاڻي ناھي. اسڪول ھلن صرف چاڪ جي خرچي تي ۽ مفت سرڪاري ڪتابن جي آسري تي. ڪلاس ۾ چارٽ کان ويندي صفائي تائين بہ ٻارن جي ذميواري.

پرائمري جي ٻارن جي رزلٽ شيٽ بہ بنا امتحانن جي ٺھندي آھي، اتي زباني امتحانن جي نالي تي صرف ڪاڄ جي دعوت ھوندي آھي، آفيسر ڪلاسن ۾ وزٽ ڪندا آھن، ٻارن کان سوال جواب ڪندا آھن پر جتي ڪورس ٿيل ھجي نہ ھجي، ٻارن کي اچي نہ اچي پر رزلٽ ۾ سڀ پاس استاد بہ شاگرد بہ. اتي زباني امتحان جو بہ ڪوئي نتيجو نہ ٿو نڪري. سيڪنڊري ۾ انسپيڪشن ۾ ھڪ ٻئي جي اسڪولن جا استاد ھوندا آھن جيڪي ھڪ ٻئي جا عيبن کي ڍڪڻ ۾ پورا ھوندا آھن.

پھرئين کان اٺين درجي تائين ٻار سڄو سال اسڪول اچي نہ اچي، ٻارن کي ڪورس مان ڪجھہ اچي نہ اچي، ڀلي پنھنجو نالو لکڻ بہ نہ اچي ڀلي پيپر ڪاپي سڄي خالي ھجي پر اھي ٻار پھرئين کان اٺون درجو بنا ڪنھن رڪاوٽ جي پاس ڪري ويندا آھن، باقي نائين ڏھين لاءِ تہ ڪاپي سسٽم آھي پاس ٿيڻ لاءِ. پرائمري کان پوءِ سيڪنڊري اسڪولن جو انگ ايترو گھٽ آھي جو ھر سيڪنڊري اسڪول ۾ ٻارن جي داخلہ جو تعداد ايڏو ٿي ٿو وڃي جو انھن ٻارن لاءِ نہ استاد آھن نہ ڪلاسن ۾ ويھارڻ لاءِ جاءِ. خاص طور تي ڇوڪرين جا اسڪول پرائمري کان مٿي ڪل اسڪولن جو 9 سيڪڙو آھن يعني اسڪول 9 سيڪڙو ۽ اسان وري ڳالھه ڪريون تعليم ۾ صنفي برابري جي.

اسان جي تعليم کاتي جي سڄي ترجيح داخلہ وڌائڻ تي ھوندي آھي،نہ حاضري تي ڌيان، نہ پڙھائي جي معيار وڌائڻ تي. پر سوچڻ جي ڳالھه آھي جنھن وٽ ٿورا بہ پئسا ٿين ٿا ٻارن جي تعليم تي خرچ ڪرڻ لاءِ اھي پنھنجن ٻارن کي پرائيوٽ اسڪولن ۾ پڙھائين ٿا، چاھي انھن جي پڙھائي ۽ سھولتون ڪھڙيون بہ ھجن ڇو تہ صرف ان ڪري جو انگريزي پڙھائڻ تي ڌيان ڏنو وڃي ٿو ۽ ڪلاس ۾ استاد اچن ٿا ۽ سڀني مضمونن جي پڙھائي ٿئي ٿي ھوم ورڪ وغيره ملي ٿو. جيڪي بہ سرڪاري اسڪولن جا استاد آھن، انھن جا پنھنجا ٻار پرائيوٽ اسڪولن ۾ پڙھن ٿا پر سرڪاري اسڪول جي فائدا وٺڻ لاءِ  ڌ۽ غريب جي ٻار جو حق مارڻ لاءِ سرڪاري اسڪول ۾ بہ ٻارن جي داخلہ رکندا پر پڙھائيندا پرائيوٽ اسڪولن ۾. آفيسر، استاد سرڪاري اسڪولن ۾ داخلہ مھم تہ زور شور سان ھلائي سرڪاري تعليم بھترين تعليم جا نعرا ھڻن ٿا پر پنھنجا ٻار اتي پڙھائڻ لاءِ تيار ناھن تہ مطلب سرڪاري اسڪول ڪھڙن ٻارن لاءِ آھن، اھي جن جا والدين بالڪل غريب آھن جيڪي، ٻارن جي ڪتابن. ڪاپين، ڊريس، خرچي ۽ اسڪول پري ھجڻ جي صورت ۾ ڪرائي جو خرچ بہ نہ ٿا ڀري سگھن، صرف ٻارن کي اسڪول ۾ داخل ڪرائين ٿا مفت ڪتابن، نياڻين کي اسڪالرشپ ملي ٿي، ٻارن کي اٺين ڪلاس جو يا ميٽرڪ جو سرٽيفڪيٽ ملي ٿو وڃي نالي ۾ ٻار پڙھيل ٿي وڃي ٿو، پر غريب والدين بہ سمجھن ٿا تہ ان پڙھائي مان نہ اسان جا ٻار ڪا نوڪري لاءِ ٽيسٽ پاس ڪري سگھن ٿا، نہ ئي انھن وٽ ڪا سفارش يا پئسو آھي جنھن جي ڪري ھو نوڪري وٺي سگھن، ٽيڪنيڪل ڪورسن جو بہ اھو حال آھي جو اسڪولن جا پرنسپل پاڻ ٻارن کي چون ٿا داخلہ وٺو ڀلي سڄو سال نہ اچو، بس نمبر ڏئي ڇڏيو، امتحانن جو ٻڌائينداسين ۽ امتحانن ۾ ڪاپي ڪرڻ لاءِ واٽس ايپ گروپ ٺاھينداسين ۽ اسان توھان جو پيپر بہ ڪرائينداسين اھا حالت آھي تعليمي ادارن جي. اھڙي صورتحال ۾ والدين سمجھن ٿا تہ بھتر آھي تہ ٻار کي اسڪول ۾ داخل ڪرائي جھالت پرائڻ کان چڱو آهي تہ ٻارن کي پاڻ سان گڏ ڪم ڌنڌي تي لڳائي ڪو ھنر سيکارجي. ان ڪري ئي اسان وٽ ھر سال اسڪول کان ٻاھر ٻارن جو تعداد گھٽجڻ جي بجاءِ وڌندو ٿو وڃي.

انهن مسئلن جو ڪير ذميوار آهي، اهو آهي ان اسڪول جو هيڊ يا انچارج جيڪو به آهي. جنهن به اسڪول جي رزلٽ صحيح نه هجي ۽ اتي اهي مسئلا هجن ته پڇا صرف هڪ ماڻهو کان ڪجي جيڪو انتظامي طور ان اسڪول جي هر ٻار جي پڙهائي جو ذميوار آهي. جيڪڏهن استادن ۾ ويزا سسٽم آهي يا گوسڙو آهن يا ڪلاسن ۾ نه ٿا وڃن يا پڙهائين نه ٿا ته اهو سڀ به هيڊ جي آشيرواد سان، گھڻا ھيڊ تہ اھڙا آھن جن کي ھر پڙھائڻ واري، ريگيولر استاد کان چڙ ھوندي. باقي صرف جيڪي گھر ويھن يا نہ پڙھائين، مال کارائين اھي ئي انھن لاءِ محنتي استاد آھن، بيسٽ ٽيچر جو ايوارڊ بہ انھن استادن کي ملندو جيڪي ڪلاس ۾ پير ئي ناھن رکندا. ٽريننگ ۾ بہ آفيسرن طرفان پنھنجن مٽن مائٽن استادن جا نالا ڏنا ويندا. ھر سال انسپيڪشن جو فارميٽ ڀريو ويندو آھي پر ڪڏھن ان جي ڪا جامع رپورٽ ناھي ڏني ويندي ۽ نہ ئي ان بنياد تي ڪڏھن ڪو ڪم ٿيو. اهڙي ماحول ۾ مونکي ٻڌايو هڪ استاد جو ڪهڙو ڏوهه آهي اسڪولن ۾ ميرٽ تي آيل استادن سا وڏي تبديلي پئي اچي جو اهي استاد پنهنجي محنت صلاحيت ۽ ايمانداري سان پڙهائڻ جي ڪري ٻارن ۾ پڙهائي جي شوق ۽ مهارتن ۾ اضافو ٿيو آهي، اتي ئي تعليم کاتي توڙي سنڌ سرڪار انهن سان ٻيائي وارو رويو رکي ويٺي آهي انهن کي ريگيولر نه ٿو ڪيو وڃي انهن کي انهن جا جائز اسڪيل نه ٿا ڏنا وڃن.

ان لاءِ آئوٽ آف اسڪول ٻارن جو تعداد گھٽ ڪرڻ ۽ حاضري وڌائڻ جو ھڪ ئي منصوبو ڪامياب ٿيندو تہ توھان معياري تعليم ڏيو، اسڪولن ۾ سھولتن جي کوٽ ختم ڪيو.  ٻين ابتن سبتن فيصلن کي ڇڏي جيڪڏهن فقط هڪ قانون لاڳو ڪيو وڃي ته هرسال پنجين ۽ اٺين ڪلاس جي ٻارن جو امتحان ٽين ڌر وٺي ۽ اھو صرف ھڪ معياري ٽيسٽ نہ ھجي پر ان سان گڏ زباني سوال، پروگريس رپورٽون، حاضري جو رڪارڊ، اسڪول جي سھولتن ۽ استاد ۽ شاگردن جي شرح اھي سڀ شيون ڏسي ٻارن کي پروموٽ ڪيو وڃي. ان کان پوءِ جنھن اسڪول جي رزلٽ صحيح نہ اچي ان اسڪول جي ھيڊ کان پڇا ڳاڇا ڪئي وڃي تہ وڏي تبديلي اچي سگھي ٿي. پوءِ اھو ھيڊ نہ ويزا سسٽم ھلڻ ڏيندو، نہ ئي ٻارن کي غير حاضري جي صورت ۾ پاس ڪرڻ جي اجازت ڏيندو، استادن کان بھترين ڪم ھيڊ ئي وٺي سگھي ٿو. ان صورت ۾ وڏن آفيسرن جي اسڪول جي عملي ۽ ھيڊ جي وچ ۾ مداخلت بہ گھٽائڻي پوندي ۽ ھيڊ جا اختيار وڌائڻا پوندا، ھتي حالت اھا آھي جو جيڪي ميرٽ پاس ھيڊ ٽيچر آءِ بي اي ٽيسٽ پاس جيڪي مقرر ٿيا آھن، انھن کي ڊي ڊي او پاور ئي نہ ٿا ڏنا وڃن، انھن کي اھي بہ اختيار ناھن جو ھو ھڪ پٽيوالي کي بہ ڊيوٽي جو پابند ڪري سگھن.

ٻيو تہ ضلعي سطح تي ھڪ غيرجانبدار تعليمي بورڊ جوڙيو وڃي جنهن ۾ ساک وارن ادارن جا ساک وارا تعليمي ماهر شامل هجن، جيڪي اسڪولن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺن ۽ ڪنهن به ڪوتاهي جي صورت ۾ هيڊ ماسترن کان جواب طلبي ڪئي وڃي، جنھن ۾ والدين، ٻار توڙي استاد بہ پنھنجون شڪايتون پھچائي سگھن. اتي ئي ضروت ان ڳالهه جي آهي ته هيڊ ماسترن جي آفيسرن جي ڪرپشن ۽ بيجا مداخلت جون شڪايتون بہ اھو بورڊ حل ڪري سگھي.

استادن کي ٽريزري ۽ آفيسرن جي ڪرپشن جي چڪي کان آزاد ڪيو وڃي، استادن کي انھن جي رزلٽ جي حساب سان بونس ۽ ترقيون ڏنيون وڃن، ميرٽ تي آيل استادن  توڙي ھيڊ جي مھارتن جو اسڪول جي بھتري لاءِ استعمال ڪجي اھي ئي آھن  جيڪي اسان جي اسڪولن کي ايڪيھن صدي جي اسڪول جو معيار ڏياري سگھن ٿا.

 

رابعہ آصف - دادو

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment