شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

اڱارو - 17 - سيپٽمبر - 2019ع

اسان جي ڳالهه جي ڳل تان، اڃان ڳوڙهو ڳڙي ٿو پيو


صبح 11 لڳي 07 منٽ -سومر 10 Sep 2018  231 
image-1

هڪ شاعر جي دل خانابدوشين جا سمورا جهان جهاڳي سگهي ٿي، رولاڪين جون ڪئي راتيون جنمي سگهي ٿي، ريشم جا خواب اڻي سگهي ٿي ۽ انهن خوابن ۾ سون سريکن تصورن جا ڌاڳا پوئي سڄي زندگي خواهشاڻي چادر چوڙي سگهي ٿي. هڪ شاعر جي دل دنبوري جي تار جيان لرزي به ٿي ۽ اها لرزش اهڙن رقصن کي جنمي سگهي ٿي جن تي قونيا جا ڪيف به فدا ٿيڻ لاءِ تيار ٿي وڃن: 

قونيا ۾ ڪيف وارو روميءَ جو رقص آهي

هن دل قلندريءَ ۾ دم دم ڌمال آهي

هن حسين تصورن جو خالق، اهڙي خوبصورت سوچ جو سرجڻهار، اسان سڀني جو دادلو شاعر، حسن درس ,سندس شاعريءَ جي ٻک ۾ جڏهن به وڃجي ٿو ته سندس سموريون يادون اندر جي اٿاھ ساگر ۾ اٿل پٿل بيدار ڪن ٿيون ۽ پوءِ ڳوڙهن جي وڏڦڙي کان پوءِ اسان جون ڌنڌليون اکيون ماضيءَ جي آسمان ۾ جهلمل جهات وجهن ٿيون جتي حسن درس جي حياتيءَ جو سفر هڪ فلم جيان اسان آڏو هلڻ لڳي ٿو.

نئين ٽهيءَ ۾ جديد سنڌي شاعريءَ جي نمائندي شاعر حسن درس جو جنم، 5 سيپٽمبر 1966ع تي ڳوٺ مشائخ هوٿي، تعلقي ۽ ضلعي ٽنڊي الهيار ۾، حاجي غلام رسول درس جي گهر ۾ ٿيو. حسن درس جا وڏا اصل ۾ لاکا ذات جا آهن، پر سندن ڏاڏي مشائخ هوٿي لاکي کي سهرورديه سلسلي جي ملتاني بزرگ هٿان خلافت ۽ ’درس‘ جي خطاب ملڻ کان پوءِ ’درس‘ سڏجڻ لڳا. حسن درس تي نالو به سندس ڏاڏي محمد حسن درس جو رکيو ويو، ان ڪري ڏاڏي جي نسبت سان کيس گهر ۾ لاڏ مان ’ڏاڏو‘ سڏيندا هئا.

حسن درس ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان ورتي ۽ اٺين ڪلاس تائين مڊل اسڪول مشائخ (قاضي احمد) مان تعليم حاصل ڪيائين، جنهن کان پوءِ هن مئٽرڪ مسلم هاءِ اسڪول ٽنڊي الهيار مان ڪئي. اڳتي هلي ايم. اي (سنڌي) سنڌ يونيورسٽي، ڄام شوري مان ڪيائين.

حسن درس 16 سالن جي ڄمار کان شاعري شروع ڪئي ۽ اڳتي هلي پنهنجي ٽهيءَ جو سرواڻ شاعر بڻجي ويو. هن جي شاعريءَ ۾ موسيقي، رواني ۽ فڪري تسلسل ڪمال درجي جو آهي. سندس شاعريءَ ۾ فطرت جي حسين منطر نگاريءَ ۽ سنڌ جي ذري ذري سان اٿاهه محبت سان گڏ تصوف جو رنگ به موجود آهي. حسن درس ڪيترا ئي عالمي نوعيت جا نظم لکيا آهن. 

حسن درس پنهنجن نظمن ۾ سنڌ جي تاريخ ۽ جاگرافيءَ کي انتهائي وڻندڙ ۽ خوبصورت انداز ۾ پيش ڪيو آهي. سندس نظم ’ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو‘ ان جو عمدو مثال آهي. پهريون ڀيرو هن شيخ اياز آڏو 1987ع ۾، پريس ڪلب حيدرآباد ۾ پنهنجو نظم ’ننگي سرمد جي حضور ۾‘ پيش ڪري کيس متاثر ڪيو هو. شيخ اياز چواڻي ته: ”حسن درس نوجوان دلين جو ڀلوڙ شاعر آهي، سندس شاعريءَ ۾ خوبصورت تشبيهون، ٻوليءَ جو حسن ۽ ٽيڪنڪ ستارن جيان جرڪي ٿي.“

حسن درس 4 فبروري 1993ع تي نامور ڪهاڻيڪاره ماهتاب محبوب جي نياڻيءَ، ارم محبوب سان شادي ڪئي، جنهن مان کيس ٻه پٽ روحل ۽ چيزل ۽ هڪ نياڻي ردم آهي. حسن جي اوچتي ۽ دکدائڪ وڇوڙي تي ميڊم مهتاب محبوب ۽ ادي ارم جي اندر جي پاتار مان ڦٽندڙ ڏک جي اظهار جا لفظ حسن سان سندن پيار جا پڙاڏا بڻجي اسان جي ڪنن منجھ گونجي رهيا آهن، ۽ حسن جو پيار ويتر وشال ٿي ڪائناتن جا به دنگ اورانگهي وڃي ٿو ۽ هو پنهنجي شاعريءَ وسيلي اسان سان مخاطب ٿي اهي منظر پسائي ٿو جيڪي هوند اسان جي اک شايد ڪڏهن به ڳولي نه لهي ها جي حسن انهن طرف اسان جو ڌيان نه ڇڪائي ها:

پکي پرديس جا سُورج پرن پويان لڙي ٿو پيو،

ورڙ ان واٽ تي ويٺل، اڳيان جت رڻ رڙي ٿو پيو.

لڳي وئي لاڙ سان آ لَنئون، اوهان کي ٻيو ڀلا ڇا چئون

اسان کي عشق، سارين جيئن ڇنڊي ڦوڪي ڇڙي ٿو پيو.

عمر جي آڱرين مان ڏس، ڦلن وانگي ڇڻون ٿا پيا،

سڄڻ سگريٽ، سستي جيئن سڄو ماڻهو سڙي ٿو پيو.

پُراڻو عشق پوڙهي جيئن، وڄت نڙ ڦُوڪ مان نڪتو

ملڻ هي مير محمد جو، جوانن کي جڙي ٿو پيو.

اوهان مُرڪي ملي آخر، هليا ويا شهر پنهنجي ڏانهن،

اسان جي ڳالهه جي ڳل تان، اڃان ڳوڙهو ڳڙي ٿو پيو.

وطن ۾ بي وطن معشوق، عاشق جو ملڻ ڪهڙو،

زمانو زور تي تڙ تان، تماچين کي تڙي ٿو پيو..!

حسن درس 1988ع کان 2008ع تائين مختلف اخبارن، رسالن ۽ ٽي. وي چئنلن سان لاڳاپيل رهيو.

حسن جي شخصيت جو جادو ته اڄ به اثر رکي ٿو پر پاڻ هاڻ اسان ساڻس مخاطب نٿا ٿي سگهون بس رڳو هن جي شاعريءَ سان ئي همڪلام ٿي سگهون ٿا، سندس خيال کي خيال ۾ ٻکي سگهون ٿا، سندس سوچ کي ئي سوچ جي ڳراٽڙي پائي سگهون ٿا، سندس شاعريءَ جي شرير ڇوڪريءَ سان ئي ڪچهريون ڪندا آهيون، هو شاعريءَ سان ڳجھ ڳوھ ۾ ڪچهريون ڪندو هيو، شاعريءَ سان مخاتب ٿيندو هو ۽ پوءِ شاعري سندس پلئه ۾ جيڪو ڪجھ به وجهندي هئي اهو آڻي عام آڏو رکندو هو.

فائيل فوٽو

حسن جي شاعريءَ ۾ شهري ۽ ڳوٺاڻي زندگيءَ جي ويڇن، اڻبرابرين ۽ وڇوٽين جو ذڪر چٽو نظر اچي ٿو، هو پنهنجو ڳوٺ مشائخ هوٿيءَ کي محبوب ڳوٺ ڪوٺيندو هو، شهرن جي رولاڪيءَ کانپوءِ هن لاءِ اهو ڳوٺ ماءُ جي هنج جهڙي پناهه وانگر هو، رستي ۾ هو ٽنڊي آدم سان به پيار جي پاند ۾ ٽاڪبو ويندو هو. شهري سماج ۾ رهڻ باوجود هو ڳوٺاڻي ماحول لاءِ ماندو هوندو هو ۽ چوندو هو ته:

ڪيڏي خار ٿي هن کي اچي!

هو الائي ڇا ته ٿو چاهي؟

سدائين ڳوٺ ٿو ڪاهي.“

هو پنهنجي درد کي عشق ۾ لڪائڻ جي ڪوشش ٿو ڪري، هو ڄاڻي واڻي پاڻ کي رنگين مزاجيءَ ۾ ٻوڙڻ ٿو چاهي، پر هر ڀيري هن جو درد صبح جي سهاڳڻ وانگر نڪري ۽ نکري ٿو اچي. هو جيڪو سنڌي ٻوليءَ جي سيني ۾ دل وانگر سدائين ڌڙڪندو رهندو، حسن درس، مزاج ۾ روحاني رمز رکندڙ ضرور هيو پر هن جي اها سوچ به ڀٽائي ۽ سچل سرمست جي تسلسل ۾ هئي. 

حسن درس فقير منش انسان هو، مرڪ هميشه هن جي چپن تي پوپٽن جيان سجيل رهي. حسن درس جي شاعري، سندس سرجيل گيت، غزل نظم سندس دوستيون، سندس محبتون، سندس ماڻهن کي ڏنل پيار سند شخصيت ۽ سندس آواز هميشه تاريخ جي ورقن ۾ زنده رهندو. حسن درس جي شاعريءَ ۾ سندس سنڌ سان محبت ۽ اپٽار سج جي روشنيءَ جيان پکڙيل آهي، جنهن جي سوجهري سڄيءَ سنڌ کي روشن ڪري ڇڏيو. سندس هڪ ئي نظم “ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو” جيڪڏهن پڙهجي ته سڄي سنڌ ڄڻ ته ان نظم اندر تسبيح جي داڻن جيئن هڪ ئي ڌاڳي ۾ پوئيل نظر ايندي:

حسن درس سنڌي شاعري کي جديد دور جو اهڙو ويس ڍڪايو، جنهن لاءِ سنڌي شاعري صدين کان ڳولا ۾ هئي. هُن اهڙن خيالن سان اسان جي ٽهي جي شاعر ي کي مالامال ڪيو، جنهن جو انهي کان اڳ ۾ ڪڏهن ڪنهن تصور ئي نٿي ڪيو، سنڌ جا ڪيترا ئي شاعر اڄ به حسن درس جي صف ۾ بيهڻ جون سڌون ڪندا آهن، هو واقعي سنڌ جوهڪ اهم شاعر هو، جنهن کي جن به سڃاتو انهن هُن سان پيار ڪيو. اڄ به سنڌ جا ڪئي شاعر حسن درس جي شاعري جهڙو گهاڙيٽو گهڙڻ جون ڪوششون ڪندا آهن. حسن درس لاڙ تان ڀيرا ڪندي بوڙينڊي جي روايت کي جياريندڙ استاد مير محمد لنڊ کي خراج ڏيندي لکيو هو ته:

پُراڻي عشق پوڙهي جيئن، وڄت نڙ ڦُوڪ مان نڪتي

ملڻ هي مير محمد جو، جوانين کي جڙي ٿو پيو.

حسن دولت بدران دوستن جي دولت گڏ ڪئي، هو انهي ڪري ڀلو ماڻهو هو جو هو لاڳاپا رکڻ ۽ نڀائڻ ڄاڻندو هو. هن سنڌ جي ماڻهو کي اندر تائين پرکيو، هو انهي جي روح ۾ لهي ويو ۽ پوءِ اسان ڏٺو ته ڪئين شاعري، لفظن جون ڇيرون پائي ۽ حسين خيالن جا ويس ڍڪي اسان جي روحن کي گرمائيندي رهي. انهي شاعري جو اثر گهڻا ورهيه ٿيا، پر اڃا تائين اهڙو ئي تازو آهي جهڙو ڪالهه هو.

حسن درس، 15 جون 2011ع تي، اسر ويل حيدرآباد ۾ واڌو واهه وٽ حادثي جو شڪار ٿيو ۽ ڪيترا ڪلاڪ ٻن پوليس ٿاڻن قاسم آباد ۽ جي. او. آر جي حد جي تڪرار سبب زخمي حالت ۾ پيو رهيو ۽ گهڻو رت وهي وڃڻ سبب گذاري ويو. سندس اوچتي موت سبب سڄيءَ سنڌ سوڳوار ٿي وئي. سنڌ جي اديبن ۽ شاعرن، حسن درس جي وڇوڙي کي وڏو سانحو قرار ڏنو ۽ کيس هزارين آلين اکين سان ڳوٺ مشائخ هوٿيءَ ۾ پنهنجن ابن ڏاڏن جي قديمي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. 

حسن جيتوڻيڪ هاڻي اسان ۾ ناهي رهيو پر هو اسان جي دلين ۾ هميشھ جيئرو رهندو، هو ائين ئي کلندو رهندو جيئن اڳي کلندو هو. اسان هُن جي مُرڪ کي به ائين سانڍي رکنداسين، جيئن اسان هن کي، هُن جي جيئري ساهن ۾ سانڍيو هو. دنيا ۾ اهڙو ڪهڙو ماڻهو آهي، جيڪو مري نٿو، پر اصل ڳالهه آهي ته ماڻهو مرندو تڏهن آهي جڏهن هو تاريخ جي قبرستان ۾ گمنام قبرن مان ڪا هڪ قبر بڻجي وڃي. پر حسن اسان جي ايندڙ نسلن جي دلين تي به پنهنجا ديرا ائين ئي ڄمائيندو جيئن هو اسان جي دلين جي ديرن ۾ ويٺل آهي، اسان جي دلين جي ڪيٽي بندر ۾ هُن جي ٻيڙي سدائين لنگر ٿيندي رهندي ۽ اسان هُن جو ۽ هُن جي شاعري جو پنهنجي اکين ۾ پيار جو سرمو پائي آڌر ڀاءُ ڪندا رهنداسين. هن جي وڃڻ سان سنڌ کي ٻه وڏا نقصان ٿيا آهن. هڪ اهو ته سنڌ هڪ اهڙي شاعر کان محروم ٿي وئي، جنهن جي سيني مان اڃا الائي ڪيترا شعر لفظن جو روپ ڌاري اچڻا هئا. ٻيو نقصان اهو ٿيو آهي ته سنڌ هڪ اهڙي ڀلي ماڻهو کان محروم ٿي وئي آهي، جيڪو بنا ڪنهن لالچ جي سنڌ ۽ ماڻهن سان پيار ڪندو هو. جيتوڻيڪ هو هاڻي اسان ۾ ناهي رهيو، پر هو ۽ هن جي شاعري سدائين اسان سان رهندي.

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment