شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

- 21 - مارچ - 2019ع

آصف زرداري ۽ بلاول نيب آڏو پيش، پوليس ۽ ڪارڪنن وچ ۾ چڪريون، ڪيترائي گرفتار

تازھ ترين

سنڌ جي لوڪ ۽ عوامي گلوڪاره فوزيه سومرو


صبح 09 لڳي 49 منٽ -اڱارو 04 Sep 2018  85 
image-1

مشهور عوامي گلوڪاره فوزيه سومرو جو اصل نالو ”حڪيمان” هو، سندس جنم 1969ع ۾ ٿر جي کارسر جبل ڪناري هڪڙي ننڍڙي ڳوٺ ويرواهه ۾ نٿو خان سومرو جي گهر ۾ ٿيو، سندس والده جو نالو ”ستان“ هو، سندس والد حمد ۽ نعتون ڳائيندو هو ۽ ٽنڊو محمد خان جي فوجي شگرملز ۾ نوڪري ڪندو هو۔ 

سندس وڏا اصل ٿر جا رهاڪو هئا۔ فوزيه سومرو ننڍپڻ ۽ جواني ٽنڊو محمد خان ۾ گذري. فوزيه سومرو مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ سورنهن سترهن سالن جي عمر ۾ ڳائڻ شروع ڪيو. 

ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي انور بلوچ ۽ نصير مرزا کيس متعارف ڪرايو. سندس شروعاتي ڪلام "بي قدرا قدر نه ڪيڙئي ڪو" ڏاڍو مشهور ٿيو. موسيقيءَ جي حوالي سان فوزيه سومرو استاد نياز حسين، استاد مجيد خان ۽ غلام حسين ڪليري کان سکيا ورتي. 

لوڪ موسيقي سندس مقبوليت جو سبب بڻي. فوزيه سومرو جون 110 ڪيسيٽون مارڪيٽ ۾ آيون. فوزيه سنڌ جي ڪيترن ئي شاعرن جي شاعري ڳائي پر هن سڀ کان وڌيڪ شاهه لطيف، بلاول اوٺي، شيخ اياز، سائينداد ساند، غلام حسين ڪليري ۽ علي محمد اڏيرائي کي ڳايو. هن سنڌي، اردو، سرائيڪي، بلوچي ۽ مارواڙي ٻولين ۾ به ڳايو.

فوزيه سومرو ملڪ کان ٻاهر سعودي عرب، دبئي، ڀارت وغيره ۾ پڻ پنهنجي آواز جو جادو جاڳائي مڃتا ماڻي. کيس شاهه لطيف ايوارڊ، شهباز ايوارڊ، سميت لاتعداد ايوارڊن سان نوازيو ويو. هن ٽنڊو محمد خان جي زميندار مصري سٺيو سان پيار جو پرڻو ڪيو هو، جيڪو پرڻو 4 سالن بعد پڌرو ڪيو ويو هو، کيس ڪرن نالي هڪ نياڻي آهي، جنهن پڻ راڳ جي سکيا ورتي.

سنڌ جي هن ڀلوڙ لوڪ فنڪاره 4 سيپٽمبر 2002ع تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو. کيس ٽنڊو محمد خان جي سخي برهان شاهه قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.

توڙي جو فوزيا سومرو کي وڇڙئي سورنهن سال گذري ويا آهن پر سندس آواز اڄ به جهر جهنگ ۾ گونجي ٿو.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment