شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

ڇنڇر - 19 - سيپٽمبر - 2020ع

۽ بُرش ڀڄي پيو


صبح 11 لڳي 58 منٽ -آچر 05 آگسٽ 2018  334 
image-1

اهو ڪهڙو پل هو، جنهن ۾ لاهور جي انسٽٽيوٽ آف آرٽ يونيورسٽي جي ٽي منزلھ عمارت تان اڇلايل قطب جي هڪ آهه اٿي هئي۔ سوشل ميڊيا تي اهو به لکيو ويو آهي ته سندس اھي هٿ به ڀڳا ويا هئا جن سان هوحسين منظر چٽيندو هو ۽ انهن منظرن ۾ وسيع ڍنڍ هوندي هئي ۽ ٻيڙي به جنهن ۾ جوڙو پنهنجي ٻانهون هڪ ٻئي جي ڳلي ۾ وجهي پيار جي پار پڄندو هو ۽ انهن منظرن ۾ گل، ٻوٽا، پکي، پکڻ ۽ قسمين قسمين گاهن جا نمونا هوندا هئا ۽ انهن منظرن ۾ اها ڪشش هوندي هئي، جيڪا فطرت جي حسين وادين ۾ هوندي آهي۔

اهو ڪنهن کي به پتو ناهي ته هن جون اهي ٽنگون ڇا لاءِ ٽوڙيون ويو هيون۔ جيڪي لاهور جي روڊن کان ويندي آرٽ يونيورسٽي جي وسيع ميدانن کان ويندو فيڪلٽي جي ڪاريڊور ۾ دوستن سان جام چڪر لڳائينديون هيون ۔ مونکي ته اهو سوچي حيرت جا جهان کلندي نظر ٿا اچن ته اهي ٽنگون ايڏي بي رحميءّ سان ڀڳيون ويون آهن ۔ جن جيڪب آباد کان لاهور طرف عياشي جي لاءِ نه پر آرٽ ۽ علم جي اڃ اجهائڻ لاءِ پنڌ ڪيو هو.

انڌي ديس ۾ آرٽسٽ ائين بي درديءّ سان ماريا ويندا آهن ۔ اها مونکي اڄ خبر پئي آهي ۽ اهو ڪنهن به نه سوچيو ته، آرٽسٽ جي اک امن جي اجري پکيءّ جيئن نرمل هوندي آهي ۽ اها اک انڌيرن ۾ نرمل روشني ڦهلائڻ جا خواب ڏسندي آهي. 

قطب جي قد ڪاٺ مان ئي لڳي رهيو آهي ته هو هڪ حسين آرٽسٽ ھوندو۔ مون جڏهن هن جي وال کي سرچ پئي ڪيو۔ سچ پڇو ته آئون حيران ٿي ويس ته ھو ايڏو ڪمال جو آرٽسٽ ھو! هڪڙا ماڻهو ته رڳو نالي چڙھيا هوندا آهن ۽ انهن وٽ ڪجهه به نه هوندو آهي ۽ هڪڙا ماڻهو اهڙا هوندا آهن جيڪي پنهنجي لُڪ ۾ ئي پنهنجو هڪ ڀرپور تعارف هوندا آهن. قطب جون تصويرون ٻڌائن ٿيون ته هو سراپا آرٽسٽ هو۔ کليل وار، اکين ۾ جوت، بيهڻ جي انداز کان ويندي چهري جي چمڪ تائين جهڙوڪ ته مائيڪل اينجلو جو شاهڪار هو۔!

مصور جيڪي ڪائنات تخليق ڪرڻ جيتري سگهه رکندو آهي ۽ هو ايتري حد تائين به سگهارو هوندو آهي جو هڪ دؤر کي هڪ بُرش سان تخليق ڪري سگهي ٿو ۽ هو عمر جي آخري حصي تائين رنگن سان روح ريجهائيندو رهندو آهي ۽ حسين فن پارا پيدا ڪندو رهندو آهي. مصور۔ جي مام کي سمجهڻ لاءِ آرٽ واري اک هئڻ ضروري آهي ۽ فن ۾ فنا ٿيڻ جو جنون به هئڻ ضروري آهي.

هي هڪ قتل ناهي پر هزارين قتل آهن جن جي ايف آء آر فيض احمد فيض جي وطن تي اڄ ڪٽرائي ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرائيندي فيض سان مخاطب ٿي ڪري مان اهو ضرور چوندس ته تنهنجي ديس جي ماڻهن منهنجي سٻاجهي سنڌ جي آرٽ جو اهو برش ڀڳو آهي جنهن کي اروڙ جو اهو منظر چٽڻو هو جنهن ۾ راجا ڏاهر پنهنجي پوري طاقت سان تخت تان اٿي ڪري وطن جي دفاع لاءِ تيز تلوار هلائيندي وطن تان وارجي ويو هو ۽ ان برش کي اهو منظر به تخليق ڪرڻ هو جنهن ۾ آئيندي جي خوشخبري ڏسڻي هئي ۽ خوشحال سنڌ جي پرچم کي اروڙ تي ڦڙڪندو ڏيکارڻو هو! ڪيڏي نھ ڏک جي ڳالھ آھي جو وري مذھبي رنگ ڏئي آرٽ جو سرِعام قتل ڪيو ويو آھي، ان کي ڪيڏي نھ بي رحم سان اوچي عمارت تان اڇلايو ويو آھي. تاريخ ھڪ ڀيرو ٻيھر پاڻ کي ورجايو آھي. اڄ وري اورنگزيب دارا ۽ سرمد کي اوچي منارن تان اڇلائي ماريو آھي....!

سج پهاڙن پويان، منهن ڀر پيو،

ڄاڻ پيو ڪر موڙي، ٿڪ ڀڃي ٿو۔

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment