شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

آچر - 15 - ڊسمبر - 2019ع

پاڪ ڀارت پاڻي واري مسئلي تي لاهور ۾ ڳالهيون ٿينديون


صبح 06 لڳي 24 منٽ -سومر 27 آگسٽ 2018  165 
image-1

پاڪستان ۽ ڀارت مستقل انڊس ڪميشن وچ ۾ پاڻي تڪرار جي معاملي تي ٻه ڏينهن ڳالهيون 29 ۽ 30 آگسٽ تي لاهور ۾ ٿيندا، هڪ رپورٽ موجب ٻنهي ملڪن وچ ۾ انهن ڳالهيون ۾ پاڪستان، ڀارت پاران هائيڊرو پاور ۽ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي ٻن تڪراري منصوبن تي پنهنجا سنجيده اعتراض سامهون رکندو.

ان حوالي سان سرڪاري عهديدار ٻڌايو ته انڊين واٽر ڪمشنر پي ڪي سڪسينا جي وفد سان اڱاري تائين لاهور پهچڻ جو امڪان آهي جٿي ايندڙ ڏينهن پاڪستاني هم منصب سيد مهر علي شاه سان ٻه ڏينهن ڳالهيون جو آغاز ٿيندو، ان چيو ته انهن ڳالهيون ۾ اسلام آباد جي تحفظات جي باوجود ڀارت پاران چناب درياءَ تي هڪ هزار ميگاواٽ جي پاڪل دل ۽ 48 ميگاواٽ جي لوئر ڪلنائي هائيڊرو اليڪٽرڪ منصوبن جي تعمير تي پاڪستان پنهنجا خدشا ظاهر ڪندو.

ان چيو ته پاڪستان انهن منصوبن جي ڊزائن تي تحفظات پهريان ئي ظاهر ڪيا هيا ۽ هو چاهي ٿو ته ڀارت انهن منصوبن جي ڊزائن ۾ 1960 جي سنڌ طاس معاهدي جي تحت تبديلي ڪري يا انهن منصوبن کي ان وقت تائين روڪي جيسيتائين دهلي، اسلام آباد کي مطمئن نه ٿو ڪري، عهديدار چيو ته ٻنهي ملڪن پاران مستقبل ۾ انڊنس ڪميشن جي ملاقات ۽ ۽ انڊس ڪمشنرز جي ٽيم جي دورن جي شيڊول کي به حتمي شڪل ڏني ويندي، ان چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت جي واٽر ڪمشنرز کي هڪ سال ۾ ٻه ڀيرا ملاقات ڪرڻ، منصوبن ۽ اهم دريائن جي ٽيڪنيڪي دورو ڪرڻ جو پابند ڪيو ويو هيو پر وقت تي ملاقات ۽ دورن جي معاملي ۾ پريشاني سان پاڪستان کي ڏکيائين سان منهن ڏيڻو پيو.

خيال رهي ته پاڪل دل ۽ لوئر ڪلنائي ٻئي منصوبا چناب درياءَ جي ٻه مختلف حصن تي آهن ۽ ڀارت پاران گذريل سال مارچ ۾ واعدو ڪيو ويو هيو ته هو انهن منصوبن جي ڊزائن ۾ ردوبدل ڪري پاڪستان جي تحفظات کي دور ڪندو.

پر ائين نه ڪيو ويو، هتي جي اسلام آباد جي تحفظات جي باوجود هلندڙ سال مئي ۾ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي هڪ هزار ميگا وارٽ جي پاڪل دل منصوبي جي سنگ بنياد رکي هئي، ان حوالي سان پاڻي جي شعبي جي اڳوڻي عهديدار چيو ته اهو ڀارت جو اندازو آهي ته هو 1960 جي معاهدي جي خلاف ورزي ڪندي تڪراري منصوبو تعمير ڪري رهيو آهي ڇو ته هو ان کان اڳ به باگلهار ۽ ڪشن گنگا جهڙا تڪراري منصوبا شروع ڪيا آهن، ان چيو ته انهن منصوبن جي تڪميل جي دوران نئي دهلي اسلام آباد کي ٽيڪنيڪي طور تي مصروف رکندي جڏهن ته ٻئي طرف ان وقت تائين ڪم جاري رکندو جيسيتائين اهي حتمي مرحلن ۾ نه ٿا پهچي سگهن.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment