قاعدا ۽ قانون:
پيچرو جو يوزر ٿيڻ سان اوهان هيٺئين اصولن تي پهريون ڀيرواچڻ سان ئي عمل پيرا ڪرڻ لاءِ راضپو ڏيکاريو. پيچرو جو اداريو ان ڳالهه جو حق رکي ٿو ته هو ڪنهن وقت به اهي قاعدا قانون مٽائي سگهي ٿو.
پيچرو جو استعمال:
پيچرو تي اوهان ڪنهن به قسم جي غير قانوني (پاڪستان جي آئين، مذهب يا رياست خلاف) ڳالهه نه ونڊيندا ۽ ان ڳالهه جو خاص خيال رکيو ويندو ته اوهان جي ڪنهن به ڳالهه مان پيچرو جو ٻيو يوزر متاثر نه ٿي رهيو آهي.
پيچرو جو حصو بڻجو:
جيئن ئي اوهان پيچرو لاءِ ڪابه لکڻي موڪليو ٿا ته اوهان پيچرو جي اداري کي ان ڳالهه جو مڪمل حق ڏيو ٿا ته اهو پنهنجي معيار کي نظر ۾ رکي ان ۾ ضروري ايڊٽنگ ڪري ان کي پنهنجي پيج تي پاليسي موجب اپلوڊ ڪري. جيڪڏهن ڪابه پوسٽ ٽن ڏينهن اندر اپ لوڊ نٿي ٿي ته ان جو مطلب اهو هوندو ته اها پيچرو جي معيار موجب نه آهي ۽ پيج تي نه رکي ويندي. پيچرو رڳو ڪمپوز ٿيل مواد ئي قبول ڪندو. اوهان جو مواد گهٽ ۾ گهٽ 800 لفظن جو هجڻ گهرجي. ان کان گهٽ ڪابه لکڻي پيچرو قبول نه ڪندو. جيڪڏهن اوهان پيچرو سان فيچر اسٽوري ونڊي رهيا آهيو ته ان لاءِ لازمي آهي ته اسٽوري سان لاڳاپيل فوٽو به پيچرو سان ونڊيو، ٻي صورت ۾ فيچر اسٽوري قبول نه ڪئي ويندي. فيس بوڪ يا واٽس تي موڪليل ڪنهن به قسم جي لکڻي شامل نه ڪئي ويندي.
انٽليڪچوئل پراپرٽي:
سڀ لوگو، ٽريڊ مارڪ، ڪاپي رائيٽ وغيره رجسٽر ٿيل يا اڻ رجسٽر ٿيل پيچرو جي ئي ملڪيت هوندا.
پنهنجي هر لکڻي اوهين اسان کي pechroweb@gmail.com تي موڪلي سگهو ٿا.
رابطو ڪريو
Email: pechroweb@gmail.com
Phone No: 03345437521, 03331382036, 03366827701
اسان جي باري ۾
پيچرو ڇا آهي؟
پيچرو سنڌي ٻولي ۾ بلاگز، مضمونن ۽ فيچر اسٽورين جي نرالي ويب سائٽ آهي، جيڪا حيدرآباد مان سال 2018ع کان ڪم ڪري رهي آهي. جديد دور جي گهرجن کي سامهون رکندي پيچرو سنڌي قوم ۾ شعور ۽ بيداري پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. پيچرو صحافتي ۽ ادبي گهرجن کي سامهون رکي مضمون، فيچر ۽ بلاگ اپلوڊ ڪندي آهي. اسان وٽ لکندڙن جو هڪ وڏو حلقو آهي جيڪو، سياست، مذهب، معاشيات، سماجيات ۽ ادب سان لاڳاپيل فيچر، بلاگ ۽ مضمونن لکي ڏيندو آهي. پيچرو جو ڪنهن به قسم جي سياسي يا مذهبي تنظيم سان ڪوبه تعلق نه آهي ۽ نه ئي پيچرو ڪنهن خاص قسم جي سوچ کي هٿي وٺرائي ٿي. پيچرو اظهار جي آزادي واري اصول تي عمل پيرا آهي.